راشد قريشي
سينيئر رڪن
تحرير جو مضمون پڙهي اوهان کي لڳو هوندو ته مون ضرور سنڌين جي شان ۾ ڪجهه ڳالهين جا موتي وِکيريا هوندا، پر دوستو! اڄ حقيقت ان جي بلڪُل بر عڪس آهي۔
گُذشته ڏينهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڏنل بيان تي ماحول ۾ تمام گهڻي گهما گهمي اچي ويئي، پر منهنجو معسوم ذهن اڃان تائين ان حقيقت کان آشنا نه ٿي سگهيو آهي، ته ڪنهن غلط ڪيو ۽ ڪنهن صحيع۔
پر هڪ سنڌي هُجڻ جي ناطي جيترو غم ۽ غصو ڪالهه منهنجي ذهن تي قابض ٿيو ائين پهريان ڪڏهن ناهي ٿيو۔
هاڻي جيڪا ڳالهه آءُ چوڻ وارو آهيان ٿي سگهي ٿو ته سنگت کي ان ڳالهه ۾ عبدالحليم بروهي جي ياد اچي پر آءُ سمجهان ٿو ته هي فورم مونکي پنهنجا جذبات بيان ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ نه بڻبو۔
ڪالهه هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اسان جي سنڌي وزير اردو ڳالهائڻ وارن کي بُرو ڀلو چيو، ته ان کان پوءِ سنڌي قوم جي باري ۾ جيڪي گُٿا لفظ ٻڌڻا پيا، سنڌين کي هِندُن جو غُلام چيو ويو، انهن جي جاهِلانه رسمُن جو پيروڪار چيو ويو، ان جو ذميوار خود سنڌي آهي!!
في الحال صرف ان ڳالهه جو جواب ٿو گهُران ته ڇا مِلَڻ وقت هڪ ٻئي کي هٿ جوڙڻ اسان جي ثقافت ۾ شامِل آهي؟
ڇا وڏيري جي ڪيل فيصلي ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي معسوم ٻارڙيءَ کي چَٽيءَ طور ڏيڻ جائز آهي؟
ڇا بغير سوچي سمجهي ڪارو ڪاري جهڙو ڪُڌو ڪم ڪرڻ غيرت آهي؟
اڄ جو سنڌي! ٻئي سنڌي کي جهُڪائڻ ۾ ۽ نِيچو ڏيکارڻ ۾ لڳو پيو آهي، اتحاد نالي ڪا شئي ته آهي ڪونه اسان سنڌين ۾!! ۽ ڳالهيون وري سنڌو ديش جون پيا پيا ڪيون! سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي حقوقن جي حصول لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي هُئي، اُها به اڄ ڌَڙَن جي ور چڙهي ويئي آهي ۽ انهن جو ڪم به پنهجن ئي سنڌين ۾ خوف ڦيلائڻ کان علاوه ڪجهه ناهي رهيو۔ اسان سنڌ کي ڏنو ئي ڇا آهي جو ان تي پنهنجو حق جتائيندا ٿا رهون؟
آءُ اِها ڳالهه يقين سان چوان ٿو ته جيتري لالچ، بُغز، ڪِينو، ساڙ، ۽ حسد مون اڄ جي اڪثر سنڌين ۾ ڏٺو آهي ايترو شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ۾ هُجي۔
مونکي چڱي طرح ياد آهي پوئين سال جي رمضان مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن قدرتي آفت سنڌ ۾ تباهي مچائي هزارين ئي ماروئڙن جا گهر اُجاڙيا هُيا، ۽ جڏهن اُنهن غريب ٻوڏ سٽيل ماڻهن آفت زده عللائقن مان مُنتقل ٿيڻ ٿي چاهيو ته اسان جا ئي سنڌي اُنهن جي راهُن ۾ رُڪاوٽ بڻيا، مون کي ياد آهي ته آءُ پهنجي فيملي سميت دادو جي بس اسٽاپ تي اُنهن هزارين ماڻهُن سان گڏ بيٺو هُيس جيڪي شهر ويندڙ گاڏين جا ڪِرايا ٻُڌي پنهجن سنڌين کي ڪوسِن پيا۔ اڙي! اُهو وقت ته ساٿ ڏيڻ جو هو، مدد ڪرڻ جو هو، ۽ اسان جا بي شرم سنڌي جاگيردار اُن موقعي کي به ڪمائڻ لاءِ بهتر سمجهي ويٺا هُئا، ۽ ڪِرايا ٽِيڻا ڪري پنهجون ٽجوڙيون ڀرڻ ۾ لڳا پيا هُئا۔ اُهو ڏينهن منهنجي زندگي جو ڪارو ترين ڏينهن هو، اکين ۾ ڳوڙهن جون لارون هيون، ۽ مون کي پنهنجي سنڌي هُجڻ تي شرم اچي رهيو هو۔
اڃان تائين اهي مجبور ماروئڙا ۽ انهن جي بي بسي ذهن تان ڪونه لٿي آهي۔
ڇو اسين ايترا بي رحم ٿي ويا آهيون؟
ڇو اسان جو ضمير بيداري کان دور ٿي ويو آهي؟
ڇو اسين پنهجن جي ئي ترقي نه ٿا ڏسي سگهون؟
ڇو اسين پنهجن کي ئي لتاڙي بس انفرادي طور تي اڳتي وڌڻ جي نشي ۾ چوُر ٿي ويا آهيون؟
ڇو اسان ۾ هڪ ٻئي کي سَهَڻ جي به هِمت ناهي رهي؟
اهو ته ٺهيو پر اسان ۾ ته ايترو به اتحاد ناهي رهيو جو اسين پنهنجي "ثقافت جو ڏهاڙو" به پاڻ ۾ مُتفق ٿي ڪري هڪڙي ئي ڏينهن ملهايون،
پهريان اسان کي پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ سکڻ گهُرجي۔
جيڪڏهن اسان کي پنهنجون غلطيون سُڌارڻ جي ضرورت به محسوس نه پئي ٿئي ته اسان کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته اسين ڪنهن ٻئي کي بُرو ڀلو چئون۔
هي تحرير مُنهنجي ذاتي خيالن جي عڪاسي ٿي ڪري جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هُجي ته بي سمجهه ننڍو ٻار سمجهي در گُذر ڪري ڇڏجو۔