ڪراچي پريس ڪلب سميت شھر جي ٻين علائقن جي ديوارن تي رات جي تاريخي ۾ مھاجر صوبي جي حمايت ۾ چاڪنگ ڪئي وئي. هن چانڪ ۾ اھو نارو سامھون آيو. ٻئي طرف متحده اھڙي چاڪنگ کان لاتعلقي ڪري ڇڏي. هاڻي هڪ طرف اسان جا قوم پرست ٻئي طرف سنڌ جي سياسي پارٽي پ پ پ.....ٽئين طرف سنڌ جو لاوارث عوام. وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ جي لا هتي ڪلڪ ڪندا
جواب: ڪراچي اسان جي آھي توھان جي نه۔۔۔۔!!! مهاجر ، مهاجر هوندو آهي ان جو ڪو صوبو يا ديس ناهي هوندو جڏهن رسول صه جن مديني آيا ته مهاجر هئا پر پوء اتان جا ٿيا ته هنن ڪڏهن وري لفظ مهاجر استعمال نه ڪيو۔ هي مهاجر ناهن پناهگير آهن۔
جواب: ڪراچي اسان جي آھي توھان جي نه۔۔۔۔!!! بلڪل صحيح ادا۔ پهرين پنهنجي قوميت ۽ سڃاڻپ ته ٺاهين پوءِ صوبي جي ڳالهه ڪن۔
جواب: ڪراچي اسان جي آھي توھان جي نه۔۔۔۔!!! فقير سدائين ٻين سان متفق ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي ڪم لٿا پيا آهن ، مونکي لڳي ٿو حالات خراب ڪري صوبي ٺاهڻ جو جواز ٺاهيو پيو وڃي۔۔۔ ۽ ان ۾ گهڻا ملوث آهن