هن تصوير مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته شلوار ڪيتري قيمتي آهي ۽ ان مان ڪيترائي ڪم وٺي سگهجن ٿا .................. ۽ ضرورت ايجاد جي ماء آهي وار فارمولي تحت ٻه روم به ڪول ڪري سگهجن ٿا پر مون کان اهو نه پڇجو ته هي ڪنهن جي شلوار آهي اسان وارو وڏي ايڊمن (رشيد سمون ) نه ڪٿي ناراض ٿي پوي ان ڪري مان نالو نٿو کڻان چپ ڀلي آهي
جواب: ڪانچ جا فائدا ادا ڪانچ (بلڪه بهتر آهي ته سلوار چئجي) جا وڏا فائدا آهن الطاف شيخ پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ لکي ٿو ته هر ديس جون پنهنجو ڊريسز آهن جن جا پنهنجا پنهنجا فائدا آهن۔ مسلاً سعودي عرب ۾ اڇو جبو پائيبو آهي ۽ مٿان رومال جيڪو ڪنڌ به ڍڪي ٿو۔ سعودي ۾ گرمي الاهي آهي ۽ جبي جي اندر جمع ٿيندڙ هوا انسيوليٽر (گرمي يا بجلي نه گذاريندڙ مادو) جو ڪم ڏيئي ٿي ۽ جسم کي ٻاهرين گرمي گهٽ ٿي لڳي۔ رومال سان ڪنڌ ڍڪڻ سان سن اسٽروڪ ناهي ٿيندي۔ اڇو رنگ سج جا الٽراوايوليٽ ريز به موٽايو ڇڏي (جن کي ڪارو رنگ جذب ڪندو آهي) ايئن ئي سنڌ ۾ سلوار ، اها به وڏن سرن واري پائڻ، سان انهن سرن وچ ۾ ٺهندڙ وٿين ۾ هوا ڀرجي ٿي جيڪا ٻاهرين گرمي کي اندر اچن کان روڪي ٿي۔ انگريزن جا ملڪ ٿڌا آهن انهن کي انهن جي ضرورت ناهي۔ سو هو ٽائيٽ پينٽ شرٽ پائين ٿا ۔پر سلوار جو هي استعمال ته ڪمال آهي۔ [/size][
جواب: ڪانچ جا فائدا يار فقير هاڻي مون کي اندازو ٿئي ويو ته انتظاميه ڪهڙن تجربن ۾ گم آهي لڳي رهو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدائين گڏ
جواب: ڪانچ جا فائدا هاهاهاهاهاها....واھ سائين واھ پر ڪانچ لفظ عنوان ۾ پڙھي ڪلڪ ڪيول ته سلوار...جنهن کي ڪي شلوار به چوندا آھن...ته ڪي ڪانچ به.....خير ڪم کي ڇڪي رکيس. پنجن ڏھن ڏي نه ڏس فقير.ا
جواب: ڪانچ جا فائدا لٿل ڪانچ عرف سلوار جو تمام سهڻو استعمال ۔۔۔۔ هل ته سهي، همراه ڪو اصل وڏي پائي جو جڳاڙي ٿو لڳي ۔۔۔ پر فقير جي ڳالهه تان کلي کلي پيٽ ۾ ولوڙ ٿيا آهن ته انتظاميه ڪهڙن تجربن ۾ مصروف آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟ هاهاههاهاههاهاه
جواب: ڪانچ جا فائدا سائين ڏاهو آهيان تڏنهن ته هڪ ڪولر ٻن رومن ۾ پيو استعمال ڪيان ههههههههههههههههه باقي سائين رشيد جو مون نالو ناهي کنيو ته هي ڪا ڪانچ رشيد جي آهي ۽ نه ئي کڻڻدس ..................................... ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني جاني ..................................... فقير سائين مطلب ته انتظامه واندي ناهي ويٺي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ لڳل آهي اها ته خوشي جي ڳاله آهي بابا ..................................... ادا سليمان مهرباني اوهانج ي پسند ڪرڻ جي پر اوهان ته اهڙو ڪو تجربو ناهي ڪيو نه اڃا تائين ؟ ..................................... ادا عاشق اها جهونن جا ڪم آهي عنوان اهڙو هجي موضوع جو جيڪو ڌماڪيدار هجي سهڻآ ..................................... ها ادا مس ته ته وڏي ايڊمن جي ڪانچ هٿ آئي آهي اهو فايدو نه وٺونس ته ٻيو ڇا ڪيون بابا تو کي به يج هٿ اچي ته فايدو ضرپور وٺجان بابا ..................................... بس سائين سڄ جهان جڳاڙي لڳو پيو آهي سو اسان کي به ايڊمن جي ڪانچ هٿ اچي وئي سوچيو سي فايدو وٺجي بابا
جواب: ڪانچ جا فائدا ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ادا ۔وسلام تجربو ضرورت جو پي آهي سلطان ڀَٽي ائين چوندو آهي ۔وسلام