افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
جماعت جي لحاظ کان انسانن جا چار قسم!
امام ابن القيم الجوزي رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته حق ۽ باطل (ناحق) کي سڃاڻڻ ۽ حق کي باطل مٿان فوقيت جي اعتبار کان ڪل چار قسم آهن .
1 . سڀ کان پهرين قسم اها آهي جيڪي هر زماني ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جو حق ۽ باطل کي چنگي نموني ڄاڻيندا آهن ۽ هنن ۾ جرئت ۽ طاقت هوندي آهي ، جو اهي ڪنهن به صورت ۾ حق لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن پوءِ ڇو نه هنن کي مال خرچ ڪرڻو پوي ، يا پنهنجي عزت قربان ڪرڻي پوي يا اولاد کي قربان ڪرڻو پوي ۽ اها انسانن جي سڀ کان مٿائين ۽ اعلى جماعت آهي .
2 . ٻئي نمبر تي اها جماعت آهي جيڪا هن پهرين جماعت جي ابتڙ آهي . نه ته هنن کي پنهنجي حقن جي خبر هوندي آهي ۽ نه هنن کي اها خبر هوندي آهي ته ڇا حق آهي ۽ ڇا نا حق آهي بلڪه اهي محض جاهل هوندا آهن، نه بلند همت وارا هوندا نه حق کي نافذ (لاڳو) ڪري سگهندا آهن ۽ انسانن جي جماعت جي لحاظ کان اها نهايت ڪمتر ۽ پست قسم جي جماعت آهي .
3 . ٽيون نمبر هن جماعت جي آهي جيڪا حق ۽ باطل جو پرک ته رکي ٿي پر هنن ۾ حق نافذ (لاڳو) ڪرڻ جي سڪت نه هوندي آهي . جنن کي ” المومن الضعيف“ ( ڪمزور موءُمن ) چيو وڃي ته اها هن جي صحيح تعبير ٿيندي .اهڙا ماڻهو ڊجندا رهندا آهن هنن ۾ همت ۽ جرئت جو فقدان هوندو آهي اهڙا ماڻهو ٺيڪ آهن پر گهڻو ٺيڪ نه آهن .
4 . چوٿين جماعت اها آهي جيڪا بهادر هوندا آهن ۽ همت به گهڻي هوندي اٿن ، پر هنن ۾ حق ۽ باطل جي سڃاڻ نه هوندي آهي ته ڇا حق آهي ۽ ڇا باطل آهي؟
امان ابن القيم الجوزي رح فرمائن ٿا ته ٻي ۽ ڇوٿين جماعت ۾ ڪو به فرق ڪونهي ، ڇو جو اهي پنهنجي طاقت کي غلط استعمال ڪندا، ۽ هنن کي اها ڄاڻ به نه هوندي ته اهي حق لاءِ وڙهي رهيا آهن يا باطل لاءِ وڙهي رهيا آهن .
هاڻي اسان کي سوچڻو آهي ته اسان جو شمار ڪهڙي جماعت سان آهي ، اسين الله تعالى کان دعا گهرون ته اي رب العزت اسان کي آيت مبارڪه (اولي الايدي والابصار) جي مصداق علم ۽ بصيرت ۽ حق کي نافذ ڪرڻ جي صلاحيت عطا فرمائي ۽ اسان کي پهرين جماعت وارن ۾ شامل ڪري . آمين
تحرير ؛ افتخار علي چوهاڻ