مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
وائي
سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾
گلـــــن جـــــي گــلزار ۾
يــاد توکــي ڪيم
پيهــــو ٻـــــڌل جــوار ۾
متــــل هُـــل جــھــار ۾
يـــاد توکي ڪيم
مــهڪـــندڙ بــــهــار ۾
خوشبو جي هٻڪار ۾
ياد توکي ڪيم
چـــاھ جـي چهڪار ۾
ســاھ جــي سهڪار ۾
ياد توکي ڪيم
گــدري جــــــي ڦـــار ۾
ڀـــــريـــــل وڄ ڳـــار ۾
ياد توکي ڪيم
اکـــين جـــي اســـرار ۾
ديــدن جـــي ديـــدار ۾
ياد توکي ڪيم
ياد توکي ڪيم
مزمل چانڊيو