سنڌ ميگ جو انتھائي ڪارائتو قدم مختلف ۽ منهنجي پسند جي شاعري تصوير جي شڪل ۾...سنڌ ميگ تي سائين جبار بوزدار سهيڙي رکي آھي پنهنجن راين کان ضرور آگاھ ڪندا ٿورا
جواب: منهنجي ڪيل سموري ڊزائين شاعري عاشق سولنگي سنڌي شاعري ۽ خاص ڪري فيس بوڪ جي نوجوان دوستن جي شاعري کي سهڻي چترڪاري ذريعي سهيڙيندو رهيو آهي. عاشق کان اسان به ڪجهه نه ڪجهه سکندا رهيا آهيون. هو خاموش خدمتگار آهي جنهن کي جيڪا شاعري وڻي ته هڪدم ان کي سهڻي رنگن ۾ سمائي دوستن سان ونڊ ڪندو آهي محترم جبار بوزدار سندس اهڙي ڪم کي هڪ هنڌ سهيڙي سٺو ڪم ڪيو آهي. جبار جون ڪاوشون قابل قدر آهن۔
جواب: منهنجي ڪيل سموري ڊزائين شاعري جيتوڻيڪ عاشق جي چترڪاريءِ ۽ پيش ڪيل شاعريءَ سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي مستفيض ٿيندا رهيا آهيون پر جبار بوزدار پنهنجي طور عاشق جي چترڪارين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔ عاشق جي پورهيي جي مڃتا ٿئي ٿي ۽ کيس اتساهه ملي ٿو ته هو اڃان سهڻو ڪم ڪري سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندو رهي ۔۔۔ اسانجون دوستيون، ۽ پيار عاشق سان گڏ آهي
جواب: منهنجي ڪيل سموري ڊزائين شاعري سائين تمام گهڻي مهرباني۔۔۔۔انشاالله اوھان اوصلاافزائي ڪندا رھندا ته اسان ۾ اڃان به وڌيڪ ڪجھ ڪرڻ جي همٿ پيندا ٿيندي رھندي۔۔۔۔ٿورا
جواب: منهنجي ڪيل سموري ڊزائين شاعري تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ادا عاشق سولنگي سندس محنت جي حوصله افزائي سندس حق آهي