ڀلي ڪري آيا، جي آيا، سنڌ سلامت جو اڱڻ سهڻي دوست جي واڌاري سبب وڌيڪ سهڻو ٿي پيو آهي ۔۔۔ پر دوست صرف سلام ڪافي ناهي ڪجهه اڳتي به پنهنجي مطلق ٻڌايو ته جيئن تعرف پورو ٿئي ۽ سنڌ سلامت جي دوست رڪنن کي اوهان سان دوستي رکڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سهڻي اوطاق آهي، هن اوطاق تي سنڌ ۽ سنڌيت جي تبليغ ڪئي وڃي ٿي ۽ هڪٻئي جي رهنمائي ڪئي وڃي ٿي ته جيئن دنيا جي علمن کان واقف ٿيڻ سان گڏ قوم کي موجوده مشڪل وقت مان ڪڍي پار پئجي ۔۔۔۔
اوهانجي رهنمائي ۽ ساٿ اسان لاءِ باعث مسرت ٿيندو ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ سنڌ سلامت تي موجود مواد تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ۽ گڏو گڏ پنهنجي طرفان به سهڻا ليک پيش ڪندا ته جيئن ڪجهه ڏيڻ ۽ وٺڻ جي رسم پوري ٿئي ۔۔۔
هن اوطاق جي لاءِ اوهانجا واڌو ڪاٽو خيال اکين تي ۔۔۔۔