بهادر قومون

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    چوندا آهن ته دشمن جي مرڻ جي دعا نه پر مقابلي جي همٿ پئدا ڪرڻ گهرجي، دشمن ته پئدا ٿيندا رهندا آهن، جن قومن ۾ همٿ، ڏاهپ ۽ مقابلي جي جرآت هوندي آهي، انهن جي لاءِ دشمن به ترقيءَ جو سبب ٿيندا آهن ...

    دنيا جي سمورين قومن تي ڏکيا وقت آيا آهن ... ڪڏهن انسانن پاران ته ڪڏهن فطرت پاران پر اهي قومون انهن مقابلن کي قبول ڪنديون آهن ۽ منهن مٿاهان ڪري هلنديون آهن ...
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بهادر قومون

    سائين نثار سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔

    ٻين قومن وانگر سنڌي قوم تي به سدائين ڏکيا وقت آهن ۽ پر سنڌي قوم ويڙهاڪو قوم ڪانه رهي آهي، نه ته هنن ڪڏهن ڪنهن تي جارحيت ڪئي آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن پنهنجو ڪامياب دفاع ڪيو آهي۔ پر سنڌي قوم ۾ وري پاڻ سنڀالي پنهنجي پيرن تي بيهڻ واري روايت پهريان ته هئي پر هاڻ شايد ختم ٿي چڪي آهي۔ ان جو سبب آهي ڪاهلي ۽ سستي۔

    ڪاش اسان ۾ ايترو جذبو هجي ۽ جرئت هجي جو قومن جو مقابلو ڪري سگهون ۔۔۔۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: بهادر قومون

    تاريخ پڙهڻ سان خبر پئي ٿي ته ڌارين جي حملي جو دفاع سنڌين ڪيڏو نه دليري سان ڪيو آهي ۔۔ رڳو ويجهڙ واري تاريخ ”عربن جو سنڌي تي حملو“ ئي پڙهجي ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿو ٿئي ته اهي آهن سنڌي۔۔۔ وري انگريزن جي دور ۾ هيمون ۽ شيدي کان وٺي حُر مجاهدن کي پڙهجي ته دشمنن جون اکين ۾ گهوري ڏسڻ جو حوصلو پڻ وڌي وڃي ٿو۔۔۔
    پر اڄ جي سنڌي کي ڇا ٿيو آهي۔۔۔ ؟
    چون ٿا ته تعليم پنهنجي سڀني خوبين سان گڏ هڪ خامي ”بزدلي“ جي به ڏيندي آهي پر تازو تحقيق ئي ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته اسان جي تعليم ۽ ان جو ڍانچو ڪيترو وزن رکي ٿو۔۔۔
    چون ٿا ته اسان وڏا مهمان نواز آهيون۔۔۔ پر اهو به تاريخ ٻڌائي ته دشمن کي گهر مان ڪڍڻ به خوب ڄاڻون۔۔
    چون ٿا ته موسيقي جا شيدائي آهيون ۔۔۔ پر اهو به سمجهن ٿا ته اسان دشمن کي ڪهاڙي سان مارڻ به ڄاڻون ۔۔۔
    پراون کي اڄ به مان ڏيون ٿا۔۔ پر پنهنجن سان وڙهڻ ۾ به دير نه ٿا ڪريون۔۔۔
    پنهنجن لاءِ چور ۽ ڌاڙيل ٿي زندگي داؤ تي لڳايون پر پراون سان حقن وٺڻ لاءِ ماڳهين پري ڀڄون۔۔۔

    آخر سبب ڇاهي۔۔ ؟
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بهادر قومون

    سهڻا دوستو، سنڌي قوم تاريخ جي پسمنظر ۾ سهڻي، سلڇڻي، ترقي يافته ۽ اصول پرست رهي آهي ۔۔۔ پر گهڻي وقت جي غلاميءَ سنڌي قوم ۾ زهريلا اثر پئدا ڪري سنڌي قوم مان بهادري، اصول پسندي ۽ مشڪلن سان مهاڏي اٽڪائڻ وارا عنصر گم ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔ سنڌي ئي سنڌ جا دشمن ٿي ڪم ڪنٿا۔

    پر اميد آهي ته هڪ دفعو سنڌي قوم گڏ ٿي وئي ۽ هڪ مقصد طرف هلي پئي ته سندس راهه کي روڪڻ مشڪل ٿيندو ۔۔۔ پر شرط آهي ته اسين سنڌ جا خيرخواهه مسلسل پنهنجو ڪم ڪندا رهون ۽ همٿ نه هاريون ۔۔۔ پنهنجي فڪر ۽ ڏاهپ سان سنڌي قوم جي ضميروند ماڻهن کي چهنڊڙيون پائيندا رهون ۔۔۔ الله مالڪ آهي، هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو ۔۔۔

    ايندو خان بلوچ ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان ۔۔۔

    لک ٿورا سهڻي سليمان جي اڻ تڻ جا ۽ ڏاهي دوست رشيد جا چڀندڙ لفظ ۔۔۔

    هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: بهادر قومون

    سائين سنڌي قوم هڪ درويش قوم آهي جيڪو آيو لٽي ويو ،ڦريو ويو، ء هي قوم سدائين سورن رهي آهي، هوشو ء هيمون جهڙا بهادر آڄ ڪٿي آهن ؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    سدائين بدذوقن هٿ ۾ باغ رهيو آهي سنڌي قوم ويچاري لڳي پئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪاش هن وقت سنڌي قوم هڪ ٿي وڄي۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو