ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ۽ آصف زرداري جي سياست

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]جڏهن آصف زرداري صدارت لاء پنهنجو نالو تجويز ڪيو هو ته ان کان اڳ ئي سينير سياستدان مخدوم جاويد هاشمي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته آصف علي زرداري جي سياست سمجهڻ لاء سياست ۾ پي ايڇ ڊي جي ضرورت آهي۔ ملڪي حالتون ، ملڪي معيشت ۽ امن امان جي خراب صورتحال باوجود هو پنهنجا پتا اهڙي ته ماهر کيڏاري جيان استعمال ڪري رهيو آهي جو مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهن اهو نعرو بلڪل درست ثابت ٿي رهيو آهي ته ته ”ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري“۔

    ايم ڪيو ايم جي الڳ ٿيڻ کان اڳ ق ليگ سان حڪومتي اتحاد وقت اهو اندازو لڳي رهيو هو ته هاڻي ڪي نوان سياسي اتحاد ٺهندا ۽ اهوئي ٿيو۔ ايم ڪيو ايم جي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري پاليسي هاڻ ختم ٿيندي نطر اچي رهي آهي۔ گرانڊ الائنس انڪري مئوثر نظر نه ايندو جو هن دفعي پير پاڳارو، چوهدري برادران ۽ اي اين پي پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهن۔ ايم ڪيو ايم هاڻ ضرور پنهنجي پاليسي تي پشيمان هوندي۔ ڪشمير جي اليڪشن کي جواز ٺاهي پاڪستان ۽ ڪراچي جي طاقت وڃائڻ هنن لاء ضرور مٿي جو سور بڻبي۔ ايم ڪيو ايم جو هن دفعي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو سبب اصل ۾ ڪشمير جي اليڪشن نه پر پس پرده ڪو ٻيو اشو لڳي رهيو آهي جيڪو وقت اچڻ سان گڏ ظاهر ٿيندو۔

    قومپرست پارٽين ۽ سنڌي عوام جو ديرينه مطالبو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي پورو ٿيڻ ۽ انتظامي طور ڪيل تبديليون سنڌي عوام ۾ مقبوليت ماڻينديون ۽ پيپلز پارٽي اهم موقعي تي اهو فيصلو ڪري سچ ته ماڻهن جي دلين ۾ ٻيهر زنده ٿي آهي۔ آرڊيننس جاري ٿيڻ شرط سنڌ جي هڪ شهري، 22 ضلعي حڪومتون، 101 تعلقي، 18 ٽائون ۽ 1200 يوسيز جون حڪومتون ختم ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سميت سڄي سنڌ ۾ ميونسپل ڪارپوريشنز، ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون بحال ٿي ويون آهن. مان جڏهن ان فيصلي کانپوء ڪالهه سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمي رهيو هوس ته ماڻهن ۾ گهڻي تبديلي ۽ پيپلز پارٽي لاء نرم رويو محسوس ڪيم۔ قومپرست ڌرين به ان عمل جي واکاڻ ڪئي آهي۔

    ڪراچي ۾ ايف سي جي داخلا ۽ رينجرز ۽ پوليس جي چوڪسي ڏسي لڳي رهيو آهي ته هاڻ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو گڏجڻ سولو ڪم ڪونه هوندو پر هاڻي داخله جي وزارت ملڻ کانپوء محترم منظور وساڻ جي قابليت ۽ تجربي جو صحيح اندازو لڳندو۔ منظور وساڻ تجربيڪار هجڻ سان گڏ معاملن کي سلجهائڻ جو به ماهر رهيو آهي۔ هن جي پهرين ترجيح امن سان ڳالهين جي هوندي جي نه ته هن کي ڏنڊي هلائڻ جو فن ذوالفقار مرزا کان به سٺو ايندو آهي، اهوئي سبب آهي جو 1988 کان اڄ تائين هو اليڪشن ۾ ناقابل شڪست رهيو آهي۔

    جيڪڏهن حڪومت ڪجهه ٻيا اهم فيصلا ڪري ان تي عمل ڪرايو جيئن تعليم، صحت، امن امان ۽ ميرٽ تي تقرريون ۽ ڪارڪنن، عوام ۽ اڳواڻن ۾ آيل ّخلا کي پر ڪرڻ ته پوء ايندڙ اليڪشن ۾ به پ پ پ جي ڪاميابي يقيني آهي۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ۽ آصف زرداري جي سياس

    ها ادا لڳي ٿو هاڻي پي پي پي پنهنجي وٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ اهڙا فيصلا زور شور سان ڪندي۔ ۽ دعا آهي ته قائم به رهي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ۽ آصف زرداري جي سياس

    ٻڌو اٿم ته سمورا ضلع ساڳي پراڻي پوزيشن ۾ نه آيا آهن ۔۔۔ صرف اهي ضلع جن جي وڌيڻ يا تبديل ڪرڻ سان پيپلز پارٽي کي نقصان ٿيو هو۔۔۔ اهي واپس ٿيا آهن۔۔۔ خير ڪجهه به هجي پر پيپلز پارٽي کي هاڻي اکيون کولي هر پاسي ڏسڻو پوندو جو ڪالهه تائين جيڪي سندن ساٿاري هيا۔۔ هوا جو رخ ڏسي صوبي هزاري وال ۽ صوبي سرائيڪي جي شورش ۾ صوبو مهاجرستان به شامل ڪري رهيا آهن ۔۔
    ظاهر آهي سنڌ ۽ پيپلز پارٽي دشمن اهڙين ڳالهين ۾ ها ۾ ها ملائيندا ۔۔۔ جنهن جو به ڪو ترت حل جانچڻو پوندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو