• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور حسين وساڻ کي سنڌ جو وزير داخلا ڪرڻ سان گڏ ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو ويو آهي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
263452_2215729630973_1179567033_32771580_6639031_n.jpg

تازه ترين خبرون آهن ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي ورڪس کاتي جي وزير منظور حسين وساڻ کي فوري طور سنڌ جي وزير داخلا جو کاتو سنڀالڻ جو چيو آهي ۽ تاڪيد ڪيو آهي ته ڪراچي جي وڳوڙ وارين حالتن تي ڪنٽرول ڪري۔ منظور وساڻ کي اها ذميواري اهڙي حالتن ۾ ڏني وئي آهي جڏهن ڪراچي رت سان رڱيل آهي ۽ هر روز درجنن جي تعداد ۾ لاشون ملي رهيون آهن۔

ان سان گڏ صدارتي هائوس ۾ ٿيل هڪ ٻي فيصلي ۾ ڪمشنري نطام کي بحال ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي۔​

7-8-2011_75549_1.gif
 
جواب: منظور حسين وساڻ کي سنڌ جو وزير داخلا ڪرڻ سان گڏ ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو ويو آهي

مستقبل قريب ٻڌائيندو ته محترم وساڻ صاحب، سنڌ اندر ٿيندڙ رتوڇاڻ، سنڌ جي وارثيءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي ڪهڙيءَ طرح سان ٿو سنڀالي ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي، جيتوڻيڪ حالتون تمام ڏکيون پڻ آهن، مٿان وري ڪمشنري راڄ جو بحال ٿيڻ پڻ سندن اتحادين کي ناپسند آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته بلدياتي طور تي هو سنڌ جو پئسو پاڻ ڏي سورڻ ۾ ماهر ٿي چڪا آهن ۔۔۔

آزمائش شرط آهي ۔۔۔ نيڪ خواهشون ساڻس آهن
 
سائين نثار سلام

اوهان بلڪل صحيح پيا چئو ۔ هن وقت ڪراچي جون حالتون انتهائي خراب آهن ۽ ڪمشنري نظام جي اچڻ سان ائين سمجهو ته باه تي پيٽرول هارڻ جي برابر آهي۔ هن وقت حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن ۽ هاڻي ڪراچي جا ٻيا علائقا به زير اثر اچي سگهن ٿا۔
 
جواب: منظور حسين وساڻ کي سنڌ جو وزير داخلا ڪرڻ سان گڏ ڪمشنري نظام کي بحال ڪيو ويو آهي

ادا سليمان وساڻ صاحب ۔توهان جو تجزيو ڪراچي جي حالت تي بلڪل صحيحي آهي۔اها دهشتگردي جي جنگ مختلف علائقن ۾ ڦهلجي سگهجي ٿي۔ادا نثار ابڙو صاحب جن ڪمشنري نظام جي بحالي تي جيڪا ڪمنٽس ڏنا آهن۔ان ۾ هنن اتحادي پارٽين جي مخالفت جو ذڪر ڪيو آهي، جڏهن ته اها اتحادي پارٽي اڳئي حڪومت کان ڌار ٿي ويئي آهي۔ڪراچِي جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿئي ويون آهن ۽ انهن کي سڌارڻ لاء گورنمنٽ کي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي۔الله پاڪ شل ڪراچي جون حالتون بهتر ڪري ۽ امن امان قائم ٿي وڃي ۔ڪراچي ۾ رهندڙ هر انسان هڪ اڻڄاڻ خوف ۾ مبتلا آهي۔
 
Back
Top