سائين محمود مًغل (تر گٿي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    خـــــواب نـــــگـــــر
    تِر جي گُٿي....!
    محمود مغل
    هي فقير، اوهان جي لائقن لاءِ ٿورائتو آهي. اوهان جا وَڙ آهن، احسان آهن جو ”تڇ“ کي ياد ڪيو ٿا، ذري پرزي کي خيال ۾ آڻيو ٿا. حڪم ته اهو آهي ته مواصلات جي هنن ذريعن کي ”ذاتي منعفت يا لاڀ“ لاءِ ڪتب نه آڻجي، تذڪرو ”مان“ جو نه هجي ”اسان“ جو هجي. پر بهرحال صاحبانِ علم و خرم، ماڻهو ته ماڻهو آهي، ڀڄي ڀُري پوي ٿو، ۽ اهو به ڪيترو نه عجيب آهي ته رب مٺڙي جل شانه ماڻهوءَ کي ئي ماڻهوءَ لاءِ ”مرهم“ رکيو آهي...ڀاڪر ئي دلاسو ڏئي ٿو، پنهنجي ڳَل تي ڪو مهربان ڇهاءُ ڳوڙها اُگهندي، محسوس ٿئي ٿو، زندگي موٽي اچي ٿي....۽ ڪيڏو نه عجيب آهي هيءُ حياتيءَ جو احساس به، زندگي رڳن ۾ گردش ڪري ته اسين الاءِ ڪهڙي مضبوطي محسوس ڪندا آهيون، ۽ الاءِ ڇو مضبوطيءَ جي ان مرحلي ۾، اسين ٺوڪرون هڻڻ ۾ ڪيٻائيندا ڪو نه آهيون. شايد اسان کي پنهنجي ڪمزور ٿيڻ جي پَڪَ نه هوندي آهي...ڪڏهن اهڙو ڪجهه اسان سان به ٿي سگهي ٿو، اهو اسان سوچيندا ئي ڪو نه آهيون، جي سوچيون ته ائين ڪيون ڀلا...؟
    حياتي ۽ تر جي گُٿي، سنوين چوٽون کائيندي آهي. غلطي ٿي وڃي ٿي عزيزانِ مَن، پر ان غلطيءَ جو احساس ۽ ندامت، ان رٻڙ جيان هوندا آهن، جيڪي غلطيءَ جي پينسل واري تحرير مٽائي ڇڏيندا آهن. ائين به ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن، اهي اکر پورا ناهن ڊهندا، ڪو نه ڪو نشان، ڪا نه ڪا ”اُڪرَ“ رهجي ئي ويندي آهي. پر جي غور ڪجي ته اهو به ”عطا“ جو هڪ قسم آهي...سمجهه جي عطا آهي...ياد جي عطا آهي ته اها غلطي وري ورجاءُ حاصل نه ڪري...وري ٿيڻ واري هجي ته اسان کي اڌ ”ڊٺل“ اسٽائل رستو جهلي بيهي رهي.
    بدين ۾ نانگ جا ڪکيل، مايوسيءَ کان ڏنگجي ويا هئا، جڏهن کين سِول اسپتال ۾ ٻڌايو ويو ته هتي ”پاڻي واري سُئي“ ته ملي سگهي ٿي، نانگ جي زهر کان بچاءَ جي ويڪسن نٿي ملي سگهي...اهو به ڪو چڱائيءَ جو رستو هو، جو هو پاڻ کڻائي حيدرآباد تائين پهتا، جتي خبر پڙهندڙ معراج ظفر مطابق، حياتيءَ جا آثار موٽي رهيا هئا. خبرن مطابق، بدين ۽ ان جي آس پاس نانگن جو تعداد وڌيل آهي ۽ اهڙا واقعا عام آهن. ڳالهه سمجهه کان زور آهي، هڪڙو سادو، سودو ماڻهو به ”طلب ۽ پهچ“ جي هُنرن کان واقف آهي. حيرت سان اهو به ته ڏسجي ٿو ته ڪا به ٻولي نه ڳالهائيندڙ ”ٿڃ پياڪ“ به بک مهل کير ”طلبي“ ٿو ۽ والده محترمه پاڻ يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان اهو پورو ڪري ٿي...مطلب، ناسمجهيءَ ۾ به گهرج جو رنگ نظر اچي ٿو ۽ پهچ جي سمجهه عطا ٿئي ٿي. هاڻي جڏهن اهو سڀ ائين آهي ته ڇا صحت کاتي، بدين جي سول اسپتال جي عملي، عام ڊاڪٽرن، ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته هي اوسي پاسي، زهر جي فراهمي آهي ۽ ”ترياق“ جي موجودگي بنهه لازم آهي؟ ڇا انهن مڙني ڊاڪٽرن جي پنهنجي ڪلينڪن تي، اها ويڪسن اڻ لڀ هوندي؟...ڇا ڳرو نوٽ مالي مضبوطي ۽ جاهه و حشم، اتي علاج نه ڪرائيندو هوندو؟...ڇا اها ڄاڻ به نه هوندي ته ڪو زهر جو شڪار مسڪين، ڪجهه ئي لمحن ۾ جهانَ مان رخصت ٿي سگهي ٿو؟...سڀ ڄاڻ آهي سائين، لاغرضي آهي، جيڪا انتها تائين آهي. شرمسار آهيان جو هڪڙو ڊاڪٽر هوندي به هي سٽون لکان پيو، پر حقيقت ته اها آهي ته پنهنجي ذات، پنهنجي ڪلينڪ، پنهنجي خاندان لاءِ ته لاڀُ کُلي ”گهرجن“ ٿا. عام مريض، اسپتال ۽ وارڊن لاءِ طلب، هاڻي شرمساري بڻجي ٿي...
    اسيءَ جو ڏهاڪو هيو...اسين ٽئين سال جا شاگرد هئاسين، تقريباً ستاويهه سالَ اڳ جي اها ”ادا“ ياد اچي ٿي ته وارڊَ ۾، گهڙيال کان وٺي، صوفه سيٽن تائين جيڪي آفيسن ۾ رکيا ويا هئا، نئون ٽي وي سيٽ جيڪو عام وارڊ جي ڀت تي مريضن لاءِ لڳو هيو، هڪڙي ڪمري ۾ عبادت لاءِ مخصوص ڪيل جاءِ، جنهن جي مصلن کان وٺي، ڪلام پاڪ جي نسخن تائين، استاد محترم ڪمپنين وارن کان گهرايا هئا. دوائن جي ڪمپنين جو ڊاڪٽرن ۾ ”ڪاروبار“ جي ڪري ساهه اٽڪيل هوندو آهي. اشاري جي دير هوندي آهي، پنهنجي ”ڌنڌي“ لاءِ هو آسمان مان تارا به پَٽي اچن، وارڊ ۾ اهي ”معمولي ڪمَ“ ته سندس ڏائي هٿ جا کيل هئا. وارڊ ٺهي ويو هو...مريضن لاءِ واٽر ڪولر به اچي ويو هو....
    وقت مَٽبو آهي ته ترجيحات به مَٽبيون آهن، فزيشن جا سئمپل، مهر و عنايت سان وڪرو ٿين ٿا. ٿيلهو کڻي ايندڙ ميڊيڪل رئپ معنيٰ ريپريزيٽيٽوِ، پنهنجي هنر ۽ ان جي تقدس جي بي حرمتي ڪري ٿو، جنهن جي عنايت اسان جا طبي ماهرين به ڪن ٿا. جهازن جون ٽڪيٽون، ملڪن جا دورا، ڀورڀن ۽ پيٽرياٽا جون زيارتون، ٻارن لاءِ سامان، گهر لاءِ گهرجن جو پورائو، موبائيل فون کان وٺي، ڊاڪٽر صاحب جي ٽيبل جي اسٽيشنريءَ تائين نه هيڊ لڳي نه ڦٽڪي ۽ رنگ به گهاٽو ٿو اچي...پوءِ جڏهن پاڻ تان ئي نظر نه ٿي هٽي ته مريضن لاءِ ”مال“ ڪٿان گهرجي...پنهنجي پيشي تي الزام هڻڻ، پنهنجي قيام ڪاري ڪرڻ جيان آهي، پر اتي دل چوي ٿي ته هڪ ڊاڪٽر ٿي، مان ڊاڪٽر صاحب کان پڇان ته ”قبلا...جي اوهان اشارو ڪيو ته اهي ويڪسينز اوهان وٽ اهي ٻاهر بيٺل ”ڪَٽڪَ“ ڪو نه پهچائي ويندا؟...دل تي هٿ رکي ٻڌايو، ڇا اوهان اهي ارينج نٿا ڪري سگهو...؟“
    جتي پڙهيل لکيلن جي اها حالت آهي، اتي وري اسان جو عوام به عجيب آهي، الاءِ ڇو اسين ”پوءِ ڪنداسين“ ۾ پختو يقين رکندڙ هوندا آهيون. جي دادوءَ جي نياڻي، ڪتي جي ڏاڙهڻ کان پوءِ ويڪسين نه ملڻ سببان، ”چريائپ“ جو شڪار ٿي هئي ته ڇا اهو هڪ ڏينهن ۾ ٿيو هو؟...ڇا ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل/کاڌل هڪ ڏينهن ۾ بيمار ٿيندو آهي؟...ڇا اها ڄاڻ به موجود ناهي ته جيڪو ڪُتو، چڪ هڻي ٿو، ان کي ٻڌي رکجي ۽ ڏهه ڏينهن ڏسجي...جي اهو ان عرصي ۾ مري وڃي ته معنيٰ اهو ڇتو هيو ۽ جي اهو بچي ٿو وڃي ته ان جو مطلب آهي ته هن ڇتڪتائي ۾ چڪ ناهي هنيو، پنهنجي دفاع ۾ ڏاڙهيو اٿس ۽ مريض بچي سگهي ٿو...پر وري به ان ڄاڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ويڪسين ئي نه ڪرائجي...خدانخواسته، چڪ لڳڻ سان، احتياطاً اهو سڀ ڪرائڻ گهرجي...اسين ايترو انتظار ڇا جو ڪندا آهيون...؟ مٿان وري حيرت ٿيندي آهي جو عام حياتيءَ ۾ اهي روڊ رستي تي، معمولي حادثي ۾، رهڙن جو شڪار ٿي، ڪپڙا ڇنڊي اُٿي کڙا ٿيندا آهيون...اسان مان ڪيترائي مهربان، اسپتال وڃڻ گوارا نه ڪندا آهن. پنهنجي همٿ کي داد ڏيندي، ڪمال حيرت سان، پنهنجي ڪم ۾ وري ”بزي“ ٿي ويندا آهن....اڄ خواب نگر ۾ ڪا ڊاڪٽري نه ٿا هلايون، پر معزز خواتين و حضرات روڊ جي حادثي ۾ ڇلهجڻ خدا نخواسته رت وهڻ جي صورت ۾ هڪدم تشنج جي خلاف ويڪسين ضرور لڳرائجي...خدارا ان تي ڌيان ڏيو...ڇاڪاڻ ته تشنج اها بيماري آهي، جيڪا اوچتو پوءِ ڪنهن به وقت نمودار ٿيندي آهي ۽ خدانخواسته هڪدم اجل آڻي سگهي ٿي...مهرباني ڪيو، اهي ٻه نڪتا هيئن سان هنڊايو ته روڊ حادثي ۾، اها ئي لازم لڳرائڻي آهي ۽ جي ڇتي ڪُتي جي چڪ جا اثر نمودار ٿي ويا ته پوءِ موٽ ڪونهي...اجل لازمي آهي، تنهن ڪري، ان کان پهرين اهو سڀ ڪجهه ڪرائڻو آهي.
    اڄ، اوهان سان ملاقات ۾ عجيب ڪٿا ڪڍي ويٺو آهيان، پر جي هاڻي به اهو سڀ نه سمجهياسين ته ڪڏهن سمجهنداسين...۽ مٿان وري هڪڙو عرض، پنهنجي چئنلز کي به، ”خدارا... اهي فوٽيج نه ڏيکاريو...دادوءَ جي ننڍڙي زينب هجي...يا پاڻ کي پيٽ ۾ ڇُرو هڻندڙ آندل...انهن ٻنهي جي تڙپ، آخري گهڙين ۽ موت ڏيکارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي...! ڇا اهو ٿِرل آهي؟ وڪرو آهي يا ساک آهي؟...مهرباني ڪيو، ”تِر جي گُٿي جون سئون چوٽون نه ڏيکاريو.“ جن خطرناڪ حالتن جو ذڪر ڪيوسين، انهن جو علاج ڪو گهڻو مهانگو ناهي، اهي ايمرجنسيون آهن معزز صاحبانِ هوش و خرم...انهن کي سمجهو...اهي نه سمجهڻ ئي ”تر جي گُٿي“ اٿوَ...جيڪا خدانخواسته ٿي وڃي...ته چوٽن جو تعداد، سڄي عمر روح روليندو رهندو آهي.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين محمود مًغل (تر گٿي)

    ضمير کي جهنجهوڙيندڙ ڪالم آهي ۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ جي مسيحائن جي ڪٿا هڪ مسيحا پاڻ پيو ٻڌائي۔ محمود مغل جا ڪالم سچ ته اندر ۾ جهاتي پائڻ لاء هوندا آهن۔ اسان جون اسپتالون ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جون ترجيحون به زماني سان گڏ بدلجي ويون آهن۔ خبر ناهي ڪڏهن اسان ذاتي فائدن ۽ انائن مان نڪري معاشري جي ڀلائي ۽ انسانيت لاء سوچينداسين۔

    اوهان جا قرب اوهان سٺي ڪالم جي چونڊ ڪري اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو