زندگيون پلجن پيون جن چاهتن جي اوٽ ۾۔۔۔سيال حيات

سيال حيات

سينيئر رڪن
زندگيون پلجن پيون جن چاهتن جي اوٽ ۾​

زندگيون پلجن پيون جن چاهتن جي اوٽ ۾
چاهتون سي ئي ٿيون پلجن نفرتن جي اوٽ ۾

ڪنهن نه سمجهو آ اسان ڪنهن جي ڪريون ٿا بندگي
مسجدون پنهنجون اچي ويون مئڪدن جي اوٽ ۾

روبرو ڪيڏو خفا پرپٺ ڪيئي منهنجي پڇا
رنجشون تنهنجو لڪي ويون رحمتن جي اوٽ ۾

انتظارن ۾ اڃا گذري پئي هي زندگي
ويون صديون گذري هزارين ساعتن جي اوٽ ۾

رئيس جو ڏهڪاءُ ڀي ۽ لوڪ جي طعنن جو خوف
زلتون سهڻيون پيون ڪي عزتن جي اوٽ ۾

ڌيءَ جيڏي ڇوڪريءَ ڏي ٿيون بُکيون گهورين اکيون
بي حيائي ٿي بکي ڪجهه عظمتن جي اوٽ ۾

سونهن ساڙيو سيال کي ٻيوعشق جي آتش فشان
جان هي جلندي رهي ٻن طاقتن جي اوٽ ۾


سيال حيات
 
جواب: زندگيون پلجن پيون جن چاهتن جي اوٽ ۾۔۔۔سيال حيات

سونهن ساڙيو سيال کي ٻيوعشق جي آتش فشان
جان هي جلندي رهي ٻن طاقتن جي اوٽ ۾


واهه ۔۔سائين بهترين

سونهن ۽ عشق جي طاقتن ۾ جلندو رهيو سيال ۔۔۔۔۔۔ زبردست شاعري
 
جواب: زندگيون پلجن پيون جن چاهتن جي اوٽ ۾۔۔۔سيال حيات

تمام خوبصورت شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top