مان سوچيان ٿو هن مھل تائين ٿيو ڇا آھي، نعري بازيون به سالن کان ٿينديون ٿيون اچن، هڙتالون به سالن کان ٿينديون ٿيون اچن، لانگ مارچ به سالن کان ٿيندا ٿا اچن، بُک هڙتالون به سالن کان ٿينديون ٿيون اچن، هر سنڌ دشمن فيصلي جي مذمتون به سالن کان ٿينديون ٿيون اچن، پوءِ اُھي ڪهڙا سبب آھن....جن جي ڪري ڪجھ به خاص نه ٿو ٿئي.؟ هميشه اسان پوئتي جو پوئتي.....اسان جي گهرن تي به ڌاريا حڪمراني پيا ٿا ڪن
جواب: هن مھل تائين ٿيو ڇا آھي۔۔۔؟ [JUSTIFY]تمام وڏو سوال آهي؟ انجي جواب لاءِ ڪي ڪتاب ڀرجن تڏهن وڃي سوال جو جواب ملندو ۔۔۔ جيترا وات اوتريون ڳالهيون ۔۔۔ هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي خيال آهر پنهنجي ان معاملي کي جاچيندو ۽ پرکيندو، انڪري 4 ڪروڙ قوم جا ماڻهون ان سوال جي جواب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1 ڪروڙ مختلف سبب ٻڌائيندا ته آخر ائين ڇو آهي جو اسانجي گهرن تي ۽ اسانجي شهرن تي ۽ اسانجي سياست ۽ رياست تي ڌاريا قابض آهن ۔۔۔ ؟ آءُ پڻ ساڳيو ئي سوال ڪندس ته آخر ائين ڇو؟ ڏسجي ته دوست ڪهڙا ڪهڙا جواب ڏين ٿا ۔۔۔؟ پر جيڪڏهن مونکان ان سوال جو جواب پڇندا ته آءُ مختصر هي چوندس؛ 1۔ ايڪو نه هجڻ 2۔ مٿئين طبقي جي غداري 3۔ قومپرست ڌرين جي ناچاڪائي ۽ تنظيمي ڍلائپ 4۔ مذهبي فرقا پرستي 5۔ قبيلائي جهيڙا 6۔ صنعتي سوچ کان دوري 7۔ مارشل سوچ جو نه هجڻ 7۔ تعليمي ڪمزوري هاڻ جيڪڏهن مٿئين موضوعن تي بحث ڪبو ته ڪئي ڪتاب ڀرجي ويندا، انڪري قومي ڏاهپ ان ۾ آهي ته نعري بازي کان اڳتي وڌجي ۽ سنڌ جي سڄڻن جو اتحاد ٺاهي، پاڻ مان مفادپرست ۽ ظالم انسانن کي ڌڪاري تنظيمي اصلاح ڪري، هڪ واٽ جو تعين ڪجي ۔۔۔۔ جيڪي تعليم سان شوق رکندڙ نوجوان آهن انهن کي تعليمي ميدان ۾ مدد ڪرڻي پوندي ۽ جيڪي مارشل قسم جا نوجوان آهن انهن کي هٿيارن سان سينگارڻو پوندو ۽ هڪ مٺ ٿي سنڌ جي مسئلن کي منهن ڏينداسون ته کڙ تيل نڪرندو نه ته؛ ۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟ اهو ساڳيو سوال صدين کانپوءِ بدلجي اهو ٿيندو ته سنڌي قوم جي ختم ٿي وڃڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا ۔۔۔ ۽ مون جهڙو ڪو چريو وري اهي مٿيان سبب لکندو ته سنڌي قوم انهن مٿين سببن ڪري ختم ٿي وئي ۔۔۔ الله ائين م هوءِ ۔۔۔[/JUSTIFY]
جواب: هن مھل تائين ٿيو ڇا آھي۔۔۔؟ مان سمجهان ٿو سائين نثار ابڙي جي جواب کانپوء اسان جو جواب ڪو اثر ناهي ڇڏيندو ۔۔۔۔۔۔۔ پوء به جيستائين مان سمجهيو آهيان ته اسان وٽ اڃان تائين خالي نعرا لڳا آهن، ڪابه تحريڪ پنهنجي منزل تي ناهي پهتي۔ يا ته ان کي ختم ڪيو ويو آهي يا وري اها پنهنجن جي وڪامڻ ڪري پاڻ دم ٽوڙي وئي آهي۔ ٻي ڳالهه ته اسان وٽ سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوء قومي سياست يا ته غنڊن جي هٿ آهي يا وري قبضه گيرن وٽ يا وري وڪاميل ماڻهن وٽ جيڪي ايجنسين جو آله ڪار بڻبا رهيا آهن خاص ڪري پ پ پ حڪومت جي خلاف۔ پ پ پ ۾ ڪي به انقلابي ماڻهو ناهن اتي گهڻو ڪري وڏيرا ، جاگيردار يا صنعتڪار آهن جن جو سنڌ جي اجتمائي مفاد سان ڪو تعلق ناهي۔ اسان انهن قومپرستن مان ڪهڙي اميد رکنداسين جيڪي ڪالهه پيرين پيادا اسان سان گڏ هئا پر ٿوري عرصي ۾ ڪروڙن جي جائداد سان گڏ لينڊڪروزر گاڏين ۾ پيا هلن۔ اسان جا بيوروڪريٽ ۽ مفڪر حضرات ڳالهيون ته وڏيون ڪندا آهن پر پنهنجي ادارن کي پاڻ هٿ وٺي برباد ڪيو اٿن۔ جيڪي چند ڪارڪن آهن اهي ويچارا روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا۔ ان سموري صورتحال ۾ اسان کي وري به عام ماڻهو ڏانهن ڏسڻو پوندو جتان جيڪا قيادت اڀرندي ۽ جي اها ڪميٽيد هجي ته ڪا بهتر صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔ پر افسوس ته اسان ننڍين ننڍين ذاتي مفادن تي وڪامڻ وارا آهيون۔ معاف ڪجو اهو منهنجو ذاتي خيال آهي ان کي ڪنهن اداري يا فورم جو خيال نه سمجهجو، ٿي سگهي ٿو منهنجا خيال الجهيل ۽ غلط به هجن۔
جواب: هن مھل تائين ٿيو ڇا آھي۔۔۔؟ توهان سڀني دوستن جي ڳالهه سان آئون به متفق آهيان۔ جيڪڏهن ڳالهه هڪ جملي ۾ کُٽائڻي هجي ته هيٺئين نموني ٿيندي۔ ٺلها نعرا، سکڻيون ڳالهيون، انا پرستي، پنهنجن سان بًغٍض، علم ۽ قلم رکندڙ ماڻهن جي خاموشي يا وري انهن جو وڪامجڻ ۽ دولت جو نشو مٿي تي چڙهڻ اهي سڀ اُهي مُک مسئلا آهن جن جي ڪري سنڌي قوم اڃان تائين مشڪلن ۾ آهي۔۔۔