• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڻئي الله! سچل سارو سچ

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us
سچل سارو سچ
ڪافي

تنهنجي محبت موهيو، رمزن ريهيو ريهيو، هِي تان ساهُ،
آڻئي اللهُ!
طرف تنهنجي راتو ڏينهان، چِتِ هڻيرو چاهُ،
آڻئي اللهُ!
آهي اسان سان سپرين، حبَ سندو همراهُ،
آڻئي اللهُ!
پيو پناري تانهنجي ميان، هي ڏوهاري ڏاهُ،
آڻئي اللهُ!
واڪا ڪيون ٿو وهي، دل اندر درياهُ،
آڻئي اللهُ!
ڪشي ڪري ڪپڙا، “سچو” مَليندا پاهُ،
آڻئي اللهُ!
 
جواب: آڻئي الله! سچل سارو سچ

سچل سرمست جي بهترين وائي ۔۔۔۔۔۔۔

تنهنجي محبت موهيو، رمزن ريهيو ريهيو، هِي تان ساهُ،
آڻئي اللهُ!


اها سدا اوهان جي نه پر هتان وارن جي هوندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترو ۔۔۔
 
جواب: آڻئي الله! سچل سارو سچ

سائين سليمان! پيار ۾ نه هو ٿئي نه آ ۔۔۔۔ بس معاملا ائين گهنجڙجيو وڃن جو خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪير ڪٿي؟ ۽ ڪيئن؟ چون ٿا ته ليلا مجڻون جي ننڍپڻ واري پيار دوران جڏهن اسڪول ۾ ويهي هڪ ٻئي کي نهاريندا هئا ته ماستر کي ڪاوڙ ايندي هئي ته هو قيس مطلب مجنون کي هٿن تي لڪڻ هڻندو هو ته نشان ليلا جي هٿن تي پوندا هئا ۔۔۔ پيار جڏهن احساسن کان گهرو ٿي وڃي ٿو ته ان ۾ سور به هڪ ٿيو وڃن ۔۔۔

انڪري مٿي واري صدا محبوب ۽ عاشق ٻنهي جي صدا آهي ۔۔۔ سچا عاشق چوندا آهن ته جي ڪو هڪ دم به محبوب جي ياد کان بنهه گذريو ته سمجهو ضايع ويو ۔۔۔

سو مٺا سائين، ڪنهنجو سور ڪنهنجي دل ۾ ٿو ڌڙڪي؟ اها ڳالهه عاشقن کان پڇو ۔۔۔ آ دعا ٿو ڪريان ته توکي به عشق ٿي وڃي ۔۔ تون به ان پيار ڀرئي سور جي لذتن جا مزا ماڻين ۔۔۔؟؟؟ جيتوڻيڪ ائين ته آهي ڪون جو توکي عشق نه ٿيو هجي، پر پو به ڪنهنکي پنهنجو انت ڪون ڏين ۔۔۔؟؟؟؟ الائجي ڇو ۔۔۔ يا ته اوهانجي دل ايتري ڪشادي آهي يا وري محبوب سان ميلاپ جا مزو پيا ماڻين۔۔۔ ڪا ڳالهه ضرور آهي؟

مٿي واري سچل سائين جي ڪافي عشق ۽ مستي جو مظهر آهي ۔۔۔ جنهن ۾ پنهنجي محبوب جي ياد ۽ انجي ملڻ جي آهه ايتري ته اثرائتي آهي جو هوند احساس جي گهرائي ۾ ماڻهون مست ٿي پوي ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
جواب: آڻئي الله! سچل سارو سچ

اچيـــن جــــــي اوطاق، منهنجـــي ميـــــــان مينــــڌرا،
ته عيبن کان آجي ٿيان، ڪوجهي ٿئي نه ڪاڪ،
هيـــرَ اهـــا هيـــراڪَ، متــــــان مٽئـــين مينــــــــڌرا.
سچل سارو سچ ....


http://imageshack.us

[
 
Back
Top