نادان دل جي حسرت

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رضا صديق طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2011۔

  1. رضا صديق

    رضا صديق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جولائي 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [ غزل
    نادان دل جي حسرت پوري ڪڏهن نه ٿيندي
    وچ مان ختم اسان جي دوري ڪڏهن نه ٿيندي

    هر دور ۾ ملي آ سوغات جا سَچَن کي
    منصور کان جدا سا سوري ڪڏهن نه ٿيندي

    شعاعِ نظر سان جيڪا سيني اندر ٿي کامي
    لڙڪن سان سا وسائي کُوري ڪڏهن نه ٿيندي

    ڪنهن رات جي اچين تون ٿي چنڊ جي اڱڻ مون
    اهڙي ڪا رات مون لاء نوري ڪڏهن نه ٿيندي

    برسات ۽ بهارون اينديون ۽ وينديون رهنديون
    ڪائي خوشي رضا کي تورِي ڪڏهن نه ٿيندي

    /b]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو