هڪ ڏک ٿري خبر آهي ته شمشير صاحب هن وقب بيماري م مبتلا آهن۔ تازو ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ خط ۾ سندن بابت پڙهي ڏک به ٿيو پر سندن حوصلو جوان ڏسي خوشي به ٿي۔ [/img] پر منهنجي پسنديده ترين غزل جيڪا شمشير صاحب گهڻو اڳ لکي ان جا ٻه بيت هاڻي حقيقت ٿا لڳن۔ "هن وقت جي پيالي ۾، مڌ پنهنجي حيات جو باقي ڪو بچيل آهي،من ڪوئي اچي نڪري"
جواب: شمشير صاحب جي علالت! تازو جڏهن سليمان وساڻ سائينءَ سان ملڻ ويو ۽ موٽ تي چيائين ته سائين ته ڀڙ لڳو پيو آهي ۔۔۔ شمشير جا جذبا اڄ به اوترائي تيز آهن جيترا سندس جوانيءِ وارن ۾ ڏينهن ۾ هوندا هيا ۔۔۔ اڄ به ساڻس ڪچهري ڪبي ته اوهانکي اهو محسوس ڪرڻ نه ڏيندو ته کيس ڪا بيماري آهي يا سندس اکيون ڪم نٿيون ڪن يا وري کيس ڪنهن قسم جي تڪليف آهي ۔۔۔ لطيف جي هن بيت کي سمجهي ورتو اٿس نهائينءَ کان نينهن سک منهنجا سپرين سڙي سارو ڏينهن ٻاهر باڦ نه نڪري۔ رب العالمين کيس ائين ئي باهمٿ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: شمشير صاحب جي علالت! سائين شمشير سان ملاقات ٿي کانئس حال احوال ٿيو ته چيائون ته هر هر منهنجي طبيعت جو نه پڇجو مان بلڪل ٺيڪ آهيان۔ مان سندس نطر جو ذڪر ڪيو ته پاڻ چيائون ته 80 سال جي عمر ٿي آهي هاڻي جي زندگيء جون باقي بونس گهڙيون بغير اکين جي ًزاريونسين ته اها ڪهڙي غم واري ڳالهه آهي؟؟ ڪنهن به موقعي تي پاڻ هيڻي ٿيڻ يا ڪمزور ٿيڻ نه پي ڏيکاريائون ۽ گهڻي خوش مزاجي واري ڪچهري ٿي۔ زندگيء جا ڪيترا واقعا ٻڌايائون ۽ ڪٿي به حڪومت يا ثقافت کاتي جي خلاف ڪونه ڳالهايائون۔ خير پاڻ ڪمزور ته گهنا ٿي ويا آهن ۽ سندن نظر به ڪم ڇڏي ڏنو آهي پر سندس همت سچ ته هماليه جهڙي لڳي۔ دعا آهي ته پاڻ خوش هجن ۽ صحتياب ٿي وڃن۔۔۔۔۔۔۔