دوستن اهو نوٽ ڪيو هوندو ته نيٽ هلڻ دوران جڏهن ماءِ ڪپيوٽر تي ڊبل ڪري ڪو فولڊر کولڻ جي لاءِ وڃبو آهي ته اهو اڪثر نيٽ نه هلڻ جي صورت ۾ ڪجهه سيڪنڊ (15 سيڪنڊ) دير سان کُلندو آهي ۔۔۔ اهو ان ڪري جو ونڊوز ايڪس پي ۾ ڊيفالٽ طور اهو آپشن سيٽ ٿيل هوندو آهي ته جڏهن به ڪو فولڊر کولجي ته نيٽ تي شيئرنگ ٿيل فائيل سرچ ڪيا وڃن۔۔۔ ان ڪري ماءِ ڪمپيوٽر جي برائوزنگ اسپيڊ کي وڌائڻ لاءِ سڀ کان پهريان My Computer کي ڊبل ڪري کوليو ۽ Tools مينون منجهان Folder Options چونڊيو ۔۔ توهان جي اڳيان هڪ ونڊو کُلي پوندي جتان Automatically search for network folders and printers کي ان چيڪ ڪريو۔۔۔ Apply ۽ Ok ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر ريسٽار ڪريو۔۔ جنهن کان پوءِ نيٽ هلڻ دوران ماءِ ڪمپيوٽر يا ڪو فولڊر کولڻ جي رفتار پهرين جي مقابلي ۾ بهتر هوندي۔۔۔
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي برائوزنگ اسپيڊ وڌايو۔۔۔ يار چيڪ ڪرڻو آهي يا ان چيڪ؟ ڇو ته مون جڏنهن اهو آپشن کوليو ته اڳ ۾ ئي چيڪ لڳل هو۔
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي برائوزنگ اسپيڊ وڌايو۔۔۔ جي توهان شايد غور سان نه پڙهيو ان آپشن کي ان چيڪ ئي ڪرڻو آهي۔۔