نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ سارِي دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ، دوستو چند ڏينهن کان بي پناهه ذاتي مصروفيات سبب سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ ۽ فيس بُڪ جي سڀني سنڌي ساٿين کان ٿورو پر ڀرو رهيس، اها ذاتي مصروفيات پنهنجي جا تي پر مونکي سنڌ سلامت جا سمورا ساٿِي مونکي پنهنجي پيارن وانگر ياد رهيا، دوستو مان جيڪڏهن پنهنجي عمر جي 52 هين سال ۾ توهان کان چند ڏينهن دور ٿيان ٿو ته اهو فطري آهي پر هڪڙي ڳالهه ياد رکندا وڃو ته مان ڪڏهن به سنڌ سلامت کي وساريندو ڪونه آهيان سنڌ سلامت کي هر فورم چاهي ادبي هُجي يا سماجي هُجي يا سياسي هُجي سنڌ سلامت جو ذڪر ضرور ڪندو آهيان، هينئر به ڪافي سنڌ سلامت لا مون وٽ مواد موجود آهي جنهن ۾ ادبي ۽ سماجي ميڙاڪن جا اکين ڏٺا احوال به موجود آهن، ان کان علاوه مون وٽ 10 کن وڊيوز جيڪي خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش آهن ايڊيٽنگ جي آخري مرحلن ۾ مون وٽ موجود آهن دوستو سُٺي فارميٽ جي 9 منٽن جي وڊيو کي يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ لا گهٽ ۾ هڪ ايم بي واري ڊي ايس ايل واري اسپيڊ تي يڪا سارا ساڍا چار ڪلاڪ لڳندا آهن، ۽ موجوده دور ۾ بجلي جي شديد بحران ۽ لوڊشيڊنگ ۾ ساڍا چار ڪلاڪ حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، هر ٻن ڪلاڪن کان پو ٽي ڪلاڪ بجلي هلي ويندي آهي سو ڪافي سارا منهنجا ايڊيٽ ٿيل وڊيو يوٽيوب تي بار بار اپ لوڊ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي منطقي انجام پهچڻ کان سوا برباد محنت جي صورت ۾ فيل آپشن جي نذر ٿِي ويندا آهن، هي وڊيو جيڪو توهان سان شيئر پيو ڪريان ان کي مون سنڌ سلامت جي پرومو جو نالو ڏنو آهي، ان جي گرافڪس، ۽ وڊيو ايڊيٽنگ اڪيلي سر مون غريب جي محنت آهي ڳالهه منهنجي سنڌ سلامت جي سُونهن جي آهي ڳالهه منهنجي جيجل سنڌ جِي آهي منهنجي سوچ ۾ سنڌ ۽ سنڌ جو هي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت اصل رچيو وسيو پيو آهي سو سنڌ سلامت جي هن پرومو جي ونڊ مهورت جي صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪريان پيو هن ۾ سنڌ سلامت جي اسپيل ۾ هڪڙي جڳه تي مون کان غلطي ٿِي آهي پر ان غلطي کي جلدي ڪڍي ڇڏيندس بهرحال جيڪو آهي جيئن آهي توهان جي پيش خدمت آهي
سنڌ سلامت جو سُونهن ڀريو جڳمڳائيندڙ پرومو