واپسي
جڏهن ڪپڙن جي ٿيلهي،
کي ڀري نڪتو هئس گهر کان،
تڏهن بابا،امان،ڀائو،
ادي،سوچيو نه هوندو ايئن،
ڪڏهن واپس ايئين ايندس،
مان پنهنجي نوجواني جا،
مان پنهنجي زندگاني جا،
اهي لمحا،
جي سپنن ۾ گذرندا هن،
اهي گهڙيون،
جي ڪنهن جي راھ ڏسنديون هن،
وطن نالي ڪري آيس،
سمورا خواب مان پنهنجا،
صرف سرحد حوالي ڪيا،
مان پنهنجا سارا جذبا،
ڌرتيء جي نالي ڪيا،
مان خوشقسمت هان،
جو اڄ منهنجي ورديءَ تي،،
ستارو آ لڳايو ويو،
۽ منهنجي مان ۾،
سڀ آفيسر ۽ قوم جا جوڌا،
قطارن ۾ اٿم بيٺل،
مگر ڪوئي ڏسي آئون ڪٿي آهيان؟؟
ها هڪ تابوت ۾ بند هان،
ڪڏنهن بابا امان ڀائو،
ادي، سوچيو نه هوندو ايئن،
ڪڏنهن واپس ايئين ايندس،،،
ڪڏنهن واپس ايئين ايندس،،،
جڏهن ڪپڙن جي ٿيلهي،
کي ڀري نڪتو هئس گهر کان،
تڏهن بابا،امان،ڀائو،
ادي،سوچيو نه هوندو ايئن،
ڪڏهن واپس ايئين ايندس،
مان پنهنجي نوجواني جا،
مان پنهنجي زندگاني جا،
اهي لمحا،
جي سپنن ۾ گذرندا هن،
اهي گهڙيون،
جي ڪنهن جي راھ ڏسنديون هن،
وطن نالي ڪري آيس،
سمورا خواب مان پنهنجا،
صرف سرحد حوالي ڪيا،
مان پنهنجا سارا جذبا،
ڌرتيء جي نالي ڪيا،
مان خوشقسمت هان،
جو اڄ منهنجي ورديءَ تي،،
ستارو آ لڳايو ويو،
۽ منهنجي مان ۾،
سڀ آفيسر ۽ قوم جا جوڌا،
قطارن ۾ اٿم بيٺل،
مگر ڪوئي ڏسي آئون ڪٿي آهيان؟؟
ها هڪ تابوت ۾ بند هان،
ڪڏنهن بابا امان ڀائو،
ادي، سوچيو نه هوندو ايئن،
ڪڏنهن واپس ايئين ايندس،،،
ڪڏنهن واپس ايئين ايندس،،،