عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
غزل
عشق جي امتحان ۾ آهيون
ڪنهن انوکي جهانَ ۾ آهيون
آهي دنيا به ڄڻ ته ڪا بازار
پاڻ هڪڙي دُڪان ۾ آهيون
ڇو ائين نيڻ تو کنيان مون ڏي
ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون
سچ تي سوڀ سولڙي ناهي
رهزنن جي نشان ۾ آهيون
ماڪ آڪاس تان لهندي ڀڻڪيو
گل تنهنجي امانَ ۾ آهيون
عشق جي امتحان ۾ آهيون
ڪنهن انوکي جهانَ ۾ آهيون
آهي دنيا به ڄڻ ته ڪا بازار
پاڻ هڪڙي دُڪان ۾ آهيون
ڇو ائين نيڻ تو کنيان مون ڏي
ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون
سچ تي سوڀ سولڙي ناهي
رهزنن جي نشان ۾ آهيون
ماڪ آڪاس تان لهندي ڀڻڪيو
گل تنهنجي امانَ ۾ آهيون
