تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي


    تيمور اڄ ڏاڍو خوش هُيو، هن جي خوشيءِ جو ڪو خاص سبب نه هو
    تيمور کي پنهنجي آفيس وارن موٽر سائيڪل ڏني هُئي آفيس اچڻ وڃڻ جي لاءِ
    تيمور چوويھن سالن جو نوجوان جنهن جي سر تي ننڍي هوندي کان بار بئجي ويا هئا......تيموروالدين جو اڪيلو پٽ ۽ پنجن ڀينر جو اڪيلو ڀاء هُيو نهايت شريف ۽ ذميوار هو ننڍي هوندي کان وٺي هُيو، جيئن جيئن تيمور وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي ڪلھي تي بار وڌندا ويا.
    تيمور جڏهن پنجن سالن جو اڃان مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو.
    تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي.....۽ مان ڪراچي ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪيان.
    جيئن منهنجو ۽ منهنجي گهر وارن جو وقت سٺو گذري تيمور ڳوٺ واري زمين وڪڻي ڪراچي ۾ هڪ سٺو گهر ورتو.
    ڪجھ دوستن جي مدد سان تيمور کي ڪراچي ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ملي ويندي آھي، ۽ ھو روز ڪمپنيءِ مان ڪم ڪري شام جو واپس ٿيندو آھي
    وقت پنهنجي تيز رفتار سان هلي رھيو هو..........
    تيمور جي وڏي ڀيڻ شازيه جي ڪجھ ڏينهن ۾ شادي ٿيڻ واري هُئي، تيمور پنهنجي ڀيڻ جي شاديء ۾ ڏاڍو مصروف هُيو.
    صبح جو ڃڄ اچڻي هئي تيمور ان حوالي سان ڊيڪوريشن وارن سان ڳالهائڻ جي لاءِ گهر کان نڪتو.
    ڪراچي جي حالات خراب ٿيڻ ۾ ڪابه دير نه لڳندي آھي...اچانڪ ڪراچي جي ٻن تنظيمن ۾ جهيڙو ٿي پيو..ان جهڙي ۾ تمام گهڻي فارنگ ٿي رھي هُئي
    هر طرف دونھون ئي دونھون نظر اچي رھيو هو............
    تيمور به ان فارنگ جي رش ۾ ڦاسي پيو تيمور نڪرڻ جي ڪوشش ئي اڃان مس ڪندو آھي ته

    اچانڪ تيمور کي گولي لڳندي آھي ۽ تيمور موٽر سائيڪل تان هيٺ ڪرندو آھي....هڪ زوردار ڌماڪو ٿيندو آھي ڌماڪو ڪنهن بم جو نه هوندو آھي.....تيمور جي مٿو زور سان روڊ تي لڳندو آھي، شازيه جي هٿن تي لڳل مهندي جورنگ ڦڪو ٿي ويندو آھي
    امڙ صدمو برداشت نه ڪري سگهندي آھي
    تيمور جو موت تيمور جي سڄي خاندان جو موت بڻجي ويندو آھي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

    الله جي پياري رسول صلعم پنهنجي 20 ساله نبوت واري زندگيءَ مان 13 سال صرف امن ۽ تبليغ ذريعي شيطاني قوتن کي سڌارڻ جو ڪم ڪندو رهيو پر صرف ڪي چند مسلمان ٿي سگهيا هئا ۔۔۔ پر جڏهن هٿ ۾ تلوار کڻي شيطاني گروهن جو مقابلو ڪيو ويو ته ايندڙ 7 سالن ۾ دين اسلام پوري عرب خطي کان علاوه فارس تائين پهچي ويو ۔۔۔

    اسين سنڌي جيستائين سنڌ مان شيطاني گروهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ويڙهه ڪون ڪنداسون تيستائين ڪيترائي تيمور پنهنجي زندگي وڃائيندا رهندا ۽ ڌاريون قومون سنڌ جي شهرن ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي راڄ ڪنديون رهنديون ۽ اسين صرف مک جيئان مٿو پٽيندا رهنداسون ۔۔۔

    هاڻ يا ته پٽيندا رهو ۽ ختم ٿي وڃون يا وري پاڻ گهوٽ ٿي سنڌ کي شيطان کان آزاد ڪرايون ۔۔۔ اهي ٻه راهون آهن ۔۔۔ ڏسجي ته قوم ڪهڙو ٿي رستو اختيار ڪري؟؟؟؟
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

    ادا ابڙا صاحب ميان قوم ڪير تون ۽ مان قوم ڪير تيمور ۽ شاازيه ادا پهريان دشمن جي طاقت جو اندازو وٺو پوءِ هٿ ۾ تلوار کڻو ايندڙ نصل توڙي پاڻ کي ان جذبي سان ليس ڪريون ادا دشمن جي يبر جنگ جيان خبر لهون ڪهڙن ڪههڙن هٿيارن سان اچي ٿو انهن هٿيارن جو ٽوڙ ڪڍون باقي ٻي قوم ڪير ڪنهنجي قوم هي درد هر ماڻهون جو آهي هر مانهون پنهنجي نسل کي تيار ڪري ميدان ۾ لاهي ادارن ۾ اسان جو ڪو ڪونهي اسان ادارا قوم ج امورچا هوندا آهن ادا ۔ وسلام
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

    ڪراچي جي موجوده حآلتن ۾ ايندڙ گولي ڪنهن کي ڪانه ٿي سڃاڻي سواء انسااني جسمن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان جو دعائون آهن ته امن ٿئي ۽ تيمور اسان کان الڳ نه ٿين ۽ تيمور جا خاندان يتيم ۽ بي واها نه ٿين، تيمورن جون ونيون ايئن ويڳاڻيون نه ٿئين۔۔۔۔۔۔

    ڪراچي جي حالتن تي لکيل ننڍڙي ڪهاڻي مان عاشق جا جذبات ۽ احساس سمجهي سگهون ٿا۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو