سهيل ميمڻ هڪ سئو کان وڌيڪ انسانن جي جانين ڳڙڪائڻ، سوين زخمين، ڪيترن گهرن ۽ ملڪيتن کي باهين، گاڏين جي تباهين ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي ذهنن تي سڌي طرح ۽ پوري ملڪ جي ماڻهن تي اڻ سڌي طرح خوف غير يقيني ۽ ڏک واري صورتحال کان پوءِ ڪراچي ڪالهه صبح جو ٺاپر ۾ اچي وئي. ڪراچي گذريل هفتي، مختلف علائقن ۾ مختلف هٿياربند گروپن جي باقاعده ڪنٽرول ۾ رهيو، اڳ شهر ۾ فقط گوليون هلنديون هيون، هن ڀيري دستي بمن جو استعمال به ٿيو. جنهن مان ڳالهه ظاهر آهي ته، هر ويڙهاڪ ڌر تيار ۽ ليس آهي. هڪ ڳالهه جيڪا ڪالهه واري ٺاپر سان سامهون آئي آهي، اها صاف ٻڌائي ٿي ته حڪومت جي چاهي ته، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، ائين ئي ڪراچي ۾ موجوده فسادن ۾ ٿيو، ويڙهه جو ميدان بڻيل علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي غير موجودگيءَ بابت ميڊيا مسلسل ٻڌائيندو رهيو، لاش ڪرندا رهيا، اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيا، بنا فرق جي ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ٿيو، رينجرز کي وڌيڪ اختيارن لاءِ متاثر علائقن ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو حڪم مليو، ايف سي مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ٿيا، صوبي جو گهرو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، رات جو اهي فيصلا ٿيا، رات جو ئي عمل شروع ٿيو ۽ نتيجو فقط 12 ڪلاڪن ۾ ڪالهه صبح تائين سامهون آيو، اهي علائقا جيڪي هٿياربندن جا مورچا بڻيل هئا، رينجرز جي قبضي ۾ آهن، هر داداگير پنهنجي دستي بم ۽ ڪلاشنڪوف سميت ڀڄي نڪتو آهي ۽ ڪالهه صبح کان ڪراچي جو وهنوار في الحال ته ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. ڪراچيءَ جو مسئلو ڇا آهي؟ جي لطيف سائين جي لفظن ۾ ڏٺو وڃي ته ڪراچيءَ جو مسئلو ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ جهڙو آهي ۽ سڌن لفظن ۾ پراڻي چوڻي آهي ته ”ڪراچي هڪ بين الاقوامي يتيم خانو آهي“ پر ان يتيم خاني ۾ ايندڙن جي پلاننگ نه هجڻ سبب اهو يتيم خانو هاڻي ايترو Over loaded ٿي چڪو آهي جو ان جي ڇت ڪرڻ تي آهي. ڪراچي جي آباديءَ ۾ غير فطري پر اها به حد کان وڌيڪ تيزيءَ سان واڌ، هر ايري غيري لاءِ هتي اچڻ کان روڪ ٽوڪ نه هجڻ، هر ڌر پاران پنهنجا ماڻهو وڌائڻ جي ڊوڙ بنا ان سوچ جي ته شهر جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ڪيتري آهي. شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪيترو گهربل آهي ۽ ڪيترو مهيا آهي، بجلي ڪيتري گهربل ٿيندي، گئس ڪيتري آهي، روڊ، رستا، ڪيترو بار برداشت ڪري سگهن ٿا. ان قسم جي پلاننگ ۽ سوچ کان بغير ئي، ڪراچيءَ ۾ بس پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو انگ وڌائڻ لاءِ جيڪا ڊوڙ لڳائي وئي، ان جو ئي نتيجو آهي، جو شهر پنهنجي ڦهلاءُ ۽ ضرورتن جي گهرج ۾ ايترو وڏو ٿي ويو آهي جو هر چوڪ، هر گهٽي ۽ هر پاڙي ۾ مفادن جو ٽڪراءُ سامهون اچي ٿو. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته، صرف پنهنجي ڌر جا ماڻهو وڌائڻ جي چڪر ۾، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڌرين انهن ماڻهن کي به قبول ڪيو ۽ کين شهر ۾ آباد ٿيڻ ۾ مدد ڏني جن کي هو، پنهنجن اصلوڪن علائقن ۾ ناپسند ڪندا هئا يا ناپسند ڪندا آهن. مثال طور، ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيل پختون، پختون خواهه ۾، افغان پٺاڻن کي ناپسند ڪندا آهن، کين پنهنجي ڌرتي تي ڌاريا تصور ڪري، سندن مفادن کي نقصان پهچائڻ وارا قرار ڏيندا آهن. کين مهاجر ڪئمپن ۾ موڪلڻ جا مطالبا ڪندا آهن ۽ انهن سڀني ڳالهين کي عمل ۾ به آڻيندا آهن. پر جڏهن اهو افغاني، ڪراچي ۾ اچي آباد ٿئي ٿو ته، اهي پختونخواهه جا پختون، انهيءَ افغان پختون کي هر طرح جي مدد ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪن ٿا ۽ ان عمل کي هو شهر ۾ پختونن جي طاقت ۽ آباديءَ ۾ اضافو تصور ڪن ٿا. اهو ئي طريقو اردو ڳالهائڻ وارن جو آهي، هندستان ۾ يوپي ۽ سي پي وارن تاريخ ۾ ڪڏهن به بهارين کي پسند ناهي ڪيو، هڪ ٻئي جا دشمن به رهيا آهن. پر ڪراچيءَ ۾ سندن آباديءَ لاءِ هر سطح تي نه صرف سندن مدد ڪئي وڃي ٿي، پر انهن جي آباد ڪاريءَ کي پنهنجي طاقت ۽ تعداد ۾ اضافو سمجهيو وڃي ٿو. ڪراچي شهر ۾ پنهنجي عددي طاقت وڌائڻ جي سلسلي ۾ اهي ڌريون، اهو سوچڻ کانسواءِ ته شهر ۾ آباديءَ جو ايڏو بار کڻڻ جي سگهه آهي به يا نه، پنهنجن انهن غير فطري اتحادين يعني افغانين، بهارين توڙي اهڙين ٻين قومن کي به پنهنجو قبول ڪري کين شهر ۾ آباد ڪنديون آيون آهن. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته، اهي بنيادي طور تي سڀئي ٻاهريون ڌريون، ڌرتيءَ جي اصل رهواسين، سنڌين جي شهر ۾ آباد ڪاريءَ جي، عملي مخالفت ڪنديون آيون آهن، ٻيو ته ڇڏيو، حالت ايستائين به پهتل ڏٺي وئي ته، سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ فوجي آپريشن وارا ته ڪراچي ۾ قبول پيا، پر ڪشمور، ڳڙهي خيرو، خيرپور ناٿن شاهه ۽ گاجي کهاوڙ جا ٻوڏ متاثر جڏهن ڪراچي پهتا ته، انهن جي آمد تي اعتراض واريا ويا. جڏهن، اعتراض غير فطري هجن، شهر جي پورت ڪرڻ واري سگهه تي نظر نه هجي، هر انچ انچ کي پنهنجو سمجهي غصب ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ بندوق ۽ پوءِ دستي بم کڻجن ته پوءِ چار ڏينهن ۾ صرف هڪ سئو ماڻهو مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر اڃان وڌيڪ تباهي بابت اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ شهر کي ٻيهر هڪ سٺو، انسان دوست ۽ پرامن شهر ڪيئن بڻائجي؟ اهو سڀ ممڪن آهي، پر ”ٻلي جي ڪنڌ ۾ گهنٽي ڪير ٻڌي“ واري ڳالهه آهي، شهر مان سڀ کان اڳ آبادي جو لوڊ گهٽايو وڃي، ٻيو ته ڇڏيو، فقط انهن ماڻهن کي ئي تڙيو وڃي، جيڪي بنهه غر قانوني آهن، يعني تاجڪ، افغاني، بهاري، بنگالي، برمي، ازبڪ، ايراني، عرب ۽ ٻيا اهڙا، جن جا پنهنجا ملڪ آهن، انهن کي شهر توڙي ملڪ مان ڪڍيو وڃي، سمجهه ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ميرٽ تي اهو ڪم ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ به 25 کان 30 لک ماڻهو ان شهر مان نيڪال ٿيندا ۽ شهر هلڪو ٿي پوندو. شهر ۾ وڌيڪ عمارتن جي تعمير، ٻين اهڙين آبادين جي آبادڪاري جيڪا صوبي کان ٻاهر جي ماڻهن جي هجي، ٽرانسپورٽ جي روٽ پرمٽن، يا هر انهيءَ شيءِ کي هڪدم اسٽاپ ڪيو وڃي، جيڪا هر ايندڙ لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي، مطلب شهر کي يتيم خاني مان تبديل ڪري هڪ اهڙو شهر ڪيو وڃي، جيڪو ڪنٽرول ۾ هجي ۽ هر ايرو غيرو ”ڪراچي غريب پرور آهي“ چئي ڪنهن ٻئي جو حق اچي نه ماري، ۽ ٽئين قدم طور، جيڪڏهن هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ آپريشن نه ٿو ڪري سگهجي ته، انهن هٿيارن جي گولين ۽ بارود جي سپلاءِ لائين ڪٽي وڃي، ايمونيشن لائين ڪٽجڻ بعد، ڪلاشنڪوفون لٺين کان وڌيڪ حيثيت ۾ نه هونديون ۽ دستي بم ۽ ٻيو سامان ڪيترا ڏينهن وٽن هلندو ۽ آخر ۾ عدالتي نظام کي موثر ڪري، جرم ڪرڻ وارن کي سزائون ڏنيون وڃن، ڪراچيءَ جي صورتحال ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي ڌر جي اثر ۾ اچڻ بنا انهن کي اعتماد ۾ وٺي ميرٽ تي اهي ڪم ڪيا وڃن ته صورتحال ڪافي حد تائين سڌري ويندي، نه ته جيتوڻيڪ پير پاڳاري ته چيو آهي ته ملير ڪينٽ مان ڪو برگيڊيئر ضياءُ الحق ايندو ڏسي رهيو آهي، پر شهر ڪڏهن ڪڏهن ڪنٽرول مان ايترا نڪري ويندا آهن، جو ڪنهن برگيڊيئر ضياءُ الحق جي وس جي ڳالهه به نه رهندي آهي، جيئن موگا ديشو ۾ ٿيو. memonsuhail@hotmail.com
جواب: ڪراچيءَ ۾ ٿيل مورچابندي! سهيل ميمڻ جو بهترين آرٽيڪل۔ تمام سٺو مضمون آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل سچي ڳالهه لکيل آهي ڪراچي هاڻي اورلوڊيڊ يا اور ڪرائوڊيڊ ٿي ويو آهي ۽ پلاننگ جي ضرورت آهي پر هتي هرڪو پنهنجي ڊاميننسي لاء پلاننگ پيو ڪري سواء سنڌي ماڻهن جي۔
جواب: ڪراچيءَ ۾ ٿيل مورچابندي! سهيل ميمڻ جو بهترين آرٽيڪل۔ هتي اهو سوال انتهائي ڳوڙهو ۽ سوچڻ جي قابل آهي ته بلڪل بجليءَ جي بٽڻ کي دٻائڻ جيئان جهيڙا شروع ٿين ٿا ۽ بجليءَ جي بٽڻ بند ڪرڻ جيئان بند ٿين ٿا ۔۔۔؟؟؟؟؟ جهيڙن جي بند ٿيڻ کانپوءِ ڪي خاص گرفتاريون يا وٺ سٺ به ناهي ۔۔۔۔ اها ڳالهه به حقيقت آهي ته سڀ قومون هٿيارن جي انبار ڪٺي ڪري ويٺيون آهن سواءِ سنڌين جي ۔۔۔ ها سنڌين جا ٿيلها تيار هوندا آهن ۔۔۔ ٿيلها پٺاڻ ۽ ٻيون قومون به کڻي سگهن ٿيون پر نه اهي مرندا پر ريڙهو نه ڇڏيندا پر سنڌي پهرين ڌڌڪي ۾ وڃي ڄامشوري ساهه پٽيندا آهن ۔۔۔ مهاجرن ته هاڻ مرڻو پرڻو ڪراچيءَ سان آهي سو انڪري هو پاڻ مارائيندا پر ڪراچي ڪون ڇڏيندا ۔۔۔ هاڻ سنڌين کي ئي پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻي آهي ۔۔۔ سا ڳالهه ته ٻٻرن کان ٻير به نه پٿر مان پاڻي ڪڍڻ جي برابر آهي ۔۔۔۔ ميمڻ صاحب سڀ ڳالهيون صحي ۽ دل وٽان ڪيون آهن۔۔