• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

وائي

سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾
گلـــــن جـــــي گــلزار ۾

يــاد توکــي ڪيم

پيهــــو ٻـــــڌل جــوار ۾
متــــل هُـــل جــھــار ۾

يـــاد توکي ڪيم

مــهڪـــندڙ بــــهــار ۾
خوشبو جي هٻڪار ۾

ياد توکي ڪيم

چـــاھ جـي چهڪار ۾
ســاھ جــي سهڪار ۾

ياد توکي ڪيم

گــدري جــــــي ڦـــار ۾
ڀـــــريـــــل وڄ ڳـــار ۾

ياد توکي ڪيم

اکـــين جـــي اســـرار ۾
ديــدن جـــي ديـــدار ۾

ياد توکي ڪيم
ياد توکي ڪيم

مزمل چانڊيو
 
جواب: سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾

واه سائين مزمل مطلب اٿيندي ويهندي، کائيندي پيئندي، ڏسندي ڳالهائيندي سڄڻ جي ياد ئي ياد ۔۔۔ بيشڪ جيڪڏهن محبوب اهڙو ئي اعلا هجي ته انجو جلوو ته هر جا تي ئي ملندو ۔۔۔۔ پوِ اها گدري جي ڦار هجي يا انجي ڳر يا وري انجو ذائقو ۔۔۔

جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون۔
 
جواب: سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾

سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾
گلـــــن جـــــي گــلزار ۾
يــاد توکــي ڪيم


مزمل کي واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔

سندس شاعريء ۾ هر روز پختگي پئي اچي۔۔۔۔۔۔ مان شاعر ته ناهيان پر شاعر دوستن کي عرض آهي ته نوجوان شاعرن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪن ، جيئن هو پنهنجي شاعريء ۾ بهتري آڻين۔

مزمل فيس بوڪ تي به گهڻو سرگرم آهي ۽ سندس اڄوڪي شاعري لاجواب آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾

اکـــين جـــي اســـرار ۾
ديــدن جـــي ديـــدار ۾

ياد توکي ڪيم
ياد توکي ڪيم

تمام خوبصورت خيال آھن۔ ايتري ننڍڙي عمر ايڏا وڏا خيال واھ واھ
 
جواب: سرنهن جـــــي ڦـــولار ۾

(سائين نثار احمد ، سائين محمد سليمان وساڻ ۽ سائين واحد سومرو جو آئون گهڻو شڪرگذار آهيان جو منهنجي
هن اڌوري خيال کي پسند ڪيو ) سائين نثار احمد محبوب اهڙي شي آهي جوسرنهن جي گلن کي ٿو ڏسان تب هن جي ياد
وري گلن جي گلزار کي ٿو ڏسان تب ان جي ياد
جي جوار پيهي کي ٻڌل ٿوڏسان تب هن جي ياد ڪاش هو گڏ هجي ها تـ گڏجي جھار تڙئون ها
وري جيڪڏهن جھار ٿي هُل ڪري وري ان جي ياد
جنهن شيءِ کي چاهيان ٿو تـ ان چاه ۾ ان جي ياد وري ساه ٿو کڻان تـ ان ساه ۾ هن جي ياد
هاڻي آيو گدري جي ڦار جڏهن ماڻهو ڪا شيءِ کائيدو آهي مثال گدري جو وٺو وري ان گدري جي ڦار ۾ ان جي ياد وري سائين ان جي وچ
۾ جيڪا ڳار صفا ڏسڻ وٺان هوندي آهي وري ان ۾ ان جي ياد
وري سائين اکين جي اسرار ۾ ان جي ياد ديد جي ديدار ۾ بـ ان جي ياد سمايل آهي سو هاڻي اها ياد ڀلا وڃين ڪاڏي ڏاڍو ستايو
اٿس من الله سمجھ ڏيس باقي ڳالھ ڳاٽي کان چڙهيل آ
 
Back
Top