• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڏل ٻڏي مرون ڍڪ پاڻي ۾

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏاڏل ٻڏي مرون ڍڪ پاڻي ۾​

ليک ۾ لکيو آهيون آزاد
سوچ اها آهي بي بنياد

ناهي رهيو احساسِ غلامي
ان بي حسي ڪيو آ برباد

ڏسو اڳواڻن جي جوڙ ٽوڙ
مقصد لاءِ دشمن سان اتحاد

برطانيا و آمريڪا جي پاليسي
ڊالر ملن ٿا لاتعداد

قومي غيرت جي سودي بازي
ترانو شاد باد منزلِ مراد

ڏاڏل ٻڏي مرون ڪ پاڻي ۾
مٿان وڄايو ٿا اسلامي ناد
 
جواب: ڏاڏل ٻڏي مرون ڍڪ پاڻي ۾

سڀ ڳالهيون سچ ۔۔۔ اندر جي باه ۽ آه

لالچي ۽ لوڀي حڪمران، ضميرن جا سودا ۽ ماڻهن جي بي وسي

اوهان ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي ڪلام ۾ ” ڊالر“ کي اسانجي حڪمرانن جي تور جو ماپو بيان ڪري اها ڳالهه ثابت پيا ڪريو ته “ ڊالر“ اها ئي بلا آهي جنهن ڪيترن ئي زنده ضميرن کي به مڙدو بڻائي ڇڏيو آهي، نه فقط مردو بلڪ هڪ خونخوار جانور بڻائي ڇڏيو آهي

سائين ڏاڏل ! ياد ڪريو الله خلقڻهار ۽ ابليس مردود جا مڪالمه جيڪي روز ازل ڪيا ويا هيا ۔۔۔۔

ابليس چيو ته آءُ انسانن ۾ پنهنجا حمايتي پئدا ڪندس
رب چيو ته، جيڪي منهنجا ٻانها هوندا سي ڪڏهن به تنهنجا نه ٿيندا ۔۔۔

۽ راند شروع ٿي وئي ۔۔۔ ازل کان ابد تائين اها راند جاري رهندي

الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن۔
 
سائين سالڪن جي چوڻ مطابق ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا انسان رهن ٿا هڪ اهي جيڪي با ضمير آهن هڪ اهي جيڪي بي ضمير آهن با ضمير پنهنجي ضمير جو سودو ڪنهن صور ت ۾ ناهن ڪندا بيشڪ ان جي بدلي انهن جي ڪهڙي سزا مقرر ڇو نه ڪئي وڃي سولي چاڙهيو وڃي گهاڻي پيڙيو وڃي رسوا و ذليل ڪيو وڃي ليڪن پنهنجي قدر جي بدلي هو ناهن وڪامندا يا پنهنجي قدر جي ڪا قيمت ناهن وٺندا اسيتائين جو هو عبادت الاهي ۾ جنت جا به طالب ناهن هوندا ۔ ٻيا اهي بيضمير هوندا آهن جن کي هر ڪو حُبِ دنيا جي عيوض خريدي سگهندو آهي انهن وٽ پنهنجي عزت و قدر جي ايتري ڪريل قيمت هوندي آهي جنهن کان پنهنجي غيرت جو سودو ڪجھ ٽڪن عيوض ڪري سگهجي ٿو هن کي ٻه ٽڪا ڏئي اوهان ڪو به ڪم وٺي سگهو ٿا ۔ ليڪن خدا جو قسم باضمير ماڻهن جي ضمير جي قيمت هي پوري قائنات به ٿي ڪري سگهي۔ اسا ن سالڪن کان ائين ئي سمجهيو آهي ۔ سو سائين هي اسان جيڪي اسان جا اڳواڻ بڻجي ويا آهن اسان بڻايا ناهن هنن ماڻهن جو اسان جي ليڊر چونڊجڻ پڻ ٻڌائي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ دولت تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ وارا ڪيرا بيغِرت آهن يا اسان جو معاشرو غيرتمندن جو معاشرو آهي يا ؟
حُٻ دنيا جي طالب لاءِ قرآن پاڪ ۾ حضور صلعم جن کي چيو ويو آهي ته ( اي منهنج احبيب تون انهن جو وڪيل نه ٿو ٿي سگهين جن خواهشاتنفس کي پنهنجو معبود بڻائي رکيو آهي ۔حضرت علي عه جن جو قولِ اطهر آهي ( جنهن جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پرستش ڪئي ٿي وڃي جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پوڄيو ٿو وڃي سو معبودِ اڪبر خواهشاٽِ نفس ئي ته آهي)۔
وسلام

Back
Top