عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
ڪشمير اليڪشن.... هڪ سياسي واچوڙو
آزاد ڪشمير جي اليڪشن ملڪي سياست کي ايترو تبديل ڪري ڇڏيندي شايد ڪنهن به سوچيو نه هيو. آزاد ڪشمير اليڪشن هڪ نئون ۽ عجيب سياسي واچوڙو بڻجي آئي جنهن ملڪ جي سياست ۽ سياستدانن جا رک ڦيرائي ڇڏيا! ڪٿي ويجهڙا دوست سياسي مخالف بڻجي ويا ته ڪٿي روايتي سياسي دشمنن گڏجي ويهڻ جو فيصلو ڪيو! ڪٿي اتحاد ٽٽا ته ڪٿي نون اتحادن جا بنياد رکيا ويا. هاڻي ڪشمير اليڪشن کان پهريان جي سياست تي نظر ڊوڙائجي ته پنجاب واري پارٽي ۽ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جا اختلاف ايتري قدر شديد هيا جو هو ڪنهن ٽي وي پروگرام ۾ هڪ ٻئي کي ذاتي طور گٿا لفظ توڙي نه سونهدڙ لقب ڏيندا رهيا آهن. ميان وڏي ته پنهنجي هڪ تقرير ۾ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ کي دهشتگرد پارٽيءَ جو نالو ڏنو ۽ فقط اهو ئي نه پر ڪراچيءَ ۾ پيش آيل ڏهڪائيندڙ ڏينهن يعني 12 مئي جو ذميدار پڻ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ کي قرار ڏنو. ن ليگ جي هڪ سينيٽر هڪ دفعو نه پر ٻن ٽن ٽي وي پروگرام جيڪي سڄي دنيا ۾ ڏٺـا وڃن ٿا انهن ۾ چيو ته ڪراچي واري پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ مونکي قتل ڪرڻ ڌمڪي ڏني آهي جنهن بيان جو رڪاڊ اڄ به انٽرنيٽ تي موجود آهي. هاڻي ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي ماضي قريب ڏانهن هلجي ته باهه هيڏانهن به لڳل هئي. ڪڏهن ن ليگ کي آمريت جي ٿڃ پي ڪري بالغ ٿيل سياستدان چيو ويو، ته ڪڏهن جمهوريت جو دشمن سڏيو ويو. تازو ئي گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي اڳواڻن پاران اهڙن لفظن جو جو استعمال ڪيو ويو جنهن کي غير اخلاقي درجي وارا لفظ چئي سگهجي ٿو. ساڳئي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ يعني چوڌري نثار ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي سربراهه کي تنزيه طور تي ايشيا جي سڀ کان وڏو انقلابي ليڊر جو لقب ڏنو. ۽ چيو ته هو تقرير ڪندي اڪثر هوش ۾ نه هوندو آهي. هي سڀ ڳالهيون انهن سياستدانن جي واتن جو آهن جيڪي هن وقت قربتن جون ڪوٺون ڪرڻ لڳا آهن ۽ جن جي وچ ۾ گرينڊ الائينس نالي هڪ نئون اتحاد جنم وٺي رهيو آهي. پر سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي؟ يا فقط ذاتي مرضي مطابق سياست کي جيڏاهن وڻي اوڏاهن موڙجي سگهڻ تمام آسان آهي؟ شايد نه!! ڇوته حڪمران پارٽي ۽ ق ليگ جي اتحاد تي وڏي واڪي قاتل ليگ جا مهڻا ڏيندڙ سندن ڪراچيءَ واري پارٽيءَ سان اتحاد تي ماضي فراموش ڪرڻ جو درس ڏئي رهيا آهن. شايد اهي ڳالهيون حڪمران جماعت به ڪيو ته ماضي جي سياست کي وساري اڳي هلڻ گهرجي پر پنجاب واري پارٽي ماضي کي ناقابل فراموش چوندي عوام کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو!!! موجوده سياسي رابطه ان ڳاله جو تاثر ڏئي رهيا آهب ته شايد سياسي اصول صرف حڪمران پارٽيءَ تي لاڳو ڪري سگهن ٿا!! هاڻي عوام کان معافي وٺڻ جي مطالبن جي بنياد کي ڏسجي ته اهو مطالبو عوام سان غلط بياني ڪرڻ سبب اٿاريو ويو. جنهن ۾ جوابدار موجوده صدر کي بڻايو ويو ته موجوده صدر ماضيءَ ۾ ق ليگ کي قاتل ليگ چيو هاڻي ان سان اتحاد ڪيو آهي. جي ڪڏهن ق ليگ قاتل ليگ نه آهي حڪمران پارٽيءَ جو سربراه عوام کان غلط بيانيءَ تي معافي وٺي..........!! پر چوندا آهن ته وقت سدائين هڪ جهڙو نه هوندو آَهي. اڄ اها ئي صورتحال پنجاب واري پارٽيءَ سان به آهي. ڇو ته هنن ڪجهه وقت پهريان ئي ڪراچيءَ واري پارٽيءَ کي دهشتگرد، ڀته خور ۽ ٽارگيٽ ڪلر قرار ڏنو اڄ ان پارٽيءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن ۽ پنهنجي مطالباتي اصولن کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پنجاب واري پارٽيءَ پاران ڪراچيءَ واري پارٽيءَ تي لڳايل اهي الزام ڪوڙا آهن ته ڇا اڄ پنجاب واري پارٽيءَ کي عوام کان معافي نه وٺڻ گهرجي؟؟ شايد ان جو جواب ماضي فراموش ڪرڻ جي هدايت طور ئي ملندو. ڪشمير اليڪشن کان اڳ جي سياست ۾ پنجاب واري پارٽي اڪيلي نظر پئي آئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف نظر آئي ان وقت سندس مخالف گهڻا ۽ دوستن تمام گهٽ هئا پر ڪشمير اليڪشن کان پوءِ ن ليگ کي هڪ نئون سياسي حليف ملي ويو آهي. پر هاڻي صورتحال سمجهڻ کان ڳري آهي ته هن سياسي واچوڙي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل نئي دوستي (اتحاد) جو مستقبل ڇا ٿيندو؟؟ ڇو ته ڪراچيءَ واري پارٽي جي پالسي حڪومت ڪيرائڻ جي نه پر حڪومت تي مسئلن جي حل جي لاءِ دٻاءُ وجھڻ واري نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته پنجاب واري پارٽي حڪومت هٽائڻ واري مهم ۾ سرگرم آهي. سندس پوري پوري ڪوشش آهي مارچ 2012 کان پهريان ڪنهن به صورت ۾ يا ڪنهن به طريقي سان حڪومت جو خاتمو ڪيو وڃي. ڇو ته مارچ 2012 ۾ سينيٽ جا اليڪشن ٿيڻا آهن. جن ۾ موجوده حڪمران پارٽيءَ کي ناقابل شڪست اڪثريت حاصل ٿي ويندي. جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ ايندڙ ڪابه حڪومت موجوده حڪمران پارٽي يعني پ پ کي راضي رکڻ جي پابند رهندي جيڪڏهن مخالفتون وڌيون ته ڪابه حڪومت سينيٽ ۾ اڪثريت نه هئڻ ڪري سندس بِل پاس نه ڪرائي سگهندي.. شايد سينيٽ جا اليڪشن ئي آهن جن ميان وڏي ۽ سندس پارٽيءَ جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ۽ هو پ پ حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ ۽ ڪو به انتهائي قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهن. ڏٺو وڃي ته عوامي مسئلا ته ڪافي پهريان کان آهن. پر هي اوچتو رد عمل اچڻ ۽ اهڙيون تقريرون ڪرڻ جن ۾ حڪومت جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ذاتيات تي تنقيد!! ان تمام شين جو جو بنياد ڇا آهي؟ ڇا به ٽن سالن تائين عوام جا مسئلا ميان وڏي کان لڪل هيا؟؟ شايد انهن ڳالهين ۾ اهو واضع ٿئي ٿو ته هي بي چيني صرف سينيٽ جي اليڪشن جي وجهه سان آهي. هاڻي سياست ۾ هڪ نئون مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي ته هي گرينڊ الائنس عوامي مسئلن جي حَلَ لاءِ اپوزيشن جي ڪردار کي سخت ڪرڻ آهي يا صرف حڪومت کي ڪيرائي ”سياسي وارو“ حاصل ڪرڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن جي پريشاني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تڪڙو قدم يا مهم آهي؟ ان جو فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو.
_____________________________________________________________________

۔۔۔