• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
woman-looking-in-mirror.jpg

آئينو ڪنهن جي به عيب کي تيستائين ظاهر نه ٿو ڪري جيستائين پاڻ به صاف ۽ شفاف نه هجي۔

آئينو جيڪو ڪجهه بيان ڪندو آهي اهو حق ۽ سچ تي مبني هوندو آهي۔ ڇو ته هن کي ڪنهن سان ڪا غرض ناهي۔

آئينو صرف عيبن کي ئي نه پر خوبصورتي ۽ سٺائي کي به بيان ڪندو آهي۔

آئينو عيبن کي خاموشي ۽ سنجيدگي سان بيان ڪندو آهي۔

آئينو ڪڏهن به عيبن کي وڌائي بيان ناهي ڪندو پر اصل حقيقيت بيان ڪندو آهي۔

آئينو سڀني جا عيب ظاهر ڪندو آهي هن وٽ غريب ۽ امير يا وڏي ۽ ننڍي جي ڪا اهميت ناهي۔

آئينو ڪنهن جي سٺائي يا برائي ٻڌائڻ کانپوء ان مان ڪابه توقع ناهي رکندو۔

آئينو هر ڪنهن جا عيب ان جي ئي سامهون بيان ڪندو آهي ٻين جي اڳيان نه۔

آئينو جڏهن پنهنجا عيب ٻڌائيندو آهي ته ان کي ڪڏهن به ڀڃي ناهي ڇڏبو۔

آئينو جيڪڏهن ڀڄي به پوي ته به ٻيهر پنهنجو ساڳيو ڪم ڪندو رهندو آهي۔​
 
جواب: آئينو ۽ عيب ۔۔۔۔۔

هن جو عنوان هجي ها ”آئينو ۽ حقيقت“

ڳالهيون ته سڀ سون جهڙيون آهن، بيشڪ آئينو ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو، جهڙي شڪل تهڙو عڪس ۔۔۔ آئيني سان عورتن کي وڏا فائدا آهن ۔۔۔ اڪثر مردن کي اهو طعنو ڏينديون آهن ته ” آئيني ۾ شڪل ڏٺي اٿئي“ آئينو عورت جي لاءِ هڪ ضروري شئي آهي ۔۔۔ هڪ ڏاهي کان ڪنهن پڇيو ته عورت کي وڏي ۾ وڏي سزا ڪهڙي ڏئي سگهجي ٿي ته ڏاهي جواب ڏنو ته؛

” خوبصورت ڇوڪريءَ کي ميڪ اپ جو سڄو سامان ڏئي، هڪ ڪمري ۾ بند ڪجي پر کيس آئينو نه ڏجي “

اڄڪلهه ڪجهه اهڙا آئينا به نڪتا آهن جن ۾ شڪل ننڍي يا وڏي پڻ نظر اچي ٿي، ڪي شيشا وري اهڙا به آهن جو پري واري نظاري کي به ويجهو ڪري ڏيکارن ٿا، جيئن ڪار جا آئينا وغيره ۔۔۔

بهرحال تمام سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔
 
سائين نثار لک ٿورا رهنمائي ڪرڻ جا ۔۔۔۔

مون موضوع جو عنوان مٽائي آئينو ۽ حقيقت ڪيو آهي۔

اوهان به آئيني بابت صحيح ڳالهيون لکيون آهن۔۔۔
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

آئينو هر ڪنهن جا عيب ان جي ئي سامهون بيان ڪندو آهي ٻين جي اڳيان نه۔

بس ادا آئيني کان وڌيڪ ڪا حقيقت ناهي
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

آئينو ڪنهن جي به عيب کي تيستائين ظاهر نه ٿو ڪري جيستائين پاڻ به صاف ۽ شفاف نه هجي۔
سائين سمجهڻ واري لاءِ ڪافي آھي.....لاجواب تمام بهترين سليمان صاحب

بس ادا آئيني کان وڌيڪ ڪا حقيقت ناهي

واھ فقير واھ آئيني جي سٺي خاصيت اوھان به بيان ڪئي آھي...دل کي لڳي.
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

آئينو هر ڪنهن جا عيب ان جي ئي سامهون بيان ڪندو آهي ٻين جي اڳيان نه۔

بس ادا آئيني کان وڌيڪ ڪا حقيقت ناهي

اسان وارو جهونو اڄڪلهه ڪجهه گم سم ٿو رهي۔۔۔۔۔۔۔

لڳي ٿو آئيني جي سامهون ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ حقيقت جي خبر پئي اٿس ۔۔۔۔۔۔۔۔

يار ايڏو سيريس نه ٿي ڪٿي مان روئي نه پوان !!!!!!!!!!!
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

ادا ”آئينو ته حقيقت پيش ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
”آئيني جي لاجواب تشريح ڪئي اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي سمجهاڻي آهي

پاڻ وارو انٽرنيشنل فقير به آئينو ڏسندو رهي ته سندس لاء ڀلو آهي نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آهسته آهسته لفٽ گهٽجي ويندس۔۔۔۔۔۔
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

سائين سمجهڻ واري لاءِ ڪافي آھي.....لاجواب تمام بهترين سليمان صاحب

ادا عاشق جاني بس يار پا ڪجي يار

واھ فقير واھ آئيني جي سٺي خاصيت اوھان به بيان ڪئي آھي...دل کي لڳي.

اسان وارو جهونو اڄڪلهه ڪجهه گم سم ٿو رهي۔۔۔۔۔۔۔

لڳي ٿو آئيني جي سامهون ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ حقيقت جي خبر پئي اٿس ۔۔۔۔۔۔۔۔

يار ايڏو سيريس نه ٿي ڪٿي مان روئي نه پوان !!!!!!!!!!!
ادا سليمان اوهان نه روئو اسان اوهان جي طرفان روزانون روئندا آهيون اصل منهن ئي ڳوڙهن سان ڌيئيندا آهيون ادا اوهان نه روئو يار اوهانجي ته کلڻ جا ڏينهن آهين جاني اوهان ڇو روئندا ؟ بابا اسان ئي روئڻ لاء ڪافي آهيون بابا باقي يار اسان آهيون جو موسيمي ٻٽيرا سو موسم جي حساب سان هلندا آهيون

ادا ”آئينو ته حقيقت پيش ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
”آئيني جي لاجواب تشريح ڪئي اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي سمجهاڻي آهي

پاڻ وارو انٽرنيشنل فقير به آئينو ڏسندو رهي ته سندس لاء ڀلو آهي نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آهسته آهسته لفٽ گهٽجي ويندس۔۔۔۔۔۔

ابا عرس يار آئيني جا پيسا هجن ها ته آئينو وٺان ها ويسي به آئيني س'کي ڏسڻ سان ٽينشن ٿيندي آهي ماڻهون الجهنن ۾ پئجي ويندو آهي پاڻ جهونا ٽينشن ڪونه وٺون بابا اهو به فري ۾ هههههه
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

سائين سمجهڻ واري لاءِ ڪافي آھي.....لاجواب تمام بهترين سليمان صاحب

واھ فقير واھ آئيني جي سٺي خاصيت اوھان به بيان ڪئي آھي...دل کي لڳي.

مهرباني عاشق

آئينو اسان جي حقيقت هوندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

هتي دوستن جي خدمت ۾ آئمه معصومين عليهم السلام جو هڪ فرمان بيان ڪندو هلان ته هر مومن ٻئي مومن جي لاءِ آئينو آهي، علي علي جي ڳالهه وانگر ته آئينو صرف اڳئين جا ئي عيب بيان ڪندو آهي، اهو ڪونه ٻڌائيندو آهي ته ٻئي ماڻهو ۾ ڪهڙا عيب آهن، سچي دوست يا مومن ۾ به اها شئي لازمي هوندي آهي۔۔۔ مطلب ته آئيني ۾ حقيقي دوست يا مومن ۾ اها هڪجهڙائي پڻ آهي۔​
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

ادا ”آئينو ته حقيقت پيش ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
”آئيني جي لاجواب تشريح ڪئي اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي سمجهاڻي آهي

پاڻ وارو انٽرنيشنل فقير به آئينو ڏسندو رهي ته سندس لاء ڀلو آهي نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آهسته آهسته لفٽ گهٽجي ويندس۔۔۔۔۔۔

بلڪل آئينو حقيقت پيش ڪندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ اسان کي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

آئينو جيڪو ڪجهه بيان ڪندو آهي اهو حق ۽ سچ تي مبني هوندو آهي۔ ڇو ته هن کي ڪنهن سان ڪا غرض ناهي۔

ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ آئينو ڪڏهن به ڪوڙ نه ًڳالهيندو آهي۔ هر انسان جي اندر ۾ به هڪ آئينو هوندي آهي ۔جيڪو ان انسان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ صاف صاف ٻڌائيندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن گهڻن گناهن ڪرڻ جي ڪري ان آئيني تي عڪس صحيحي نه چٽجي سگهندو آهي ۔انسان کي پنهنجي اندر جي آئيني کي هميشه صاف رکڻ گهرجي ۔ان سان هو ڪڏهن به ڌوکو نه کائي سگهندو۔ اسان جي پياري ٻولي ۾ ته ڪنهن ماڻهو کي ان جي غلط عمل جو احساس ڏيارڻ لاء هميشه اهو چيو ويندو آهي ته هلو هن کي آئينو ڏيکاري آچون۔بهترين ليک ونڍ ڪرڻ تي توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
 
جواب: آئينو ۽ حقيقت ۔۔۔۔۔

هتي دوستن جي خدمت ۾ آئمه معصومين عليهم السلام جو هڪ فرمان بيان ڪندو هلان ته هر مومن ٻئي مومن جي لاءِ آئينو آهي، علي علي جي ڳالهه وانگر ته آئينو صرف اڳئين جا ئي عيب بيان ڪندو آهي، اهو ڪونه ٻڌائيندو آهي ته ٻئي ماڻهو ۾ ڪهڙا عيب آهن، سچي دوست يا مومن ۾ به اها شئي لازمي هوندي آهي۔۔۔ مطلب ته آئيني ۾ حقيقي دوست يا مومن ۾ اها هڪجهڙائي پڻ آهي۔​

ادا مست مهرباني

بيشڪ حضرت علي عه جو بهترين قول آهي ”هر مومن ٻئي مومن جي لاءِ آئينو آهي“

ڪاش اسان انهن ڳالهين کي سمجهون ۽ وري دل سان عمل ڪيون۔
 
Back
Top