• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نادان دل جي حسرت

رضا صديق

سينيئر رڪن
[ غزل
نادان دل جي حسرت پوري ڪڏهن نه ٿيندي
وچ مان ختم اسان جي دوري ڪڏهن نه ٿيندي

هر دور ۾ ملي آ سوغات جا سَچَن کي
منصور کان جدا سا سوري ڪڏهن نه ٿيندي

شعاعِ نظر سان جيڪا سيني اندر ٿي کامي
لڙڪن سان سا وسائي کُوري ڪڏهن نه ٿيندي

ڪنهن رات جي اچين تون ٿي چنڊ جي اڱڻ مون
اهڙي ڪا رات مون لاء نوري ڪڏهن نه ٿيندي

برسات ۽ بهارون اينديون ۽ وينديون رهنديون
ڪائي خوشي رضا کي تورِي ڪڏهن نه ٿيندي

/b]
 
Back
Top