جواب: اسلام عليڪم [JUSTIFY]محترم دوست جنيد ميمڻ صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔۔ 5 آگسٽ 1986 تي پيدا ٿيندڙ نوجوان شاعري جنيد ميمڻ جو تعلق پيرڳوٺ ضلع خيرپور سان آهي پر اڻ کُٽ پيار ۽ خلوص ڏيندڙ هن نوجوان دوست خبر ناهي ڇو هتي پنهنجي تعارف ۾ ايتري ڪنجوسي ڪئي آهي۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جي خوبصورت شاعري ۽ احساس ته سنڌ سلامت فورم ۽ فيسبوڪ تي پياري دوست عاشق سولنگي جي رنگين چترڪاري ذريعي پڙهندا رهندا آهيون۔ اوهان جي پنهنجي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ اسان جي خوشنصيبي آهي ۔اوهان جي شاعري سان اختمام ڪجي ٿو: [/JUSTIFY] ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ هي جيون ته آ، آزمائشن جو جهان۔ ڪڏهن مسڪراهٽن ۾ نه ماپون، ڪنهن پل سوين وسوسا ۽ گمان۔ ڪٿي پيون ملن نفرتون ۽ انائون، ۽ ڪٿي پيا جڙن محبتن جا مڪان۔ ڪڏهن ساٿ ڪيئي ڏسجن پيا، ڪنهن پل اداسين سندا عنوان۔ هي ساحر سفر پيو ازل کان هلي، هر ڪو ڏک سک ڪٽي پوء ڇڏي ٿو جهان
جواب: اسلام عليڪم واھ جيند واھ۔۔۔نيٺ اوھان اچي ويا۔۔۔مان سوچيندو هيس ته جنيد کي هتي آڻجي۔۔۔پر يار ڪجھ ويسر جي بيماري آھي۔۔۔ڳالھ بار بار وسري ويندي هُئي۔ سليمان وساڻ صاحب جن سھي چيو ته اوھان پنهنجي تعارف ۾ ايتري ڪنجوسي ڇو ڪئي آھي۔۔۔۔ان جو سبب ڇا آھي۔؟ هي اسان سڀني سنڌين جو فورم آھي۔۔۔۔۔دوست تفصيلي تعارف سڄي سنڱ سان پاڻ ڪرايو مھرباني۔۔۔۔ڀليڪار
جواب: اسلام عليڪم ادا جنيد اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چون۔توهان جي شاعري جي دوست ڏاڍي تعريف پيا ڪن۔اميد ته هن فورم تي اوهان پنهنجي شاعري مان اسان سڀني ميمبرن کي لطف اندازو ٿيڻ جو موقعو ڏيندا۔