[JUSTIFY]ضلعو دادو جاگرافائي لحاظ کان وچ سنڌ ء ايراضيء جي لحاظ کان سڀ کان وڏو ضلعو هيو۔ جڏهن ضلعا ٽوڙيا ويا ته دادو جي ايراضي اڌ کان به گهٽ رهجي وئي ان وقت جي سياستدانن پنهنجن اليڪشن واري حصا ورهائي کنيان، ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيو ؟؟؟[/JUSTIFY] دادوء وارن سمجهيو ته هاڻ اسان جو ضلعو ترقي ڪندوپر ان حڪومت به ڪو عوامي ڪم نه ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جئين پي پي پي جي حڪومت آئي ته ترقياتي ڪم اتي رڪجي ويا اڄ به اهي روڊ ٽٽل، انٽرنس گيٽ جو ڪم به بند پيل آهي بس اسٽاپ جي حالت بد ترين آهي مسافرن جي پئڻ لاء پاڻي ڪون آهي، اسان وارو وزير پير مظهر الحق دادو۾ ڀيرو ئي نه ڀري جي اچي ته ڪنهن سان ملي ئي ڪون [JUSTIFY](ڪجهه ڏينهن اڳ مان سنڌ سيڪريٽريٽ ويس اتي دوست ٻڌايو ته پير صاحب گيٽ وران کي حڪم ڏنو آهي ته شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري پوء ماڻهن کي مٿي ڇڏيو وڃي ء جنهن وٽ دادو جو ڪارڊ هجي ان کي ڪنهن به صورت ۾ مٿي نه ڇڏيو وڃي مون سان گڏ به دادو وارو هيو گيٽ وارن اسانکي روڪي ڇڏيودوست هنن کي پنهنجو ڪارڊ ڏيکاريو ته مان خود ملازم آهيان ء هي منهنجو دوست آهي پير صاحب سان ڪون ملڻ آيو آهي تڏهن وڏي مشڪل سان اسانکي گيٽ کان ڇڏيو ويو)[/JUSTIFY] هاڻ جڏهن ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويوآهي ته دادو ضلعي کي پراڻي حيثيت ۾ نه آندو ويو آهي دادو ضلع جي عوام جو ڪهڙو ڏوهه جو ان کي سياسي ويڙهه ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي؟؟؟
جواب: ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ کان پوء به دادو ضلعي سان ماٽي وارو سلوڪ يار عرس دادو ۾ آهي جادو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو جادو تڏهن نظر آيو جڏهن پ پ پ هتان گذريل اليڪشن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو۔ هن حڪومت کان اڳ به دادو جو وزير اعلى ٻه دفعا رهي چڪو آهي (مرحوم عبدالله شاهه ۽ لياقت جتوئي)۔ انکانسواء هر حڪومت سان گڏ هن حڪومت ۾ به دادو جا ڪيترائي وزير آهن (وفاقي به ته صوبائي به)۔ اهي جيڪڏهن ڪم نه ٿا ڪن ته ان جو انتظامي معاملن سان ڪهڙو واسطو آهي ؟؟؟ اها ڳالهه مونکي سمجهه ۾ ڪونه آئي۔ دادو جا ماڻهو جي چاهين ته سندن پاران ڪيل هڪ هڙتال ۾ ئي سندن مسئلا حل ٿيندا پر اسان ذاتي ڪمن کي اجتمائي ڪمن تي ترجيحون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ۽ اوهان جا وزير به اهي ڳالهيون سمجهن ٿا۔ خيرپور ۾ گهڻائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن اهي به پ پ پ جا وزير آهن۔ ٻيو ته دادو وڏو ضلعو آهي جيڪڏهن ڄامشورو ضلعو رهڻ ڏنو وڃي يا وري قنمبر ضلعو به رهڻ ڏنو وڃي ته اها سٺي ڳالهه آهي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي وارا فيصلا اسان جي دل وٽان ٿيا آهن۔