• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

عرس پريو

سينيئر رڪن
يا ته هو وسندڙ پٿرن کي سمجهي نه سگهيو
يا ته هو منهنجي شعرن کي سمجهي نه سگهيو

خط جو مطلب هڪ جو ٽيون ڪڍيائين، جو
جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو

ٻهراڙي جو سادو سودو ماڻهو هو
سياست سان پُر شهرن کي سمجهي نه سگهيو

هو ته ذهين، ذهانت هن جي وئرٿ وئي
ماسڪ پاتل چهرن کي سمجهي نه سگهيو

وقت اجايو پاڻي وانگر وهندو ويو
قيمت وارن پهرن کي سمجهي نه سگهيو

گلقند جهڙن گفتن موهي مست ڪيو
دل ۾ قاتل زهرن کي سمجهي نه سگهيو

دهلن شرنائين سمجهايس شادي آ
پوڙهي جي سر سهرن کي سمجهي نه سگهيو

’راشد‘ ساري دنيا کي سمجهي ويو پر
پنهنجن يارن گهرن کي سمجهي نه سگهيو

(راشد مورائي)
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

دهلن شرنائين سمجهايس شادي آ
پوڙهي جي سر سهرن کي سمجهي نه سگهيو

ڪجهه سمجهه، ڪجهه شڪايت ۽ ڪجهه سماجي وارتا جي واردات ۔۔۔ راشد مورائي جا سهڻا خيال

عرس پريا صاحب ۔۔۔ آهين ته چمين ڏيڻ جهڙو (عربن واريون چميون)

لک ٿورا
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

ٻهراڙي جو سادو سودو ماڻهو هو
سياست سان پُر شهرن کي سمجهي نه سگهيو
جيئو ادا پريل جيئو تمام بهترين چونڊ اوھان جي۔۔۔۔۔۔لاجواب
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

’راشد‘ ساري دنيا کي سمجهي ويو پر
پنهنجن يارن گهرن کي سمجهي نه سگهيو


يارن جون اهي ئي ڳالهيون ته مارينديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو يار سمجهه ۾ ناهن ايندا

بهترين شيئرنگ
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

راشد سنڌ جي عاشق شاعرن مان آهي

هن معاشري جي پت وائکي ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۽ عشقيه شاعري به واهه جو ڪئي آهي

مهرباني عرس
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

تمام بهترين شاعري آهي مهرباني ادا عرس
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

ادا سائين راشد مورائي جي محفل ۾ جنهن وقت ويهندا ها سون ته اٿڻ تان دل نه ڪندي هئي سائين جيترو الفاءن ۾ سخت هو اوترو زندگي جي حقيقتن ۾ به سخت هوندو هو ۔ سائين هميشه چوندو هو ابا دنيا کي عبرت جي نگاه سان ڏسو۔ سائين جي هميشه علائقي جي وڏيرن سان عملي جنگ لڳي ۔ مونکي چڱي طرح سان ياد آهي هڪڀيرو موري شهر جا مولائي سائين وٽ آيا ته اوهان يزيد تي لعنت نه ٿا ڪريو سائين جن چيو منهنجو 14 سو سالن جي پراڻي يزيد سان ڇا وڃي اڄوڪي يزيد (اسان جي علائقي توڙي ايشيا يقين ڪيو چاهيندي به ا وڏيري جو نالو نه ٿو لکي سگهان ڪيڏي نه جرئت و همت واارو هو راشد مورائي ) تي مان موري شهر جي چوڪ تي بيهي لعنت ٿو ڪريان توهان ملي ڪري مونسان چوڪ ۾ بيهي بيشمار چؤ۔ ته سڀ جا سڀ مولائي چُپ ڪري نڪتا هليا ويا۔ بحرحال گهڻي عرصي کان پوءِ سائين جن جو نظم ادي عرس ونڊ ڪيو سائين جو چهرو اکين ۾ اڀري آيو سائين جون يادون ونڊ ڪيو سوين۔
وسلام
 
جواب: جذبن ڀريل اکرن کي سمجهي نه سگهيو (راشد مورئي)

ادا عرس پيارا توهان جي مهرباني جو سائين راشد مورائي اسان جي شهر جي مهان شخصيت آهي ان جي شاعري توهان ونڊ ڪئي سائين جي شاعري ۾ ڪافي پهلو نظر ۾ رکيل آهن ڪي دوست جي ويس ۾ دشمن هوندا آهن خاص انهن جي نشاندهي ڪيل آهي ۔ سنڌ جا ڪافي جوڌا جوان سهڻا شاعري پنهنجي فڪر ۾ سجاڳي جو سڏ ڏيندا رهيا آهن ڪاش اسان جي قوم سجاڳ ٿي اکيون کولي ۔
 
Back
Top