ڪراچي جي ڪروڪو ڊائلز تي آزمايل ”ڪڇ اور“ وارو نسخو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ غلام مرتضى وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2011۔

  1. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي جي ڪروڪو ڊائلز تي آزمايل ”ڪڇ اور“ وارو نسخو!


    ممڪنات جي هن ملڪ ۾، ”اڻ ٿيڻي“ نالي ته ڪا شئي رهي ڪانهي، هتي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيندو به رهيو آهي. ملڪ جي ان ممڪنات واري سياسي ڪلچر کي جيتري موجوده جمهوري دور ۾ هٿي وٺرائي وئي آهي، ايتري شايد ئي ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ممڪن رهي هجي. پيپلز پارٽي نه رڳو پاڻ ڏکيا سياسي فيصلا ڪيا، پر چڱين لڱين ٻين سياسي پارٽين کي به نه ڇڏيو آهي. هي جيڪو سنڌ جي وقتي گورنر نثار احمد کهڙي جي صحيح سان سنڌ جي ويجهي دور جي سياسي منظرنامي تي منڌيڙو ڦيرائي ڇڏيندڙ نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي، اهو نوٽيفڪيشن جتي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ علائقن جي ماڻهن جو مٺائيءَ سان وات مٺو ڪرائڻ جو سبب بڻيو آهي، اتي اهو ڪراچيءَ جي ڪروڪو ڊائلز لاءِ اصل مورڙي ميربحر وارو لوهي پڃرو ثابت ٿيو آهي. ڪراچيءَ کي رڳو سنڌ سرڪار پنجن ضلعن ۾ ئي ناهي ورهايو پر گڏوگڏ ڪروڪو ڊائلز جي لوهي پڃري سان ڄاڙي جڪڙڻ لاءِ اها به نويد ڏني آهي ته ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي کي ڇهين ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس مان اڪثريت سان بل پاس ڪرايو ويندو. پيپلز پارٽي جيڪڏهن پنهنجي ان فيصلي کان پوئتي هٽي يا ڪنهن اگر مگر کان ڪم ورتو ته ان لاءِ اها اگر مگر ”پنهنجي وڍئي جو نه ڪو ويڄ، نه طبيب“ واري چوڻي وانگر ثابت ٿيندي. اهڙين خبرن اچڻ بعد ڏکين ڏينهن کان پري رهڻ ۽ سدائين سکن جي سياست ڪندڙ “يارن” جون اصل ڇڙيون پيون لڳن. نواز ليگ کانسواءِ انهن تي آيل هن بي وقتائتي ڏک جي گهڙي ۾ سندن ڪو ساٿ ڏيڻ جو اعلان به نٿو ڪري. جنرل (ر) مشرف جي اقتداري لاڏ ڪوڏ جون پيپلز پارٽيءَ مان اميدون ڪري ويٺل يارن کي بهرحال لڳي ٿو ته اهو اندازو ئي نه هو ته جيڪڏهن اسان پنهنجا پلٽا هڻڻ شروع ڪيا ته پيپلز پارٽي ڪو صفا اهڙو نوٽيفڪيشن ڪڍي کين وڏي عرصي لاءِ سياسي طور پلٽي ڇڏيندي. اها خبر يارن کي هاڻ پئي آهي ته سندن جي روز روز وارن رسامن کان تنگ آيل پيپلز پارٽي رڳو ساڻن ويجهڙائيءَ ۾ نئين سر ٿيل اچ وڃ جي ڪري مجبور هئي. سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ٻين ضلعن کي پنهنجي اصل شڪل ۾ رڳو ان ڪري ايترا ڏينهن، بقول سراج درانيءَ جي، پيپلز پارٽي بحال نه پئي ڪيو جو “يارن” جي سئي سڄي اتي ئي اٽڪيل هئي. جڏهن همراهن پاڻ آزاد ڪشمير واري اليڪشن ۾ ڌانڌلين جو ڌمچر مچائي پنهنجي توپن جو رخ کلي طرح پيپلز پارٽي ۽ مخلوط حڪومت ڏانهن ڪيو ته، نيٺ حڪومت کي اهو فيصلو ڪرڻو ئي پيو، جيڪو هن کي دير سوير ”دوستن“ کي اعتماد ۾ وٺي ڪرڻو ئي هو، جنهن فيصلي سان بهرحال ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي سڄي جي سڄي سياست جو منظرنامو مٽجي ويو آهي. پيپلز پارٽي موجوده حڪومتي دور ۾ جتي ٻيا ڪئين ڏکيا سياسي فيصلا ڪيا آهن، اتي ان 18هين آئيني ترميم، گلگت- بلتستان، خيبر پختونخوا کي پنهنجي نالي جو حق ڏيارڻ ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحاليءَ وارو هي تازو فيصلو ڪري ٿورائيءَ کي ڏندين آڱريون ۽ اڪثريت جي وات ۾ ”گلاب جامن“ ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي جي عوام جي پراڻا ضلعا بحال ڪرڻ واري حسرت پوري ٿيڻ ۽ حيدرآباد ضلعي جي پنهنجي پراڻي تاريخي صورت ۾ بحاليءَ واري عوام جي خوشي جو جيڪڏهن ڪنهن کي اندازو لڳائڻو آهي ته اهو سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور (جيڪو مٽياري ۽ ٽنڊي الهيار مان ڄڻ ته ڪنهن جو به نه هو) جي رهواسڻ سماني ابڙو ۽ ٻين جا فيس بوڪ تي ڪمينٽس پڙهي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته، پنهنجي شهر جي تاريخي ۽ زوري زبردستيءَ ڪرايل سڃاڻپ ۾ ڪيترو فرق هوندو آهي؟ هاڻ نصرپور ٽنڊي الهيار جو حصو هوندو ۽ نصرپور تي ارباب رحيم جي باقيات پاران ٿيندڙ سياست جو باب به بند ٿي ويو. استاد بخاري ڪراچيءَ جي ڪروڪو ڊائلز جهڙين جنسن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيڏي نه حڪمت واري ڳالهه ڪئي هئي:

    ڪجهه جاچ ڪبي، ڪجهه سوچ ڪبي،
    ڪجهه گوڙ ڪبو، ڪجهه زور ڪبو،
    هر حالت ۾، هر صورت ۾،
    هن حالت کي هيئن ڪرڻو آ،
    جي هيئن نه ٿيو، پوءِ هونئن ڪبو،
    جي هونئن نه ٿيو ته ڪجهه اور ڪبو.

    اشفاق لغاري/ٽنڊو الهيار

    روزانه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو