ورسي جي حوالي سان سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو: شاهنواز جوڻيجو نويد هيسباڻي 1932ع ۾ ٽنڊو آدم لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي سنجر خان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شاهنواز جوڻيجي 1962ع ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ڪلچر ۽ سياست جو هڪ نرالو ڪردار هو، راڄ ڀاڳ ۾ ايمان رکندڙ ۽ وفاقي پارٽي ۾ هوندي به سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏيندو هو. هن ڪڏهن به سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ چوندو هو ته قومپرست وقتي طور تي گڏجي وڃن ٿا پر قومپرستن ۾ نيڪ نيتي هج ته هو سنڌ جا حق حاصل ڪري سگهن ٿا. پهريون ڀيرو ڀٽو دؤر ۾ 1975ع ۾ ڊي پي آر تحت کيس جيل موڪليو ويو. 1977ع تائين 2 سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ضياءُالحق شهيد ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽ شهيد ڀٽو خلاف هن مشهور حُر ڪيس کوليو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڀٽو صاحب مٿان شاهدي لاءِ چيو هو پر هن کيس ٺپ جواب ڏنو هو، جنهن ڪري سزا طور کيس جيل ڀوڳڻو پيو. 1981ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ جهاز هائي جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به هن ڏيڍ سال جيل ڪاٽيو. جيتوڻيڪ ڄام صادق علي سندس ننڍپڻ جو دوست هو ، ان شاهنواز جوڻيجو کي پ پ ڇڏي ساڻس گڏجي هلڻ جو چيو ۽ انڪار تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل ڪيس ۾ کيس ڏيڍ سال جيل ۾ بند ڪيو. شاهنواز جوڻيجو ڀٽو دؤر کان وٺي مشرف دؤر تائين جيل ڪاٽيا پر پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هو جيلن ۾ هوندي به جيل جي قيدين ۽ جيل انتظاميه جي تڪرارن جا فيصلا ڪندو هو. جيل ۾ هن جي ملڪ جي ناليواري سياستدانن سان دوستي پڻ ٿي. هي غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مجتبيٰ جتوئي، مير هزار خان بجاراڻي، سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مخدوم خليق الزمان، پروفيسر غفور احمد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، اقبال حيدر، مير رسول بخش ٽالپر، منظور وساڻ، مشهور ليکڪ طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن سياستدانن ۽ ورڪرن سان جيل ۾ رهيو. سندس فيصلن جي شروعات ڦوهه جوانيءَ کان ان وقت شروع ٿي جڏهن سندس ڳوٺ ۾ هڪ چوري جي شڪايت وٽس آئي. ان فيصلي بعد هن وٽ راڄن ڀاڳن جا فيصلا ٿيڻ لڳا، هي سنڌ ڇا بلوچستان پنجاب تائين فيصلا ڪرڻ ويندو هو. جتوئي مهر تڪرار هجي يا مارفاڻي بروهي جهيڙو هجي يا مهر چاچڙ تڪرار هجي، اهڙا هزارين فيصلا شاهنواز جوڻيجو جي ذهانت جي ڪمال سان حل ٿيا. هو وڏن ماڻهن، سرمائيدارن ۽ زميندارن سان دوستي هجڻ باوجود غريبن سان گهڻي محبت ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به پاڻ کي وڏيرو نه سڏائيندو هو. ڪچهرين ۾ ماڻهو کيس چوندا هئا ته توهان کي اقتدار ۾ ڪافي موقعا مليا آهن، توهان پنهنجي لاءِ ڪجهه ملڪيت ڇو نه ٿا ٺاهيو، جنهن تي مرڪندي چوندو هو ته، منهنجي ملڪيت هي غريب عوام آهي جن وٽ ملڪيت آهي انهن کي رات جو سڪون سان ننڊ به نٿي اچي، آئون اهڙي ملڪيت ڇو گڏ ڪيان جيڪا منهنجو سڪون برباد ڪري. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي وڏي پٽ روشن الدين جوڻيجو کي ضلعي ناظم سانگهڙ ۽ پنهنجي ٻئي پٽ محمد خان جوڻيجو کي ايم اين اي ۽ سندس دوست ۽ مشهور ڪاروباري صنعتڪار ملڪ امام الدين شوقين کي ايم پي اي چونڊرايو ۽ اڄ سندس وڏو پٽ روشن الدين جوڻيجو ايم اين اي آهي. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي جواني کان آخر تائين ڀلن گهوڙن جو شوق ۽ ذوق رکندو هو. سنڌ سونهاري جو شايد ئي ڪو اهڙو ميلو هوندو جنهن ۾ سندس گهوڙن ڊوڙون نه پاتيون هجن. شاهنواز جوڻيجو سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي راڄ کي پنهنجو سمجهندو هو. هر ننڍي توڙي وڏي سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندڙ خوش مزاج مٿير مڙس کي اڄ به ماڻهو ڪچهرين ۾ حوالي طور ياد ڪن ٿا، ڇو ته هو هڪ نه وسرندڙ شخصيت هو. اڄ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڇهين ورسي آهي، جنهن لاءِ سنجر جوڻيجو ۾ 60 هزار ماڻهن جي ويهڻ ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اهڙا عظيم سياستدان سچ پچ اسان لاءِ وڏو مثال آهن.
جواب: سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو: شاهنواز جوڻيجو جي 6 هين ورسي مرحوم شاهنواز پنهنجي انصاف ڀريي فيصلن سبب گهڻو مشهور هو۔ سندس اها ادا سچ ته کيس گهڻن وڏيرن ۽ روايتي وڏيرن کان کيس الڳ حيثيت م بيهاريوڪيو۔