• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏک

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”ڏک“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”ڏک“ اوهان ”ڏک“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
سک جا سال سوين او ساٿي ،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
ڀاڳ نه هاڻي ڀينگ ڪندو ،
ڪو به نه مرندو اٽي لٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
آه جڳاد کان اڀريو آدم ،
بازي ويندو نيٺ کٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
محبت جي مترڪن سان ،
ڪاريو ويٺو ڪوڙ ڪٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
رات جي رهزن راڪاسن کي ،
اُڀري آ پرڀات ڦٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
رات جا ارغون اُڏري ويندا ،
دولهه ورندو ننگر ٺٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي
 
او ابا اھو ظلم تھ نھ ڪريو ٻئي سايٽ تان کڻي آيا آھيو وري نالو بھ ان سايٽ جو لکيل آھي مھرباني ڪري ان کي ھٽايو.نھ تھ ھي تحرير ڊيليٽ ٿيڻ کپي.
 
Back
Top