• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي۔

راشد قريشي

سينيئر رڪن
سائين هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم، پهنجي انهن پرديسي دوستن جي نانءُ جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڪمري جي ڪنهن انڌيري ڪوني ۾ ويهي ڪري پهنجن جي ياد ۾ اشڪن جا موتي پنهجي تنهائيءَ جي نانءُ ڪندا آهِن۔
پهنجي مُلڪ کان ٿي ويو آهيان پري
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
پرديس ۾ دِلڙي ڪونه سري
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
جنهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان ڪُڏندو هُيُس
وڙهندو به هُيُس ٺَهندو به هُيُس
سا ياد ذهن تان ڪيئن لهي
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
اڄ روح کي ڏاڍي ڇِڪَ لڳِي
مونکي بابا جي آ سِڪَ لڳِي
ڪوسو نه سندس کي واءُ لڳي
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
اڄ سار امڙ جي جي لولِين جي
۽ مِٺڙين مِٺڙين ٻولين جي
دل روئي پئي آ ياد ڪري
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
سڀ دوستَ ويا سڀ يار ڇُٽا،
۽ بچپن وارا پيار ڇُٽا
چند ڪاغذ جي ٽُڪڙَن جي ڪري
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
هر ڪنهن جو بُرو انجام ڏِسي
هِن شهر ۾ قتلِ عام ڏِسي
ايڏو ظُلم ڏِسي ٿو هانءُ ڏَري
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،
دِلڙي اَفسُرده ٿيندي آ
راشد کي دانهُون ڏيندي آ
هل ڳوٺ هَلوُن هِي شهر ڇڏي
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،​


.....................................

پيَشيوَر شاعر نه آهيان، وزن ۾ ضرور گهٽتائيون هونديون، اِن ڪري لفظن کان وڌيڪ خيال تي توجهّ ڏيندا۔
 
جواب: مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي۔

جڏهن ڪنهن شاعر کان پڇيو هيم ته لفظ سهيڙي سٽون بنائڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري خيالن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ۔۔۔ اهو سڀ توهان ڪيئن ڪندا آهيو۔۔؟
چيو هيائين ته شاعر ته هر اهو ماڻهون آهي جيڪو احساس به رکي ٿو ۽ جذبات ۔۔۔ ٻين لفظن شاعر هر انسان آهي بس هُو صرف پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري ته لفظ پاڻهي ٺهي پوندا آهن ۔۔ شروع ۾ ڪچا ۽ پوءِ اهستي آهستي پختا ٿيندا ويندا آهن۔۔۔

توهان جي مٿين جذبن ۽ احساسن کي پڙهي منهنجي ذهن ۾ پراڻيون يادون اڀري آيون ۔۔ اکين ۾ لڙڪ ترڻ لڳا جڏهن مان به بهتر روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي آيو هيس ۔۔ جذبا ۽ احساس ساڳيا آهن۔۔۔ لکيو مون به هيو پر اها شايد شاعري نه هئي ان کي ”ڊائري جو ورق“ چئي سگهجي پيو۔۔ پر توهان جي وارتا صرف هڪ پني تي مشتمل آهي جيڪا منهنجي ڏهن پنن تي لکيل وارتا برابر آهي۔۔۔

سوچيندو هيم ته شاعر ته هميشه محبت پيار ۽ عشق جون ڳالهيون لکڻ ڄاڻين ۔۔ هو پنهنجي محبوبن جا قصيده ئي پنهنجي شاعري ۾ لکڻ ڄاڻين پر توهان جي مٿين شاعري ۾ معصوم جذبا جيڪي اڃان ميچورٽي کي به پهتل نه ٿا لڳل ڪيڏو نه حساسيت سان لکيل آهن۔۔۔ انتهائي وڻندڙ خيال لڳا۔۔ ۔ موٽ ۾ آ اهو چوندس ته ”صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي۔۔ جلد ئي جڏهن ڦل هٿن ۾ هوندو ته جذبن جي قيمت ملڻ شروع ٿي ويندي۔۔۔ “

جاري رکجو۔۔۔
 
جواب: مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي۔

هل ڳوٺ هَلوُن هِي شهر ڇڏي
مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي،


مان اهڙي شاعري پڙهندو آهيان ته سائين نثار جو گهڻو خيال ٿيندو آهي ته ڪٿي اڄوڪي فلائيٽ پڪڙي اچي ڳوٺ پهچي۔ اوهان جا خوبصورت احساس آهن۔ جيتوڻيڪ قافيو ڪافي هنڌن تي ڪونه پيو ملي پر ڇو ته مان شاعر ناهيان ان ڪري ڇيد ڪري سمجهائي ڪونه سگهندس۔

پر اوهان جا خيال، اوهان جا احساس ۽ اوهان جا جذبا سمجهي سگهان ٿو يا محسوس ڪري سگهان ٿو۔ وقت سان گڏ اوهان جي شاعريء ۾ پختگي ۽ نکار ايندو رهندو۔

.....................................

جڏهن ڪنهن شاعر کان پڇيو هيم ته لفظ سهيڙي سٽون بنائڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري خيالن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ۔۔۔ اهو سڀ توهان ڪيئن ڪندا آهيو۔۔؟
چيو هيائين ته شاعر ته هر اهو ماڻهون آهي جيڪو احساس به رکي ٿو ۽ جذبات ۔۔۔ ٻين لفظن شاعر هر انسان آهي بس هُو صرف پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري ته لفظ پاڻهي ٺهي پوندا آهن ۔۔ شروع ۾ ڪچا ۽ پوءِ اهستي آهستي پختا ٿيندا ويندا آهن۔۔۔

توهان جي مٿين جذبن ۽ احساسن کي پڙهي منهنجي ذهن ۾ پراڻيون يادون اڀري آيون ۔۔ اکين ۾ لڙڪ ترڻ لڳا جڏهن مان به بهتر روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي آيو هيس ۔۔ جذبا ۽ احساس ساڳيا آهن۔۔۔ لکيو مون به هيو پر اها شايد شاعري نه هئي ان کي ”ڊائري جو ورق“ چئي سگهجي پيو۔۔ پر توهان جي وارتا صرف هڪ پني تي مشتمل آهي جيڪا منهنجي ڏهن پنن تي لکيل وارتا برابر آهي۔۔۔

سوچيندو هيم ته شاعر ته هميشه محبت پيار ۽ عشق جون ڳالهيون لکڻ ڄاڻين ۔۔ هو پنهنجي محبوبن جا قصيده ئي پنهنجي شاعري ۾ لکڻ ڄاڻين پر توهان جي مٿين شاعري ۾ معصوم جذبا جيڪي اڃان ميچورٽي کي به پهتل نه ٿا لڳل ڪيڏو نه حساسيت سان لکيل آهن۔۔۔ انتهائي وڻندڙ خيال لڳا۔۔ ۔ موٽ ۾ آ اهو چوندس ته ”صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي۔۔ جلد ئي جڏهن ڦل هٿن ۾ هوندو ته جذبن جي قيمت ملڻ شروع ٿي ويندي۔۔۔ “

جاري رکجو۔۔۔

بهترين سٽون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جڏهن به رشيد کي ڪجهه لکڻ لاء چوندو آهيان ته گوهي هڻي ويندو آهي ته يار مونکي لکڻ ڪونه ايندو آهي۔ پر سندس سٽون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته هو ڪيڏو سٺو لکندو آهي۔ سندس لکڻين جو انداز وڻندڙ آهي۔ کيس گذارش ته لکندو رهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي۔

ڪاش آءُ پنهنجي ئي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ هجان هان ته هوند هي گيت پڙهي ڳوٺ جو چڪر ضرور هڻي اچان ها پر هت ته اصل ڳالهه ئي ٻي آهي ۔۔۔ ويزا ۔۔۔ ٽڪيٽ ۔۔۔ ۽ ڪفالت جا جهنجهٽ ۽ ڪافي ڪاغذ پٽ پورا ڪرڻ کانپوءِ تڏهن وڃي ملڪ رسجي ٿو، پرديس ۾ رهندي ديس ۾ جي ڪو پرين پيارو مري وڃي ٿو ته منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿو ٿئي ۔۔۔

پر هن ڀاءُ جي نظم مان هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌي نوجوان جڏهن سنڌ جي شهرن ۾ ڪمائڻ جي خيال کان يا بهتر مستقبل سبب اچي ٿو ۽ شهرن ۾ موت جو راڪاس ڏسي کيس پنهنجي ننڍڙي پر امن شهر جي ياد ٿي اچي ۽ هو اتان موٽي وڃڻ جو وچن ڪري ٿو ،،،، پنهنجن پرين پيارن کي ياد ڪندي ڳوڙها ڳاڙهي ويهي ٿو ۔۔۔ پر ياد ڪريو ته اهو صرف سنڌ يا پاڪستان يا دنيا جي ڪن چند ملڪن ۾ ائين ٿيئ ٿو ۔۔۔ پر سموري دنيا ۾ ائين ناهي، ٻي دنيا جي ملڪن جا نوجوان ڳوٺن مان شهر اچن ٿا ۽ سهڻي زندگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۔۔۔ ۽ هو پنهنجن شهرن ۾ اجنبيت محسوس ناهن ڪندا جيئن اسان سنڌي جڏهن ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪندا آهيون ۔۔۔

مون محترم جي ايم سيد کي هڪ دفعي ڪارڪنن کي تنبيهه ڪندي ٻڌو جنهن ۾ هو چوي پيو ته ” اوهان جيڪڏهن ڪو سنڌي فقير ڏسو ته کيس ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ وٺي ڪراچيءَ اماڻيو ته جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو تعداد وڃي“

اسانجي به اها صلاح آهي دوستن کي ته ڪراچيءَ ۾ اچن ۽ دشمنن جو مقابلو مڙسيءَ سان ڪن ۽ دل نه لاهن ۔۔۔

تمام سهڻن احساسن سان ٽمٽار شاعري

لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
 
جواب: مونکي گهر ڏاڍو ٿو ياد اچي۔

انتهائي انتهائي انتهائي مشڪُور ۽ ممنون آهيان اوهان جو، جو اوهان نه صرف منهنجي جذباتن کي سمجهيو پر انهن جي اڃان به سهڻن لفظن ۾ وضاحت ڪئي، جيڪا شايد آءُ ڪڏهن به نه ڪري سگهان هان۔
مهربيانيون!
 
Back
Top