• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”زندگي“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”زندگي“ اوهان ”زندگي“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
زندگي منڇر جي پاڻيء جا ڪنول
زندگي سانوڻ ۾ سنڌوء جي اٿل
زندگي مانهن جي هٿڙن ۾ گلاب
زندگي ڄڻ ڪنوار پينگهي ۾ ستل
زندگي هٿ ڪنوار جو مينديء رتل
زندگي تنوير جو تازو غزل
زندگي سنڌوء جي پاڻيء جيان شفاف
زندگي محبوب جي سپني مثل۔
 
سائين پروف جي غلطي سان سپني جي جا تي سيني لکجي ويو ھو اصل ۾ ”زندگي محبوب جي سپني مثل۔” آھي
 
Back
Top