ڪيان ڇا امان بيان تنهنجو

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل
ڪيان ڇا امان بيان تنهنجو
جڳ کان مٿي آ شان تنهنجو

هي دولت هي شهرت ان کان مٿي
جيجل آهي مان تنهنجو

رهي پاڻ بک ته ڪرائي ڍو اسان کي
ڏس ته ڪيڏو آ ايمان تنهنجو

لهين پاڻ ڳولي گهمندي اسان کي
اسان ۾ ڪيڏو آ ڌيان تنهنجو

ڏنا ڪئي ڏورڻا اسان سان امان
ڀلاڪيئن وساريان احسان تنهنجو

چوي ڪوئي توکي برو يا ڀلو
پر هُن وٺ وڏو آ شان تنهنجو

مزمل چانڊيو
 
جواب: ڪيان ڇا امان بيان تنهنجو

امڙ جي عظمت ۽ شان تي سٺي شاعري ۔۔۔۔۔۔۔

لفظ امڙ جڏهن به پڙهڻ لاء يا ٻڌڻ لاء ملندو آهي ته پيار ۽ پنهنجائپ جو هڪ عجيب احساس اڀرندو آهي۔

امڙ جنهن جي پيرن هيٺان جنت مهيا ڪئي وئي آهي۔
 
Back
Top