• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي

ماءُ ڀيڻ ڌي ويٺي ٿي روئي
ڳوڙهو اگهجي ٻيو ٿو لهي

هزارين حسرتون خاموش لبن تي
ڪنهن کي ٻڌائي ڪنهن کي چوي

گڌ نڪتا ها سون گهران اسان
هاڻي گڏ بابو هاڻي ويو ڪاڏي الائي

منهنجي اکين جو نور منهنجو سهارو
ماءُ کي هن پيرائپ ۾ ويو رُلائي

حاڪم هتان جا بي ضمير آهن
ماڻهون مارائي ڪرسي بچائي

رنگين هن جا لاشن جي رت سان
بي حيا ٻنهي هٿن سان دولت ڪمائي

هو ٻالڪ لاش بابي ساب چنبڙيل
ڪير دلاسو ڏئي ڪير پرچائي

منهنجو ڪو نعرو ناهي ڏاڏل
مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي

 
جواب: مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي

منهنجو ڪو نعرو ناهي ڏاڏل
مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي


ڏاڏل سائين اوهان جا احساس ۽ جذبات سمجهي سگهون ٿا ۔۔۔ اسان به هن ئي شهر ڪراچي ۾ آهيون جتي موت جو راڪاس پيو گهمي۔

گولي انڪري ٿي لڳي جو اسان جو نعرو انسانيت آهي، اسان جو نعرو بيگناهي ۽ شرافت آهي، اسان جو نعرو غربت آهي۔
 
جواب: مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي

منهنجو ڪو نعرو ناهي ڏاڏل
مون کي گولي لڳي پوء ڇو الائي


ڏاڏل سائين اوهان جا احساس ۽ جذبات سمجهي سگهون ٿا ۔۔۔ اسان به هن ئي شهر ڪراچي ۾ آهيون جتي موت جو راڪاس پيو گهمي۔

گولي انڪري ٿي لڳي جو اسان جو نعرو انسانيت آهي، اسان جو نعرو بيگناهي ۽ شرافت آهي، اسان جو نعرو غربت آهي۔

جي سائين اوهان بلڪل سچ پيا چؤ ليڪن ٻي ڳالھ اها به آهي ته اسنا جو وس نه ٿو هلي ڇو جو ادارا اسان جي وس ناهن ادار بيضميرن جي هٿ ۾ آهن جن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي ۔ هتي جنهنجي جان بچيل آهي اهو خاموش آهي جيڪو مؤ سو مؤ ٻئي کي پرواه ناهي ۔ اسان جي شراففت جو مطلب اهو هئڻ گهرجي ته انهن ادارن تائين شريفن کي پهڄڻ گهرجي ۔ وسلام

 
Back
Top