• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

جنيد ميمڻ

سينيئر رڪن
کيک ٽاري نه چئو، دل واپاري نه چئو۔
سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

......پيار پويترن جذبو آهي عشق قسم،
سمجهو تنهن کي ته ڪاروڪاري نه چئو۔

محبت ازل کان امر ئي رهي آ،
رسم دل جي ڪهاڻي آ خواري نه چئو۔

نياڻي سنڌ جي پويتر آ زم زم جيان،
ڪاري سوچ پنهنجي ڪاري ناري نه چئو۔

ڪجھ ته سوچيو ادا سهڻي سنڌڙئ جا،
هي امن جو نگر داغ داري نه چئو۔۔۔۔۔۔۔۔
جنيد ميمڻ
 
جواب: سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

ادا جيند واھ سائين واھ اوھانکي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿئي۔۔۔۔اوھان ڊزائين ڪيل شاعري جو ڀيرو ڀريو۔۔۔۔تقرين اوھانکي اوھان جي شاعري کوڙ ملندي جيڪا مون ڊزائين ڪئي آھي۔

ڊزائين شاعري
 
جواب: سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

سٺي شاعري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اوهان جا قرب جو اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرڻ شروع ڪيو آهي۔

اوهان جي نڪور شاعريء جو انتطار رهندو
 
جواب: سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

نياڻي سنڌ جي پويتر آ زم زم جيان،
ڪاري سوچ پنهنجي ڪاري ناري نه چئو۔۔

لفظن جي چونڊ انهن جي جوڙجڪ وڻندڙ لڳي۔۔ ڪاش توهان جي مٿين لفظن جو قدر اسان وارا جديد ٽي وي چينل به ڪري سگهن۔۔۔
 
جواب: سونهن راڻئ کي موت ماري نه چئو۔

ادا جنيد بهترين لفظن ۾ هڪ سٺو مسيج ڏنو اٿو ،توهان جي شاعري دل کي ڇهوينداڙ آهي۔ان کي جاري رکو۔
 
Back
Top