يوٽيوب طرفان وڊيوز جي اعلى ري ڊيزائيننگ ۔۔۔ هڪ بهترين تبديلي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تازو يوٽيوب طرفان وڊيوز، پلي لسٽس ۽ چينلس ۾ بهتري آڻيندي هڪ نئين ڊيزائينگ آندي آهي جنهن جو نالو Cosmic Panda ڏنو آهي.. جيتوڻيڪ يوٽيوب وارن پنهنجي بلاگ تي هن ڊيزائننگ بابت لکيو آهي ته هو في الحال ٽيسٽنگ ڪري رهيا آهن .. ۽ پنهنجي رڪنن کي دعوتنامه موڪلي رهيا آهن ته پنهنجي راين کان کين آگاهه ڪن ته جئين نئين ڊيزائين ۾ تبديليون آڻي لاڳو ڪجي... پر سندن آندل هي تبديلي مقبوليت ماڻي رهي آهي...
    پنهنجي سنڌ سلامت رڪنن کي يوٽيوب جي ان تبديلي متعلق سکيا ڏجي ٿي...
    سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري يوٽيوب Cosmic Panda يوٽيوب پنو کوليو جتي هيٺ موجود بٽڻ Try it out تي ڪلڪ ڪريو.. جيڪو توهان يوٽيوب سائيٽ تي وٺي ويندو جيڪا هن دفعي ڪافي مختلف لڳندي...

    [​IMG]

    قدري مختلف ۽ ٿوري پس منظر ۾ ڪاري رنگ تي مشتمل يوٽيوب سائيٽ توهان کي صلاح ڏيندي ته توهان نيون وڊيوز يا چينل يا وري پلي لسٽ نئين ڊيزائين تحت ڏسو...
    ڪابه وڊيو کولڻ سان توهان اڳيان ڊارڪ پس منظر ۾ وڊيو اهڙي طرح هلندي ظاهر ٿيندي جيڪا توهان جي اکين کي ڪافي بهتر فوڪس ڏيندي... هن دفعي وڊيو جو پيش منظر به قدري وڏي سائيز تي مشتمل هوندو.. جنهن کان سواءِ وڊيو جي سائيز کي وڏي بنائڻ جو انداز آپشن به ڪافي بهتر ۽ تڪڙو لڳندو..

    [​IMG]


    هڪ وڌيڪ بهتر ڳالهه جيڪا مون کي نظر آئي سان آهي ته ڪنهن به چينل جي ٻين وڊيوز ڏانهن وڊيو کي ڏسندي ڏسندي وڃي سگهجي ٿو... جڏهن توهان ڪنهن چينل جي ٻين وڊيوز ڏانهن ويندو ته مٿي هڪ وڊيو پيش منظر بار ظاهر ٿيندو جتي ان چينل جون وڊيوز مشاهدي طور رکيل هونديون ۽ جيڪا وڊيو توهان ڏسي رهيا آهيو اها کاٻي پاسي هلندڙ هوندي جنهن جي مٿان مائوس آڻي Resume Watching بٽڻ فعال ڪري سگهو ٿا ۽ ڪلڪ ڪري توهان وڊيو کي ساڳي بفرنگ سان نارمل سائيز ۾ ڏسي سگهو ٿا...

    [​IMG]

    ياد رهي ته Resume Watching آپشن هن وقت صرف گوگل ڪروم ۾ رکيل آهي... جيڪو جلدي ئي وڌيڪ برائوزر جي لاءِ عام ڪيو ويندو... ان کانسواءِ وڊيو يا چينل تي آيل ڪمينٽس جو انداز به هن دفعي مختلف ۽ وڻندڙ هوندو...
    مجموعي طور يوٽيوب جي هي تبديلي ڪافي بهتر، وڻندڙ، وڌيڪ صاف ۽ خوبصورت آهي...
    هاڻي جيڪڏهن توهان دوستن منجهان ڪي يوٽيوب جي هن تبديلي کي پسند نه ٿا ڪن يا کين ڪافي آپشن نظر نه ٿا اچن ۽ اهي ٻيهر ساڳي پراڻي ڊيزائين ڏانهن واپس ورڻ ٿا چاهين ته تي هتي ڪلڪ ڪري ساڳئي پيج يوٽيوب Cosmic Panda تي اچن ۽ هن دفعي Older Version تي ڪلڪ ڪري يوٽيوب کي واپس پنهنجي ساڳي ڊيزائين تي آڻي سگهن ٿا...

    [​IMG]

    مٿين سمورين ڳالهين کي وڊيو طور سمجهڻ لاءِ هن وڊيو کي ڏسو...


    دوستو پوءِ توهان کي يوٽيوب جي هي تبديلي ڪئين لڳي...
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: يوٽيوب طرفان وڊيوز جي اعلى ري ڊيزائيننگ ۔۔۔ هڪ بهترين تبديلي

    ادا اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي ته يو ٽيوب وارن وري هڪ نئي نواڻ آندي آهي

    مان ته آفيس جي ڪمپيوٽر تان يو ٽيوب جي نئي ڪميونٽي جوائن ڪري ڇڏي آهي

    سٺي تبديلي آهي


    ادا وقت سر اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي


    سدائين گڏ
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: يوٽيوب طرفان وڊيوز جي اعلى ري ڊيزائيننگ ۔۔۔ هڪ بهترين تبديلي

    ادا تمام سٺو ڏس ڏنو آهي توهان
    مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
    لک ٿورا
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: يوٽيوب طرفان وڊيوز جي اعلى ري ڊيزائيننگ ۔۔۔ هڪ بهترين تبديلي

    ادا اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: يوٽيوب طرفان وڊيوز جي اعلى ري ڊيزائيننگ ۔۔۔ هڪ بهترين تبديلي

    تمام سٺي تبديلي ۽ نواڻ سان وڌيڪ خوبصورت به لڳي ٿو هاڻ يوٽيوب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو