چاهتن جا ديپ ٻاري هلون۔

جنيد ميمڻ

سينيئر رڪن
چاهتن جا ديپ ٻاري هلون۔
گيت پريت جا جهونگاري هلون۔

درد نگر ۾ درد به ملندا،
ٻيڙو پنهنجو تاري هلون۔
......
پر عزم وشواس سان ساٿي،
رهبري ڪا راھ پچاري هلون۔

گلڙا کڻي هر نگر هر گلي،
محبتن جا مينار نهاري هلون۔

آزمائش جي گهڙي ساحر آ ڌرتئ تي،
نفرتون دل مان دوست ڌڪاري هلون۔



جنيد ميمڻ
 
جواب: چاهتن جا ديپ ٻاري هلون۔

چاهتن جا ديپ ٻاري هلون۔
گيت پريت جا جهونگاري هلون۔


تمام سٺي شاعري ۔۔۔۔۔۔۔ چاهتن ۽ محبتن جو پيغام
 
Back
Top