• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد ابراهيم جويو

نرمل

سينيئر رڪن
محمد ابراهيم جويو

IbrahimJoyoAGreatThinkerWriterEducationist.jpg

هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ 21 صدي جو عظيم اسڪالر

ڄمڻ جي تاريخ:12 آگسٽ 1915ع
نالو: محمد ابراهيم
ولد: محمد خان جويو
ڄمڻ جو هنڌ:ڳوٺ آباد ويجهو لڪي، ڪوٽڙي، دادو هاڻي ڄامشورو، سنڌ

ابتدائي تعليم سندس ڳوٺ آباد مان پرايائون، تنهن بعد لڪي ۽ سن پڙهڻ ويو، 1934ع ۾ سنڌ مدرسة السلام مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. 1938ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين، پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي پڻ ويو.

اتان واپسي کان پوءِ پاڻ 1941ع ۾ سنڌ مدرسةالسلام ۾ استاد طور مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ پڙهائڻ لڳو. جلد ئي سندس بدلي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿي، 1951ع ۾ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي قائم رهيو، 1961ع ۾ ان عهي تان رٽائر ٿيو.

وقت بوقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ وري مقرر رهيو، پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي مکيه ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو، جنهن ۾ نصابي ڪتابن جو ڪم سندس نگراني ۾ ٿيندو رهيو، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمن جي عهدي تي پڻ فائز رهيو.

پاڻ علم ۽ ادب لاءِ لاتعداد ڪتاب ٻين ٻولين مان ترجمو پڻ ڪيا اٿس، يورپ جا ڪيترائي مشهور ڪتاب پڻ سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهڙي ريت پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ هميشه دلي خلوص سان ڪوشان رهيو.تنهن کان علاوه پاڻ ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ نصابي ڪتاب ٻارڙن جي تعليم تي اسڪولن لاءِ لکيائين،ڪيترائي مهاڳ، تقريرون ۽ مضمون پڻ لکندو رهيو آهي.
ماشاءَالله پاڻ هن وقت 98 سالن جي ڄمار ۾ تاحيات آهن ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهن ٿا.
مٿيون متن Wikipedia, the free encyclopedia تان ورتل آهي جيڪو ترجمو ڪري هت پيش ڪيو ويو آهي.​
 
Back
Top