قوم پرست، حڪمران ۽ وقت جو فيصلو عبدالخالق جوڻيجو [JUSTIFY]پاڪستان اڄڪلهه مقامي توڙي عالمي سطح تي ميڊيا، ٿنڪ ٽئنڪسن ۽ تحقيقي ادارن جي غور ويچار، بحث مباحثي ۽ تحقيقات جو شايد سڀ کان وڏو موضوع آهي. اسان لڳ ڀڳ روزانو ڪنهن نه ڪنهن سروي جا نتيجا يا ڪا تحقيقي ۽ تجزياتي رپورٽ ڏسون ٿا. انهن مان ڪي پاڪستان کي ”صحافين لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ، ملڪ قرار ڏين ٿا“. جڏهن ڪجهه چون ٿا، هي اهڙو ملڪ آهي جتي سڀ کان وڌيڪ آپگهاتي حملا ٿين ٿا (عراق ۽ افغانستان کان به وڌيڪ) ۽ ڪي ان کي عالمي دهشت گرديءَ جو مرڪز چون ٿا. ڪي ان کي مذهبي اقليتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ ملڪ جو درجو ڏين ٿا جڏهن ته ٻيا ان جي هڪ عام قانون تي هلندڙ ملڪ واري حيثيت تي سواليه نشان قرار ڏين ٿا ۽ ڪي ته ماڳهين پاڪستان کي ناڪام رياستن جي قطار ۾ بيهارين ٿا. پاڪستان جي سياسي وجود کي لڳل بيمارين مان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڪجهه اهڙيون آهن جن تي ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي انهن طاقتور ادارن کي به (اختلاف ناهي) جيڪي عام طور تي ڪنهن به برائي يا ڪوتاهيءَ جي وجود کان انڪار ڪندا آهن. اهي ڪجهه بيماريون آهن، مذهبي انتهاپسندي، دهشت گردي ۽ غير ملڪي مداخلت. اها صورتحال شديد تقاضا ڪري ٿي ته اندر ۾ جهاتي پائجي ۽ پاڻ کان پڇاڻو ڪجي ته صورتحال کي انڪار ۽ خانه جنگيءَ جي حد تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سچاين ۽ زميني حقيقتن جي بنياد تي غير جذباتي، ايمانداراڻو ۽ غير جابنداراڻو تجزيو ڪيو وڃي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙيون غلطيون ٿيون يا غلط ڪم ٿيا ۽ اهڙي حد تائين صورتحال کي پهچائڻ لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان ۽ ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪئي وڃي ته اهو ڪو ايترو ڏکيو ڪم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي ڪا وڏي ڊگهي ۽ منجهائيندڙ تاريخ ڪانهي ۽ ان جي وجود لاءِ هڪ مقرر ۽ متعين ٿيل ۽ ڄاتل سڃاتل بنياد آهي، جي ها، اهو (مسلم ليگ جو) 1940 وارو لاهور ٺهراءُ آهي، جنهن کي هن ملڪ جي پيڙهه جو پٿر تسليم ڪيو ٿو وڃي. تنهن ڪري اها فطري ڳالهه ٿيندي ته پاڻ بچائڻ واري عمل جي شروعات ان معاهدي کان ڪئي وڃي. انهيءَ دستاويز ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست هوندو، جيئن اڳتي هلي دعويٰ ڪئي ويئي ۽ ان کي بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. حقيقت ۾ ان جي اکرن ۽ روح مطابق هن ٺهراءَ جو بنيادي مقصد خودمختياري ۽ علائقائي بنيادن تي اختيارن جي ورڇ هئي جيئن ان ۾ چيو ويو ته ”جاگرافيائي طور ڳنڍيل وحدتن جي صورت ۾ مناسب علائقائي ردوبدل کان پوءِ اهڙي طرح حدبندي ڪئي وڃي ته اهي علائقا جتي مسلمان اڪثريت ۾ آهن، جهڙوڪ هندستان جي اتر اولهه ۽ اوڀر وارن حصن ۾، آزاد رياستن جي شڪل اختيار ڪن، جن ۾ ترڪيبي وحدتون آزاد ۽ خودمختيار هونديون“. اهو بلڪل واضح آهي ته اقتدار اعليٰ جا مالڪ يونٽ آهن. پر پاڪستان جي ٺهڻ شرط معاملن کي ابتو ڪيو ويو ۽ (اقتدار جي) مالڪن کي غلام بڻايو ويو. سمورن اختيارن تي مرڪزي حڪومت قبضو ڪري ورتو ۽ هڪ اهڙي طريقي حڪمرانيءَ کي لاڳو ڪيو ويو، جنهن تحت خودمختياريءَ کي مذاق بڻايو ويو ۽ آزاديءَ جو ذڪر ڪرڻ ڪفر قرار ڏنو ويو. پنهنجي وجود جي پهرين ٻارهن مهينن دوران ئي مرڪزي سرڪار هڪ اهڙي رياستي ڍانچي جا بنياد وڌا جنهن سان رياست نه رڳو سخت مرڪزيت پسند بڻجي ويئي پر اختيارن تي ان جي مڪمل هڪ هٽي قائم ٿي ويئي، مرڪز ۾ ويٺل ماڻهن جي وات مان نڪتل لفظ مقدس تصور ڪيا ويا ۽ وحدتن جي ماڻهن لاءِ تقدير جو لکيو قرار ڏنا ويا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌي قوم جي وڌيڪ ترقي يافته طبقي کي مذهب جي نالي ۾ انهن جي گهرن کان ۽ وطن کان بيدخل ڪيو ويو. انهن جي جاءِ تي ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن کان ماڻهو آڻي آباد ڪيا ويا، خاص ڪري وڏا شهر سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻايا ويا، جتي سنڌي ماڻهن طرفان پنهنجي ڀائرن جي ڇڏيل ملڪيتن کي خريد ڪرڻ تي به پابندي وڌي ويئي. سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا ۽ سنڌي ڪلچر تي ٺٺوليون ڪيون ويون. سنڌ ۽ سرحد (خيبرپختون خواهه) جي چونڊيل حڪومتن کي زبردستي ختم ڪيو ويو، بلوچستان کي بندوق جي زور تي ملايو ويو ۽ اردوءَ کي ”واحد قومي ٻولي“ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. 1940ع واري ٺهراءَ جي مڪمل لتاڙ ڪندي، ترڪيبي وحدتن جي آزادي ۽ خودمختياريءَ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان سرڪار جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو سو هئو رياست کي مشرف به اسلام ڪرڻ، جيڪو عمل خود ان ملڪ جي بانيءَ جي خيالن جي به خلاف هو. ان ڏس ۾ پيڙهه جي پٿر وارو ڪم قرارداد مقاصد ڪيو. ٽيون اهم ميدان جنهن ۾ نئين ملڪ جي حڪمرانن کي پنهنجي مستقبل جو رستو ٺاهڻو هو سو هو خارجه معاملا، ان ڏس ۾ حڪمرانن بنا دير جي ۽ بنا سوچ ويچار جي آمريڪا کي ڳلي لڳايو جيڪو ٻي عالمي جنگ کان پوءِ برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي جاءِ تي سامراجي طاقت طور اڀريو ۽ ٻن سپر طاقتن مان هڪ هو. تاريخ جي ان اهم ۽ فيصلائتي موڙ تي اهڙا ماڻهو به هئا، جن نئين ٺاهيل ملڪ کي بلڪل مختلف رستي تي هلائڻ جون تجويزون ڏنيون، هڪ اهڙو رستو جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر سڄي ننڍي کنڊ کي امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزل نصيب ٿي سگهي. انهن چاهيو ٿي ته پاڪستان آزاد ۽ خودمختيار قومن جو اتحاد هجي، انهن چاهيو ٿي ته مذهب کي رياستي معاملن کان الڳ رکيو وڃي ۽ انهن جي خواهش ۽ ڪوشش هئي ته سامراج دشمن ۽ عوام دوست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن، پاڙيسري ملڪن سان دوستي قائم ڪئي وڃي ۽ غيرجانبدار خارجه پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ايندڙ وقت جي سپر طاقتن جي جهڳڙن ۾ مهرو بڻجڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انهن ڏاهن ۽ دور انديش انسانن ۾ (اوڀر) بنگال، سنڌ، پختون خواهه ۽ بلوچستان جا قوم پرست سڀ کان نمايان هئا. پر پنجاب ۽ هندستان جي مسلم اقليتي صوبن کان آيل مهاجرن پنهنجي انگريز وفادار فوجي ۽ سول نوڪر شاهيءَ جي زور تي نئين ملڪ تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوءِ انهن جي ئي بالادستي رهي. ان جي نتيجي ۾ اهي پاليسيون اختيار ڪيون ويون، جن تي اڄ ڏينهن تائين پاڪستان هلي رهيو آهي ۽ جن جا نتيجا اسان ڀوڳي رهيا آهيون. بنگالي جيڪي فطري طور سامراج دشمن ۽ آزادي پسند ماڻهو آهن، انهن ئي پاڪستان ٺاهڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ماڻهن سائين جي ايم سيد جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ پٺاڻن جو مقبول اڳواڻ خان عبدالغفار خان جيڪو پاڪستان جي نظريي جي خلاف هو ان به ملڪ ٺهي وڃڻ کان پوءِ حڪمرانن کي تعاون جي آڇ ڪئي. پر انهن سڀني قومن ۽ انهن جي اڳواڻن جي توهين ڪئي وئي، انهن تي بندشون وڌيون ويون ۽ انهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ قيد و بند سميت هر حربو استعمال ڪيو ويو. ان جي باوجود شروع جي سالن دوران انهن پاڪستان کي هڪ جمهوري، سيڪيولر، روشن خيال ۽ امن پسند ملڪ ۽ هڪ اهڙي رياست بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون، جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار ۽ پنهنجي اقتدار اعليٰ جي مالڪ هجي ۽ جيڪا غير ملڪي اثر ۽ مداخلت کان آجي هجي. انهن سڀني منجهان جي ايم سيد اهڙو شخص هو، جنهن پنهنجي نظرين کي نهايت چٽي نموني ۽ پنهنجي خيالن کي تمام ڀرپور انداز ۾ عوام آڏو ۽ دنيا آڏو رکيو ۽ پنهنجي هم خيال ساٿين سان گڏجي انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اهم ڳالهه اها ته هن پنهنجا سمورا خيال ۽ سمورا نظريا لکت ۾ پيش ڪيا. پر سندس اڪثر لکڻين تي پابندي لڳائي ويئي ۽ کيس سندس زندگيءَ جو اڪثر وقت قيد ۽ نظربنديءَ ۾ رکيو ويو. اهڙيءَ ريت سندس سوچن ۽ نظرين کي عام ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي پاسي رياستي سرپرستيءَ ۾ سندس خلاف هڪ طرفي ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا جو طوفان کڙو ڪيو ويو. هتي سندس تحريرن ۽ تقريرن جا ڪجهه حصا پيش ڪجن ٿا ته جيئن سندس خيالن جي مختصر جهلڪ ڏسي سگهجي. 1948ع ۾ خان عبدالغفار خان، عبدالصمد خان اچڪزئي ۽ ٻين دوستن ساٿين سان گڏجي پاڪستان پيپلز آرگنائيزيشن ٺاهڻ وقت ان جو سياسي پروگرام پيش ڪندي سيد چيو: ” ڪنهن به رياست جي استحڪام کي تيستائين يقيني نٿو بڻائي سگهجي، جيستائين ان کي وجود ڏيندڙ وحدتن کي پنهنجي سوچن ۽ صلاحيتن مطابق عمل ڪرڻ جي مڪمل ۽ غير مشروط آزادي نه هجي. ناانصافي يا مرڪز جي غير ضروري مداخلت جي ٿوري به احساس جو نتيجو اهو ٿيندو ته اها ايڪائي رياست جي مجموعي ترقيءَ ۾ دلچسپي ڇڏي ڏيندي ۽ اڳتي هلي اها سخت مخالف ٿي پوندي. ان اندروني جهڳڙي کي ختم ڪرڻ ۽ مختلف ايڪاين جي وچ ۾ ٽڪراءَ کان بچڻ جو جمهوري طريقو اهو آهي ته پاڪستان کي آزاد سوشلسٽ جمهوريائن جو اهڙو اتحاد بڻايو وڃي جنهن ۾ هر جمهوريه کي برابري ۽ حق خود اراديت حاصل هجي“. ”جيئن دنيا ۾ اهڙي (فرقي پرستيءَ تي ٻڌل) رياست عالمي امن ۽ بني نوع انسان جي ترقيءَ جي بجاءِ تقسيم ۽ تخريب کي جنم ڏيندي، جنهن جو حتمي نتيجو جهڳڙن ۽ تباهي جي صورت ۾ نڪرندو“. ”پاڪستان کي هڪ مڪمل طور آزاد مملڪت بڻايو وڃي، جنهن جي طاقت ۽ اتساهه جو ذريعو ان جا عوام هجن ۽ جيڪا انهن سامراجي طاقتن جي اثر ۽ غلبي کان آجي هجي جن جو مفاد ان ۾ آهي ته موجوده جنگي جنون ۽ دنيا تي بالادستيءَ واري صورتحال کي هٿي ڏٺي وڃي.“ ” دنيا تي حڪمراني ۽ اسلام تي هڪ هٽي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي جهاد جي تبليغ ڪندا ۽ مسلمانن کي هڪ جنگجو ۽ شاونسٽ گروهه ۾ تبديل ڪيو ويندو“. ”مسلمان هنن ڪانفرنس جي عيوضين کي مجموعي طور ۽ آمريڪا ۽ برطانيا جي نمائندن کي خصوصي طور چوندس ته آمريڪا ۽ برطانيا جون حڪومتون مسلمانن کي مذهب جي نالي تي گڏ ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيون آهن انهن جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا“. ”اها نهايت دکدائڪ ڳالهه آهي ته ڪيترا مسلم ملڪ پنهنجا اڏا سامراجي طاقتن جي فوجين کي وڪڻي رهيا آهن. اسان جي حڪومتن جي اهڙن سودن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا ان جو اندازو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. غير ملڪي فوجن جي سندن سرزمين تي موجودگيءَ سبب اسان جا اهي ملڪ بيوس بڻيل هوندا ۽ سندن قومي خودمختياري ختم ٿي چڪي هوندي“. جي ايم سيد جي سوين ڪتابن، لکڻين ۽ تقريرن منجهان صرف ٻن جي مٿي ڏنل ڪجهه حوالن سان معلوم ٿئي ٿو ته، قومپرستن جو پاڪستان جي مستقبل ۽ هن خطي ۽ دنيا جي امن ۽ ترقيءَ لاءِ تصور ڪهڙو هو.حڪمرانن جي پاليسيءَ ۾ لڪل خطرن کي اڳواٽ پروڙيندي، انهن نه رڳو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي پر عالمي سامراجي طاقتن کي پڻ انهن خطرن ۽ نتيجن کان خبردار ڪيو، جن کي اڄ اسان منهن ڏيئي رهيا آهيون، يعني مختلف ايڪاين جي وچ ۽ ايڪاين ۽ مرڪز جي وچ ۾ آخري درجي محاذ آرائي، مذهبي انتهاپسنديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل دهشت گردي جيڪا خانه جنگيءَ جي حدن کي ڇهي رهي آهي ۽ غير ملڪي طاقتن جي مداخلت جيڪا سموريون حدبنديون اورانگهي ويئي آهي ۽ پاڪستاني رياست پنهنجي خودمختياري وڃائي هڪ بي حس تماشبين بڻجي ويئي آهي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان بحراني ڪيفيت ۽ سنگين صورتحال لاءِ ذميوار ڪير آهي. ان سلسلي ۾ هڪ عالمگير اصول اهو آهي ته وڌيڪ اختيار، وڌيڪ ذميواري، پاڪستان جي قيام کان وٺي پنجاب سان ۽ مهاجرن سان واسطو رکندڙ سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسيءَ تي مشتمل اسٽيبلشمينٽ کي رياستي ادارن تي حتمي اختيار ۽ قومي مفادن تي مڪمل هڪ هٽي حاصل رهي آهي، ايتري تائين جو انهن 1970ع واري پاڪستان جي واحد آزاد ۽ شفاف اليڪشن ۾ چونڊيل بنگالي ۽ بلوچ عوام جي نمائندن کي به چونڊي حڪومت ڪرڻ نه ڏني ته اهي غير محب وطن ۽ گهٽ درجي جا مسلمان آهن. سو جيڪا به صورتحال سامهون آهي ۽ جنهن به بحران ۾ هي خطو ڦاٿل آهي، ان سڀ ڪجهه لاءِ هتان جا اهي ”محب وطن“ حڪمران ذميوار آهن ۽ هاڻي آئنده لاءِ ڪهڙو رستو آهي ۽ ڪهڙي حڪمت عملي هجڻ کپي، جنهن تي هلندي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي سگهجي ۽ وڌيڪ تباهين ۽ سانحن کي روڪي سگهجي ۽ هن خطي کي امن، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي لائق بڻائي سگهجي. سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هتان جي حقيقي حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري جن هميشه عقل ۽ دليلن کي رد ڪيو آهي ۽ ”مار ڌاڙ“ ”دونس ڌانڌليءَ ذريعي حڪومت ڪئي آهي ۽ بندوق کي فيصله ڪن عنصر بڻايو آهي. اهي پنهنجي ناڪامين جو اقرار ڪن ۽ پنهنجي غلطين کي تسليم ڪن. ان کان پوءِ اهي سرعام معافي وٺن، عوام کان، تاريخ کان ۽ خاص ڪري انهن سياسي اڳواڻن، دانشورن، ليکڪن، شاعرن، صحافين ۽ ورڪرن کان، جن کي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ طرح طرح جي ڪوڙن، منافقين ۽ سازشن جو شڪار بڻايو ويو ۽ جن کي انهن حڪمرانن جي غلطين پاليسين ۽ ناڪام منصوبن جي قتل گاهه ۾ قربان ڪيو ويو. ۽ پوءِ اڳيون فطري مرحلوا هو ٿيندو ته محڪوم قومن جي ليڊرن جي نظرين ۽ انهن جي ڏسيل حڪمت عملين ڏانهن رجوع ڪيو وڃي. قومپرست اڳواڻن طرفان ڏسيل پاليسين ۽ حڪمرانن طرفان اختيار ڪيل پاليسين تي کليل نموني بحث ڪيو وڃي ۽ حاصل ٿيل نتيجن جي بنياد تي انهن جو تقابلي جائزو ورتو وڃي. صرف اهڙي طريقي سان ئي اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته غلطين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ معاملن کي صحيح دڳ سان لاتو وڃي. اهڙو دڳ جيڪو هن خطي جي قومن جي آزادي، امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزل ڏانهن وڃي.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: قوم پرست، حڪمران ۽ وقت جو فيصلو آءُ سائين مانواري عبدالخالق جوڻيجي صاحب جي سموري ليک سان متفق آهيان، تاريخ جي آئيني ۾ پاڪستان جي مختصر تاريخ جا عڪس ڏيکاريا آهن ۔۔۔ پر آءُ سندس ڏنل هيٺين صلاح تي وري به ائين ئي چوندس ته مينهن جي آڏو بين وڄائڻي آهي ۔۔۔ پاڪستان جي موجوده اسٽبلشمنٽ ۽ حڪمراني ڌريون، اڌيون ٻوڙيون آهن اهڙي ڪا تجويز جيڪا هن طرح سان هجي سا سندن ڪنن تي خارش جي بيماري ڪري وجهي ٿي ۽ هو ان تجويز ۽ تجويز ڏيندڙ کي ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنٿا ۔۔۔