حيدري کي همدردي جي خيرات نه کپي.....! مير حسن آريسر [justify]چون ٿا شمشيرالحيدري جي اکين جي جوت وسامي وئي آهي، گهڻو وقت ناچاڪ رهڻ جي ڪري هو تمام گهڻو ضعيف ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس ڪينسر هجڻ جي نويد به ڏني آهي، پر مون هينئر جڏهن ساڻس ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪري فون بند ڪئي آهي تڏهن محسوس پيو ڪريان ته بظاهر ڪجهه به نه ڏسي سگهندڙ شمشيرالحيدري زماني جي ذري پرزي کي ڪيڏي نه باريڪ بينيءَ سان ڏسي وائسي رهيو آهي. هو تمام ڏکي حالت ۾ هوندي به ڪيڏو نه حشاش بشاش آهي. ڪينسر واري ڳالهه کي ڊاڪٽرن جو خدشو قرار ڏيندڙ هن فقير کي ان ڳالهه جو ڪو به فڪر ڪونهي ته هنن مشڪل گهڙين ۾ کيس ڪير ساري ۽ ڪير وساري ٿو. هو پنهنجي زندگيءَ جي ڏيئي جي وٽ سوريندي پاڪستاني ڪواٽرس جي 29/d واري ڪمري ۾ اڪيلائپ جي اذيت کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجي ان متحرڪ ماضيءَ کي ضرور ساريندو هوندو، جيڪا سندس اڌوري لکيل آتم ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ اڃا فقير بيان ڪري نه سگهيو آهي پر ان ماضيءَ جو هر واقعو ۽ وارتا هڪ مڪمل ۽ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هن کي پنهنجي مامي ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جي ذاتي لائبريري ۾ رکيل مذهبي، تاريخي، سياسي، نظرياتي، سائنسي ۽ ادبي ڪتابن جي گهڻي ۽ گهري مطالعي يا ڪامريڊ اختر حسين رضوي کان محمد عثمان ڏيپلائي تائين ڪجهه عالمن، اديبن ۽ دانشورن سان ڪچهرين کان اڳ وارو شمشيرالحيدري به ياد ايندو هوندو، جيڪو پنهنجي ڪچڙي وهي ۾ پنج وقت نماز پڙهڻ سان گڏ نه رڳو رمضان شريف جا ٽيهه روزا رکندو هو پر هڪڙو روزو رمضان شريف جي سلامي جو وڌيڪ به رکندو هو. هڪڙي ٽڪنڊي بسڪيٽ ۽کير جي گلاس سان روزو رکندڙ نو نهال شمشيرالحيدري مسجد جي ٻهاري ڏيئي اگر بتيون ٻاريندو هو، تنهن کان پوءِ ٻانگ ايندي هئي. پاڻي جي گلاس سان روزو کولي وڌيڪ ٻه _ ٽي ڪلاڪ عبادت گذاري کانپوءِ گهر وڃي ماني کائيندو هو. هن وقت کيس 1954ع کان شروع ٿيندڙ اهو زمانو به شايد شدت سان ياد ايندو هوندو جڏهن حيدرآباد جا وڻ وسائي هن سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. سنڌي ادبي سنگت جو اهو زمانو به ڇا ته زمانو هو. ٺڙڳ ٺڳي، ياري باشي، ادبي ڄنڊا پٽ، شخصي معتبرين، ڏوڪڙن ۽ پلاٽن جي خوارين کان بنهه بالاتر انهي ادبي سنگت جو مرڪز دينو جي پڙ ۾ واقع مقبول ڀٽي جي گهر اندر قائم اها ”حيات ادبي لائبريري هئي، جيڪا ٽکڙ جي مشهور نابين شاعر حافظ حيات جي نالي سان منسوب هئي. ان لائبريري مان شروع ڪيل شمشيرالحيدري جي ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ واري دستخطي مهم يا اينٽي ون يونٽ تحريڪ اڄوڪي سنڌي ادبي سنگت کي ڀل ته وسري وئي هجي پر شمشيرالحيدري جي ساروڻين وارن ريشمي تاڪين ۾ اهي تحريڪون وڏي حفاظت سان ويڙهيل آهن. هن سرندي وارن سنڌين کي چيو هو ته اسان کي صحيحن واريون پرچيون ڇپائي ڏيو ۽ پوءِ انهن اهي پرچيون ڇپائي ڏنيون. سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن ڳوٺن ۾ وڃي يا شهرن جي رستن، چوڪن ۽ چوراهن تي بيهي ماڻهن کان صحيحون وٺندا هئا ۽ پوءِ ان کي هڪڙي ويڪري پٽي تي لڳائي هينڊل کي هٿ سان ڦيرائيندا ۽ ان کي ڪپڙي تي محفوظ ڪندا هئا ۽ پرچي جو ٻيو حصو صدر ايوب ڏي موڪليندا هئا. ائين هي راتين کي صبح ڪري ڇڏيندا هئا. اهو اسڪرول هينئر سنڌالاجي ۾ محفوظ طريقي سان پيل آهي. ان زماني جي اديبن جا ڪارناما ڪرشماتي قسم جا هئا. ڊرامائي نموني جو ڪم هو، ايڊوينچرس هئا. شمشيرالحيدري جي شخصيت جا مڙئي منظر ڏسڻ لاءِ هن زماني جي نرڙ ۾ موجود اکيون ناڪافي آهن. سڀاڻي ممڪن آهي ته کيسي ۾ ٽنبيل گلاب واري واسڪوٽي ۾ ملبوس ڪو گائيڊ شمشيرالحيدري تي پي_ايڇ_ڊي ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ٿيسز تي صحيح به ڪري ڇڏي پر ان ٿيسز ۾ اهو شمشيرالحيدري ڪٿي هوندو، جيڪو ميربليدي، حفيظ ڪنڀر ۽ صادق فقير جي سينن ۾ سمايل آهي. زندگي جي طرفدار سنڌي ادب ۽ ادبي تحريڪ کي ان شمشيرالحيدري کان الڳ ڪري ڪيئن ڏسي سگهبو، جنهن جي حياتي جو پل پل ادب، ٻولي، وطن ۽ وطن وارن لاءِ وقف رهيو آهي. ”جوئي کام کيا سوهي جڏا“ واري پنهنجي تڪئي ڪلام جي بلڪل ابتڙ زندگي گذاريندڙ هن ماڻهو جيڪو به ڪم ڪيو، سو پورو ۽ مڪمل ڪيو. نوي واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ اخباري نوڪري دوران مون کي حيدرآباد ۾ جڏهن ساڻس گڏ رهڻ جو موقعو مليو، تڏهن مون کي پوري ريت معلوم ٿيو ته هي ماڻهو پنهنجي وقت جو هڪ پل به ضايع نٿو ڪري. اديباڻي قبيلي ۾ سندس نرالي نوعيت ان ڪري به قابل رشڪ آهي، جو هن قلم جو رشتو ڪڏهن به پيٽ سان نه جوڙيو. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ وارا پڇاڙڪا ڏينهن هن لاءِ زبردست ذهني اضطراب جا ڏينهن هئا. جولاءِ 1993ع جي هڪ جهڙالي رات جي پوئين پهر تائين عمرڪوٽ ۾ ڪچهري دوران هن بورڊ جا سمورا مسئلا ”بورڊ بچايو ڪميٽي“ جي اڳواڻ تاج جوئي اڳيان کولي رکيا ۽ واضح لفظن ۾ جڏهن اظهار ڪيائين ته، هن صورتحال ۾ آئون ڪم نه ڪري سگهندس ۽ بورڊ ۾ اڳ ڪيل يارنهن سالن واري محنت تان پاڻي ڦيرڻ کان بهتر ٿو سمجهان ته بورڊ بچايو ڪميٽي مون کي اجازت ڏي ته آئون رلي کڻي هليو وڃان ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم وڃي ڪريان. تڏهن مون سندس روزگار واري نقطي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن هڪدم کيسي مان قلم ڪڍي آڱرين ۾ ڦيرائيندي چيو ته هن جي سلامتي جو فڪر ڪر. روزگار جو نه. سنڌ ۾ اهڙن اديبن جي به ڪا ڪمي ڪونهي جن ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي پر انهن مان اڪثريت اهڙن اديبن جي آهي، جن کي ڪرپشن جو ڪو موقعو ئي ڪو نه مليو ۽ ٻيا اديب اهڙا آهن، جن کي ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ ڪيترائي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا پنهنجي پيٽ ۾ وجهي ويهي رهيا، جڏهن ته شمشيرالحيدري کي ڪرپشن ڪرڻ جا مڙئي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود به هن پنهنجو پاند نه پسايو. ”ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي“. بنا کير واري چانهه، گولڊ فليڪ سگريٽ، سادي سودي دارون ۽ اقبال ريسٽورنٽ واري نهاري يا گهر جي دال ڀت کانسواءِ هن جي سڌ به ڪهڙي آهي؟ جنهن تي باضمير اديبن جي قافلي جو هي سرواڻ پنهنجي خودداري قربان ڪري، ورنه ته اڪثر سنڌي اديب بيماري جي حالت ۾ خودداري جي گوري کائڻ کان محروم هوندا آهن، جنهنجو ذڪر ڪندي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير صاحبه هيئنر تازو ئي ڪي_ٽي _اين تي ڏاڍي طنزيه انداز ۾ چيو پئي ته، منهنجي آفيس ۾ امداد وٺندڙ اديبن جي پوري لسٽ موجود آهي. ڪنهن کي ڏسڻي آهي ته اچي ڏسي. ثقافت کاتو جيتوڻيڪ پنهنجي پرس مان ڪنهن کي امداد نٿو ڏي، پر صاحبلوڪن جي اها روش جاگيرداراڻي سوچ جي ڏکوئيندڙ جهلڪ ضرور آهي. جمهوريت جي ان علمبردار مخلوق کي معلوم هجڻ گهرجي ته جڏهن ضيائي آمريت جي اگهاڙي ترار قانون جي ڪچاٽ ڌاڳي ۾ مظلوم ۽ محڪوم عوام جي وجود مٿان لٽڪي رهي هئي، جڏهن امن، آئين ۽ جمهوريت جهڙا مهذب لفظ وقت جي نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڳترن وانگر اٽڪيل هئا، جڏهن عوام جي طرفدار سوچن، خيالن ۽ ڳالهين جا ڳيرا آمريت جي خاردار تارن ۾ وچڙجي رتو رت ٿي چڪا هئا ۽ جڏهن ڪيترن ئي ڏسڻن وائسڻن ماڻهن ماٺ ۽ ٻاٽ سان ٺاهه جون راهون تلاش پئي ڪيون، تڏهن ڪجهه ماڻهو هئا، جن اياز جي هنن سٽن جو ڀرم پئي رکيو ته: اي اياز اڄ وري ڌنڌ ڌاڙا هنيا روشني روشني ڪن پيا ڪي ڄڻا انهن ڪجهه ڄڻن جي اڳئين صف ۾ اهو شمشيرالحيدري بيٺل هو، جنهن وڏي واڪ پئي چيو ته: ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم اهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾ هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي هن جو حوصلو اڄ به هوا جي زور کان زياده طاقتور آهي. هن کي پنهنجي ڪيل قلمي ۽ عملي پورهئي تي ڪو به پڇتاءُ ناهي، هو اڄ به پنهنجي ترقي پسند فڪري ۽ ادبي واٽ تي پوري استقامت ۽ اطمينان سان بيٺل آهي. ڳالهه رڳو ايتري آهي، جو سندس نيڻن جو نور هليو ويو آهي، ڊاڪٽرن کيس ڪينسر هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، لڳاتار بخار هن کي بيحد ضعيف ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ڪراچي جهڙي ماڻهن جي جهنگ ۾ اڪيلائپ سان محوِ گفتگو آهي. اسان جهڙن معاشرن ۾ شمشيرالحيدري جهڙن ماڻهن کي ٻيو ڇا ٿو ملي سگهي؟ هو، جيڪو جبل مٿي جهڙ جهڙو شاعر، نثري نظم جي اوسر جهڙو ڪتاب لکندڙ محقق ۽ ڪاڪ محل جهڙو شاهڪار ڊرامو لکندڙ نثر نگار آهي، سو ساڳئي وقت جديد سنڌ اڏيندڙ هڪ متحرڪ فڪري ۽ ادبي اڳواڻ به آهي. هن وقت سندس حال ڀائي ٿيڻ لاءِ سنڌ سنڌ ڪندڙ اديبن، صحافين ۽ سياستدانن کي جيڪر پنهنجين مصروفيتن مان ڪو وقت ملي ته شمشيرالحيدري کي ضرور ياد ڪن. [/justify] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: حيدري کي همدردي جي خيرات نه کپي.....! مير حسن آريسر جو اکين ۾ آب آڻيندڙ ليک پڙهائڻ جا وڏا وڙ ۔۔۔ هي اڀاڳو شاعر، سنڌ جو سڄڻ ۽ دوستن جون دوستيون ملهائيندڙ انسان، اڄ به جبل جيئان ڳاٽ اورچو ڪري اها صدا ڏي ٿو ته ” منهنجي ڳڻتي نه ڪريو“ سنڌ جي ڳڻتي ڪريو ۔۔۔ پاڻ سنواريو سنڌ سنواريو جي روش رکندڙ هي انسان ڪنهنکان ڪا همدردي گهرڻ واري خيال کان به ڪوماڻجي وڃي ٿو ۔۔۔ آءُ جڏهن پاڪستان ۾ ٻين ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن جي مالڪي ٿيندي ۽ انهن جي فڪر جي مشهوري ڏسندو آهيان ته ذهن ۾ اهو خيال به ضرور ايندو آهي ته ڪاش اسين سنڌي پڻ اهڙا هجون ۽ انهن کان سبق پرائي سگهون؟؟؟؟ ڇا سنڌ جا سڄڻ ان خيال کان به وانجهيل آهن ته هو اهڙن انسانن جي پرگهور لهن ۽ ان جي فڪر کي سنڀالي سنواري پيش ڪن ۔۔۔؟؟؟ ذات وڏي شئي ناهي پر ڏات وڏي شئي آهي ۔۔۔ جي مقولي تي عمل ڪندڙ هي انسان اڃان جيئرو آهي ۽ ڪئي صديون اسانجي وچ ۾ جيئرو رهندو ۔۔۔ سندس اڻ چپيل ڪئي ڪتاب اسان وٽ موجود آهن ۽ سندس پيش ڪيل افسانا، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ مقالا اسانجي هٿن ۾ آهن ۔۔۔ رب العالمين کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ هو پنهنجي ڏات سان ٽمٽار رهي ۔۔۔ آمين