واه ڙي سنڌي واه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ راشد قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2011۔

  1. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    تحرير جو مضمون پڙهي اوهان کي لڳو هوندو ته مون ضرور سنڌين جي شان ۾ ڪجهه ڳالهين جا موتي وِکيريا هوندا، پر دوستو! اڄ حقيقت ان جي بلڪُل بر عڪس آهي۔

    گُذشته ڏينهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڏنل بيان تي ماحول ۾ تمام گهڻي گهما گهمي اچي ويئي، پر منهنجو معسوم ذهن اڃان تائين ان حقيقت کان آشنا نه ٿي سگهيو آهي، ته ڪنهن غلط ڪيو ۽ ڪنهن صحيع۔
    پر هڪ سنڌي هُجڻ جي ناطي جيترو غم ۽ غصو ڪالهه منهنجي ذهن تي قابض ٿيو ائين پهريان ڪڏهن ناهي ٿيو۔
    هاڻي جيڪا ڳالهه آءُ چوڻ وارو آهيان ٿي سگهي ٿو ته سنگت کي ان ڳالهه ۾ عبدالحليم بروهي جي ياد اچي پر آءُ سمجهان ٿو ته هي فورم مونکي پنهنجا جذبات بيان ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ نه بڻبو۔
    ڪالهه هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اسان جي سنڌي وزير اردو ڳالهائڻ وارن کي بُرو ڀلو چيو، ته ان کان پوءِ سنڌي قوم جي باري ۾ جيڪي گُٿا لفظ ٻڌڻا پيا، سنڌين کي هِندُن جو غُلام چيو ويو، انهن جي جاهِلانه رسمُن جو پيروڪار چيو ويو، ان جو ذميوار خود سنڌي آهي!!
    في الحال صرف ان ڳالهه جو جواب ٿو گهُران ته ڇا مِلَڻ وقت هڪ ٻئي کي هٿ جوڙڻ اسان جي ثقافت ۾ شامِل آهي؟
    ڇا وڏيري جي ڪيل فيصلي ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي معسوم ٻارڙيءَ کي چَٽيءَ طور ڏيڻ جائز آهي؟
    ڇا بغير سوچي سمجهي ڪارو ڪاري جهڙو ڪُڌو ڪم ڪرڻ غيرت آهي؟
    اڄ جو سنڌي! ٻئي سنڌي کي جهُڪائڻ ۾ ۽ نِيچو ڏيکارڻ ۾ لڳو پيو آهي، اتحاد نالي ڪا شئي ته آهي ڪونه اسان سنڌين ۾!! ۽ ڳالهيون وري سنڌو ديش جون پيا پيا ڪيون! سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي حقوقن جي حصول لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي هُئي، اُها به اڄ ڌَڙَن جي ور چڙهي ويئي آهي ۽ انهن جو ڪم به پنهجن ئي سنڌين ۾ خوف ڦيلائڻ کان علاوه ڪجهه ناهي رهيو۔ اسان سنڌ کي ڏنو ئي ڇا آهي جو ان تي پنهنجو حق جتائيندا ٿا رهون؟
    آءُ اِها ڳالهه يقين سان چوان ٿو ته جيتري لالچ، بُغز، ڪِينو، ساڙ، ۽ حسد مون اڄ جي اڪثر سنڌين ۾ ڏٺو آهي ايترو شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ۾ هُجي۔
    مونکي چڱي طرح ياد آهي پوئين سال جي رمضان مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن قدرتي آفت سنڌ ۾ تباهي مچائي هزارين ئي ماروئڙن جا گهر اُجاڙيا هُيا، ۽ جڏهن اُنهن غريب ٻوڏ سٽيل ماڻهن آفت زده عللائقن مان مُنتقل ٿيڻ ٿي چاهيو ته اسان جا ئي سنڌي اُنهن جي راهُن ۾ رُڪاوٽ بڻيا، مون کي ياد آهي ته آءُ پهنجي فيملي سميت دادو جي بس اسٽاپ تي اُنهن هزارين ماڻهُن سان گڏ بيٺو هُيس جيڪي شهر ويندڙ گاڏين جا ڪِرايا ٻُڌي پنهجن سنڌين کي ڪوسِن پيا۔ اڙي! اُهو وقت ته ساٿ ڏيڻ جو هو، مدد ڪرڻ جو هو، ۽ اسان جا بي شرم سنڌي جاگيردار اُن موقعي کي به ڪمائڻ لاءِ بهتر سمجهي ويٺا هُئا، ۽ ڪِرايا ٽِيڻا ڪري پنهجون ٽجوڙيون ڀرڻ ۾ لڳا پيا هُئا۔ اُهو ڏينهن منهنجي زندگي جو ڪارو ترين ڏينهن هو، اکين ۾ ڳوڙهن جون لارون هيون، ۽ مون کي پنهنجي سنڌي هُجڻ تي شرم اچي رهيو هو۔
    اڃان تائين اهي مجبور ماروئڙا ۽ انهن جي بي بسي ذهن تان ڪونه لٿي آهي۔
    ڇو اسين ايترا بي رحم ٿي ويا آهيون؟
    ڇو اسان جو ضمير بيداري کان دور ٿي ويو آهي؟
    ڇو اسين پنهجن جي ئي ترقي نه ٿا ڏسي سگهون؟
    ڇو اسين پنهجن کي ئي لتاڙي بس انفرادي طور تي اڳتي وڌڻ جي نشي ۾ چوُر ٿي ويا آهيون؟
    ڇو اسان ۾ هڪ ٻئي کي سَهَڻ جي به هِمت ناهي رهي؟
    اهو ته ٺهيو پر اسان ۾ ته ايترو به اتحاد ناهي رهيو جو اسين پنهنجي "ثقافت جو ڏهاڙو" به پاڻ ۾ مُتفق ٿي ڪري هڪڙي ئي ڏينهن ملهايون،
    پهريان اسان کي پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ سکڻ گهُرجي۔
    جيڪڏهن اسان کي پنهنجون غلطيون سُڌارڻ جي ضرورت به محسوس نه پئي ٿئي ته اسان کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته اسين ڪنهن ٻئي کي بُرو ڀلو چئون۔

    هي تحرير مُنهنجي ذاتي خيالن جي عڪاسي ٿي ڪري جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هُجي ته بي سمجهه ننڍو ٻار سمجهي در گُذر ڪري ڇڏجو۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    منهنجا سهڻا ڀاءُ راشد ۔۔۔ تنهنجا هٿ چمڻ جهڙا جن جي هٿن مان سنڌ جي سور جي صدا اڀري اکرن جي صورت وٺي سنڌ سلامت جي زينت ٿيا آهن ۔۔۔

    اوهانجون سڀ ڳالهيون سون جهڙيون ۽ سنڌين کي شرمائڻ جو سبب پڻ ۔۔۔۔ اوهان جون ڳالهيون سنڌين جي ضمير کي چهنڊڙيون آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي دل جو آواز ۔۔۔

    اسان سڀني حساس سنڌين جا ساڳيا خيال ۽ جذبا آهن ۽ اکيون ڪنهن مسيحا جي ڳولا ۾ ۔۔۔۔ مرزا جي ڪالهوڪي جذباتي بيان سان ڪيترائي نقصان پڻ ٿيا آهن ۔۔۔۔ ڳڻائجن ته ڪتاب ڀرجي ويندا ۔۔۔

    قوم جي حالت افسوسناڪ آهي ۽ خاص ڪري قوم جي ڳالهه ڪندڙ پڻ عذاب الاهي ثابت ٿي رهيا آهن ۔۔۔ حالت ايتري خراب آهي جو هاڻ هٿ مٿي ڪري اکين مان ڳوڙها وهي ٿا پون ۔۔۔

    الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    اوهان جا سوال، اوهان جا خيال بلڪل صحيح ترجماني پيا ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان جي حالت ڪنهن جاهل کان گهٽ ناهي، اسان وڏيون ڳالهيون ڪري ۽ عمل ننڍڙا به ناهيون ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔

    بلڪل اوهان سان سهمت آهيان ۽ اوهان جي جذبات کي سمجهي سگهان ٿو ۔۔۔۔۔۔ سچ ته اوهان جا سڀ سوال حقيقت تي مبني آهن پر مان مجبور آهيان يا مون وٽ انهن سوالن جا جواب ناهن۔۔۔۔۔۔ ڇو ته مان پاڻ به انهن سوالن جي جوابن جي ڳولها ۾ آهيان ۔۔۔؟؟؟
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    ادا توهان بلڪل سچ چيو آهي۔۔۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    [JUSTIFY]سڀني سلجهيل سنڌين جي ذهنن ۾ اهڙا ئي خيال آهن ليڪن هڪ عرض ته جيڪي ان ڪچي مان ان مصيبت جي گهڙي ۾ ٻاهر شهرن ۾ منتقل ٿيا انهن وري شهرن ۾ رهي چوري ۽ ڦر جي بازار گرم ڪئي مطلب ته اهي به سنڌي اسان سنڌي سنڌين کي ڇوٿا نقصان پهچايون پوليس ۾ اڪثر سنڌي استاد اڪثر سنڌي ڊاڪٽر ڪافي سنڌي زميندار بيڪار سنڌي انهن سڀني کي پنهنجو ضمير آهي يا آهي ئي ڪونه هاڻ هڪ مسجد شريف ۾ مان شام جو درس ڏيندو آهيان اتي پاڙي ۾ شراب کلي عام هلندو آهي ڦٽاڪا کلي وڪامندا آهن ايتري قدر جو اسان نماز ۾ هوندا آهيون ته شيطان فطرت ٻار ڦٽاڪا مسجد ۾ اندر اڇلائي هليا ويندا آهن آخر انهن کي ڪو ته سمجهائڻ وارو هجي ڪاش اسان جي فورم تي سهڻي سوچ رکڻ وارن جي قوت متفق ۽ متحد ٿئي ته اهڙين عام براين جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪامياب ٿيون۔[/JUSTIFY]
     
  6. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    آخر قوم جي سالميت جي حفاظت جو حل ڇا آهي؟
    تعليم ۽ شعور جي طاقت؟
    يا
    هٿيار جو سهارو؟
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: واه ڙي سنڌي واه

    ماشاءالله اوهان جا خيالات ۽ سوچ ڏاڍا مثبت انداز وارا آهن ، الله تعالى اوهان کي هڪ حساس دل ۽ ڳالھين کي گهرائي سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو حس ڏنو آهي ، اسان کي اميد آهي ته اهائي سوچ ۽ فڪر کي استقامت سان اڳتي هلندا رهندا ، يقينن اوهان کي هنن مسئلن جو حل ضرور ملندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو