پهريون ڏاڪو (عبدالقادر جوڻيجو جو هڪ همٿائيندڙ ڪالم)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    درياهه تهذيبن کي جنم به ڏيندا آهن ۽ اُکوڙي پَٽ به ڪندا آهن ته گڏوگڏ رومانويت کي به جنم ڏيندا آهن، جنهن مان ادب ۽ آرٽ جا شاهڪار به ڦُٽي نڪرندا آهن. ائين ته دنيا جهان جا ڪيئي درياهه رومانويت سان ڀرپور رهندا پئي آيا آهن، پر جنهن درياهه جي رومانويت مارڪ ٽوائن کان وٺي استاد وليم فاڪفر ۽ پوءِ ٽرومين ڪيپوٽي تائين جديد انگريزي ادب ۾ ٽاڙهيا مچائي ڏنا، اُهو ميسسپي درياهه جي ڪپرن تي موجود ميسسپي وارو علائقو هو. هاڻي ته اِهي ڳالهيون اڏرنديون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته آمريڪا جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ميسسپي وارو علائقو پَٽ سان وڃي لڳو آهي، اُتان جو ادب ۽ آرٽ لاڏائو بڻجي وڃي نيويارڪ جا در وسائيا آهن. اسان جو سنڌو درياهه به اهڙو ئي آهي. اسان جڏهين ادب جي دنيا ۾ پهرئين پير پاتو هو، اُنهيءَ زماني ۾ ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي موجود خيرپور ناٿن شاهه جي هاڪ متل هئي. انهيءَ وقت کان وٺي دل ۾ اِهو خيال بيٺل هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڏوري ڏسبو. پر اها خواهش ڏاڍي دير سان پوري ٿي، پر عجب دوستن سان اُتي وڃڻ اچڻ ٿيو. سنڌي زبان جي ليجينڊ بڻجي ويل شاعر حسن درس ۽ درياهه دل دوست مسعود لوهار پهرئين مون کي اچي کنڀي کنيو ۽ پوءِ خيرپور ناٿن شاهه جي فنڪارانه رڳ رکندڙ صحافي منظور ميراڻيءَ جي منزل ته شاهه پنجو هئي، پر ويندي ايندي خيرپور ناٿن شاهه جو ديدار به نصيب ٿيو. انهيءَ وقت اسان کي اها خبر ڪا نه هئي ته ڪو سنڌو درياهه جي رهڙي ۾ اچي خيرپور ناٿن شاهه به موڪلائيندو ۽ ڪٺور رات جي ٻوڏارن ۾ اچي حسن درس به موڪلائيندو. جڏهن خيرپور ناٿن شاهه پاڻيءَ جي وَڪڙن ۾ اچي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائيو ته منظور ميراڻيءَ دل کي جهٻيون ڏيندڙ هڪ دردناڪ مضمون لکيو. ”اديون ڙي، منهنجو دلبر دوست وٺيو پيا وڃن“ جهڙو دلبر دوست حسن درس ته موٽي ڪو نه ايندو، پر شهر اُجڙندا ۽ آباد ٿيندا رهندا آهن.

    خيرپور ناٿن شاهه جي اوج ۽ موج ته الائي ڪڏهن موٽي، پر شهر کي جنهن جا سولا هٿ نصيب ٿيا، اُها ٻين کان گهڻو مختلف باڊي آهي، جنهن پهرئين ڏاڪي طور تي خيرپور ناٿن شاهه کي اُڀارڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو، جنهن تي ايندڙ خرچ اقوام متحده جي هڪ اداري “UNDP Early recovery” ڀريو. امداد وغيره ڏيڻ ته ٻين جو ڪم هوندو آهي، جيڪو ڪنهن کان لڪل نه رهيو آهي. پر ان اداري جو ڪم هو تباهه ٿيل شهر خيرپور ناٿن شاهه جا بنياد کڙا ڪري شهر کي رهڻ لائق بنائڻ. اهو ڪم پڌري پٽ موجود آهي، ڪو به اُتي وڃي ڏسي سگهي ٿو. چوندا آهن ته ڪنهن جو ڪيو نه وڃائجي، ۽ اِها حق جي شاهدي ڏبي ته گهٽ ۾ گهٽ ته ڪي ماڻهو يا ڪو ادارو اهڙو آهي، جنهن مان اُميدون به رکي سگهجن ٿيون ۽ اهو حوصلو به پيدا ٿئي ٿو ته سڀ ڪجهه هٿان ڪو نه وڃايو اٿئون. ماڻهو پنهنجيءَ تي اچي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. رڳو مايوسين ۽ ويرانين جو روئڻو ناهي. هٿ هٿ ڪبو ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اها به خبر پوي ٿي ته مستقبل ۾ ڪا مصيبت اچي ته انهيءَ کي مُنهن ڪيئن ڏجي. پاڻ هتي هڪ ئي شهر جو مثال وٺون ٿا، جيڪو آهي خيرپور ناٿن شاهه، پر اهڙي قسم جي ڪم کي ٻئي سنڌ ڏانهن به وڌائي سگهجي ٿو.

    خيرپور ناٿن شاهه جي آس پاس انساني آبادين کي ڇڏي ڪري رڳو شهر ۾ هِي پاڙا آهن. (1) ڪريمداد لُنڊ وارو پاڙو (2) سومرن وارو پاڙو (3) رحمت الله وارو پاڙو (4) يقين شاهه وارو پاڙو (5) نيو آباد ڪالوني (6) شهباز ڪالوني (جتي وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو) (7) گوزو روڊ. پاڙن جي نالن مان ئي خبر پوي ٿي خيرپور ناٿن شاهه جي آباديءَ ۾ ورائٽي پاتي وڃي ٿي، جنهن رومانويت کي جنم ڏنو ۽ جتان جا اديب، شاعر، آرٽسٽ ۽ جرنلسٽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿيا.

    ٻوڏ جي ڌڪ ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪو پهرئين پهرئين مسئلو سامهون آيو، اُهو هو شهر ۾ بيٺل پاڻي. جيستائين ٻوڏ جي رهڙي ۾ آيل شهر مان ٻوڏ جو پاڻي ئي نه ڪڍبو ته اڳتي هلي ڪري ڪا بچاءَ جي گهٽي به نه رهندي. تنهن ڪري سڀ کان اول پائيپن ۽ کنڌين جي ذريعي شهر مان پاڻي ڪڍيو ويو ته جيئن ڪم کي اڳتي وڌائي سگهجي.

    ٻوڏ هيٺ آيل شهر مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ جيڪو مرحلو درپيش اچي ٿو، اُهو ڪجهه هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته ٻوڏ جي ڌڪ ۾ اچڻ کان پوءِ شهر جا گهر، در، ڀتيون، اوطاقون، دڪان وغيره ڊهي پٽ ٿين ٿا، مال مري ٿو، ٻيا جيڪي پالتو يا رولو جانور آهن، جهڙو ڪتا ۽ ٻليون وغيره مرن ٿا. تنهن کان علاوه نانگ ۽ بلائون ٻرن مان ٻاهر نڪرن ٿا، جن مان ڪي مري وڃن ٿا، ڪي زخمي ٿين ٿا ۽ ڪي جيئرا به هوندا آهن. انهيءَ ڪري ڪو به ماڻهو ڪَکجي سگهي ٿو. انهيءَ سڄي ڀڃ ڊاهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ شهر مان ڪڍڻ لاءِ ۽ کنڊرات کي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽرن، ٽرالين ذريعي توڙي ڪوڏرن ۽ ڪيڻين ذريعي توڙي افرادي قوت کان ڪم وٺڻو ٿو پوي. جڏهين اها صفائي ٿي وڃي ٿي، تڏهين ئي شهر جي جاگرافي چٽي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو انهيءَ لائق ٿي سگهن ٿا ته اُهي بچيل گهرن ۾ رهن يا پنهنجا نوان ڊاٻا ٺاهي انهيءَ ئي هنڌ وهن، جتي ٻوڏ کان اڳ ۾ رهندا رهيا آهن. تنهن کان سواءِ انهيءَ صفائيءَ کان پوءِ ئي ماڻهو بيماري سيماري کان به بچي سگهي ٿو. خيرپور ناٿن شاهه جي سڀني پاڙن جي اهڙي ريت صفائي ڪئي ويئي.

    انهيءَ ۾ ذري به شڪ جي گنجائش ناهي ته ٻوڏ اچي يا نه اچي، ٻنهين صورتن ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڊرينج سسٽم جا ترا نڪتل هوندا آهن ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن ڪِنو پاڻي نظر ايندو آهي. اهڙين گهٽين مان گذرڻ ته ڇا، پر اُتي بيهي به نه سگهبو آهي، جو ڌپ جا هاڃا هوندا آهن. اهڙي ڪني پاڻيءَ ۾ ڪيترين ئي بيمارين جا جيوڙا پلجن ٿا. انهيءَ ڪري اهڙن هنڌن تي بيماري عام جام هوندي آهي. ظاهر آهي ته اهڙا شهر جڏهن ٻوڏ جو شڪار ٿين ٿا، انهن جو اڳيون سوجهرو ئي چٽ ٿيو وڃي. يا ائين کڻي چئو ته اڳ ۾ ئي تباهه ٿيل ڊرينج سسٽم مورڳو ختم ٿي وڃي ٻُڙيءَ تي پهچي ٿو. رهيل کهيل ناليون به ڦاٽيو پون ۽ گپا گِيهه ٿيو وڃي. ٽئي مرحلي ۾ اِهو ڊرينج سسٽم ئي اچي ٿو، جنهن جي بحاليءَ سان شهر ۾ صفائي سٿرائي به پيدا ٿئي ٿي ۽ ماڻهو بيمارين کان بچي وڃي ٿو. ڪنهن به شهر جي بحاليءَ جو اهو ٽيون مرحلو آهي. خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڪم جو اهو مرحلو به پار ڪيو ويو. اهو ڪم ڪندي آئيندي شهر جي وڌندڙ آباديءَ کي به نظر ۾ رکيو ويو ته جيئن اڳتي هلي ڪري ڊرينج سسٽم ۾ واڌارا ۽ سڌارا آندا وڃن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اهڙي ڪم کي شروع ڪرڻ وقت يا رٿا ٺاهڻ وقت اهو خيال به رکڻ گهرجي ته ڪافي سال اڳتي هلي ڪري شهر جي بناوٽ ڪهڙي بيهندي.

    ڊرينج سسٽم ٺاهڻ کان پوءِ وري اُهو ساڳيو مرحلو درپيش آيو آهي ته شهر جي ٻيهر صفائي ڪجي، صفائيءَ جي انهيءَ ٻئي مرحلي ۾ ٽريڪٽرن، ٽرالين ۽ افرادي قوت جو استعمال ڪبو، تڏهن وڃي ڪو ڪم ٺهندو. ٻيهر صفائي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي انتهائي خطرناڪ مسئلو درپيش اچي ٿو، جيڪو اسپتالن سان واڳيل آهي. اسپتال سرڪاري هجي يا خانگي، پر اسپتال مان جيڪو گند ڪچرو ٻاهر ڦِٽو ٿو ڪيو وڃي، اُنهيءَ ۾ بيمارن جو رت، اُلٽيون، ڪرفٽي، سيزرس، بليڊ، آپريشن وغيره ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپهه ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون. اسان وٽ وڏي مصيبت ته اِها آهي ته انهيءَ گند ڪچري تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي. جڏهن ته انهيءَ گند ۾ موجود جيوڙا ۽ وائرس ايڏا ته خطرناڪ هوندا آهن، جن مان ڪاري ڪامڻ، ايڊز ۽ ٻيون اهڙيون خطرناڪ بيماريون ماڻهوءَ کي جهٽ هڻندي دير ئي ڪو نه ڪن. انهيءَ گند کي ختم ڪرڻ يا ڳارڻ لاءِ خاص قسم جون مشينون ٿيون اچن. جيڪڏهن اِهو گند ڪچرو انهن مشينن ۾ وجهبو ته اِهي مشينون اهڙي گند کي ختم ڪندي دير ئي ڪو نه ڪنديون. انهن مشينن کان علاوه اُتي موجود اسپتال جي عملي کي به سکيا ڏني ويندي آهي ته اهڙي گند ڪچري کي ڪهڙي طرح نيڪال ڪيو وڃي جو خود عملو به اهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچي وڃي ۽ اسپتال جي ٻاهران مريضن جي سار سنڀال لاءِ ٽڪيل ماڻهو توڙي ايندڙ ويندڙ ماڻهو به بيماريءَ کان بچي سگهن. انهيءَ ڳالهه کي مدِنظر رکندي، اسپتالن جي ٻاهران مشينون به لڳايون ويون ۽ اسپتال جي عملي کي سکيا به ڏني ويئي ته جيئن خيرپور ناٿن شاهه ۾ اهو بندوبست رهي ۽ اڳتي هلي ڪري ڪو خرابو پيدا نه ٿئي ۽ اُتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي صحت کي ڪو وڏو هاڃو نه رسي.

    اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ اڃان به جيڪو ٻيو مرحلو درپيش ٿو اچي، اُهو اِهو آهي ته شهر مان وقت بوقت نيڪال ٿيندڙ، خاص ڪري گهرن، دڪانن ۽ هوٽلن وغيره مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ. اهو ڪم ڪرڻ سولو به آهي ۽ گهٽ خرچ تي ٿي سگهي ٿو. خيرپور ناٿن شاهه جي سڀني پاڙن ۾ هر گهٽيءَ ۾ هڪ هزار ليٽرن جا ڊسٽ بن هنيا ويا آهن ته جيئن گند ڪچرو انهن ۾ اُڇلائي سگهجي. اهو ڪم به ڪيو ويو آهي. باقي اها ڳالهه اُتان جي ماڻهن جي سوڪ سينس تي ڇڏيل آهي ته اُهي انهن وڏن ڊسٽ بنز کي ڪيئن ٿا استعمال ڪن ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن ۾ گڏ ٿيل گند سرڪاري ڪارندا ڪيئن نيڪال ٿا ڪن.

    تنهن کانپوءِ يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن وانگر خيرپور ناٿن شاهه ۾ هڪ هال جيڏو وڏو روم پڻ ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي Waste storage room چيو ويندو آهي. انهيءَ وڏي ڪوٺيءَ ۾ اهو گند ڦٽو ڪيو ويندو آهي، جيڪو هزار هزار ليٽرن جي ڊس بنز مان ڪڍي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اهو گند اُتان به ڪڍي نيڪال ڪيو ويندو آهي، جيڪو هڪ سولو ڪم آهي. اهو روم ٺاهيندي اهو به خيال رکيو ويو آهي ته جيئن اُتي گڏ ٿيل گند ڪو شهر کي نقصان نه رسائي. اهو سڄو ڪم مرحليوار ڪيو ته مشرق فائونڊيشن وارن آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته اهو ڪم سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ جڏهين ٻوڏ جي ڪري يا ٻئي ڪنهن وڏي واقعي جي ڪري يا وري ائين ئي ڪي اهڙا مسئلا درپيش اچن ته انهن کي عوام ڪيئن حل ڪري يا وري ايندڙ ويندڙ حڪومتون اِهو ڪم ڪيئن ڪن. سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ اهڙا مامرا مرحلي وار ڪيئن سڌا ڪجن. جيڪڏهن هن جديد دور ۾ به اسان اهڙي معلومات کان وانجهيل هجون ۽ ڪَک ڀڃي ٻيڻو به نه ڪريون ته پوءِ اِهو نسورو ناحق ٿيندو. سچ ڪري پڇو ته هن ملڪ ۾ جيڪي به حڪومتون آيون آهن، انهن کان ايترو ٿي نه سگهيو آهي. جو انهيءَ سلسلي ۾ ڪا اسٽڊي ڪرائين يا ڪجهه ماڻهو اهڙن هنڌن تي موڪلي جائزو وٺرائين، جن هنڌن تي اهڙي قسم جون آفتون اينديون هجن يا وري آفتون نه اچڻ جي صورت ۾ به پنهنجن شهرن کي صاف سٿرو رکنديون هجن.

    انهيءَ اسٽڊيءَ ۾ ڪا وڏي عربي فارسي ڪونهي، رڳو ڪامن سينس کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان جيترو سياسي مامرن کي منهن ڏيڻ جي ڏس ۾ پنهنجو پاڻ کي چالاڪ ٿا سمجهون، اهو هڪ اسان جو وهم آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نه سمجهنداسين ۽ اوچتي مصيبت کي منهن ڏيڻ جي ڄاڻ نه رکنداسين ۽ سوشل سسٽم جي ڇنڊڇاڻ ڪري نه سگهنداسين ته پوءِ ته سڄي سياست اجائي آهي. خيرپور ناٿن شاهه کي هڪ مثال بڻائي. مون ڪو هي مضمون انهيءَ لاءِ نه لکيو آهي ته حڪومت ڇا ڪري. حڪومت ته ڪجهه به نه ڪندي، جيڪا ٻه ويلا ماني کائيندڙ هر ماڻهوءَ کي خبر آهي، انهيءَ ڪري عوام جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ”اپڻي گهوٽ ته نشا هو وئي“. جيستائين خود عوام پنهنجي اجتماعي سوچ جي زور تي اهڙا مسئلا حل نه ڪندو ۽ علي قاضي جي تبديليءَ جي آئيڊيا کي نظر ۾ نه رکندو يا وري پنهنجو ڪو حيلو نه هلائيندو، تيستائين اسان ماڻهو ڏچن ئي ڏچن ۾ رهنداسين. هيستائين ته سياست ۾ اهو ئي ٿيندو آيو آهي ته اسان ڀوتارن کي ووٽ ڏيئي اِهو سمجهندا آهيون ته هاڻي سڀني تڪليفن جو علاج ڀوتار وٽ آهي. جڏهن ته ڀوتار ڪم ٺاهڻ جي بدران ڦِٽايو آهي. انهيءَ ڪري هٿ ادب جا ٻڌي عوام کي عرض ٿو ڪجي ته اُهو پنهنجا مسئلا پاڻ هٿ ۾ کڻي، انهن کي حل ڪرڻ جا جتن ڪري. اهڙيون ننڍيون ننڍيون تنظيمون ٺاهي سگهجن ٿيون، جن جي هڪ ٻئي سان لِنڪ به هجي ۽ پنهنجي ليکي به مقامي سطح جا مسئلا حل ڪري سگهن. مثال اوهان جي سامهون رکيو اٿم. اڳتي وڌڻ اوهان جو ڪم آهي. هن دور ۾ اسان کي ڪنهن به اڪبر بادشاهه جي ضرورت ناهي. اسان سڀ جا سڀ اڪبر بادشاهه آهيون، رڳو عقل ويڙهائڻ جي ضرورت آهي. مايوسي اجائي آهي، حوصلو ڌارڻ جي ضرورت آهي.

    .....................................


    جوڻيجو صاحب وارو اهو نظريو ئي ته اسان کي سمجه ۾ نه ٿو اچي۔۽ اسان جي وڏي بد قسمتي آهي۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پهريون ڏاڪو (عبدالقادر جوڻيجو جو هڪ همٿائيندڙ ڪالم)

    سٺو ليک آهي۔۔۔

    ڪاش اسان پنهنجي پيرن تي بيهون ۽ پاڻ اهي سڀ ڪم ڪيون۔

    حڪومت ۽ بيوروڪريسي ۾ به اسان آهيون ۽ اسان ئي ماڻهن کي اڳي آندو آهي ۽ اسان ئي سندن قبلو درست ڪري سگهون ٿا۔ پر هاڻي اسان ذاتي مفادن کي اجتمائي مفادن تي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو