• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

Moazam Ali

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت جي پوري سٿ کي هڪ ننڍڙو عرض آهي ته سنڌ سلامت فورم تي سڀ موضوع سٺا شامل ٿين ٿا پر سنڌ سلامت تي منهنجي نظر ۾ هڪ خامي نظر آئي جيڪا آئون توهان کي مشورو ٿو ڏيان ته اها خامي دور ڪئي وڃي اها خامي آهي تاريخ جي جيڪا روزانه جي معمول مطابق هجي ته سٺو بڌلائو اچڻ گهرجي عيسوي سن هجري سن جون تاريخون ڏينهن شامل ٿيڻ گهرجي۔

توهان دوستن جي مهرباني ٿيندي۔:yahoo:
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

مهرباني اوهان جي۔۔۔

انشاء الله اوهان جي صلاح تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش جلد ڪبي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

لک لائق اوهان جي ساٿ ڏيڻ جا
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

ادا توهان جي مهرباني منهنجي هن مشوري تي نظر ثاني ڪرڻ تي۔
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

ادا مشوري جي مهرباني ادا تمام بهترين مشورو آهي
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

وري وري پڙهڻ باوجود مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ادا معظم ڇا پيا چاهين۔۔۔
جيڪڏهن ادا جو خيال آهي ته عيسوي سن بجاءِ هجري سن جون تاريخون هجن ته اهو ان ڪري ممڪن نه آهي ته ڪمپيوٽر يا اسڪرپٽ کي ايتري ڄاڻ نه آهي ته چنڊ 29 جو ٿيندو يا 30 جو ۔۔۔ جيڪڏهن ان عمل کي پاڻمرادو بجاءِ مينيوئل طور ڪجي ته ڪافي مشڪل ڪم آهي جو فورم تي تاريخون ڪنهن هڪ جاءِ بجاءِ ڪافي جڳهين تي آهن۔۔۔ هوئن به ان عمل جي ڪا خاص ضرورت به نه آهي۔۔۔ ها اهو ٿي سگهي ٿو ته هجري تاريخ کي فورم جي مرڪزي صفحي تي هڪ جاءِ تي رکيو وڃي جيڪو روزانو تبديل ٿيندو رهندو ۽ رڪنن کي آگاهي ملي سگهندي ته اڄ چنڊ جي ڪهڙي تاريخ آهي۔۔۔

وڌيڪ ادا معظم ئي ٻڌائي ته هو ڇا ٿا چاهين۔۔
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

ادا رشيد منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌ سلامت تي ٽائيمنگ وانگر تاريخن ۽ ڏينهن جي انٽري به هجي جيڪا سڀني کي خبر پئجي سگهي ته اڄ تاريخ ۽ ڏينهن ڪهڙو آهي ٽائيم جي خبر پوي ٿي ته هن وقت ٽائيم ڇا ٿيو آهي ائين ئي تاريخن جي خبر پئجي سگهي۔ ادا ٻئي ڳالهه ته ٽائيم هيٺ لکيل آهي جنهن جي خبر نه ٿي پوي ٽائيم به وڏن اکرن ۾ هجي ۽ مٿي هجي ته بهترين آهي باقي توهان جي مرضي توهان هن ويب جا منتظم اعلي آهيون مهرباني ادا۔
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

دوست توهان جي صلاح تي عمل ڪندي سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي وقت ۽ تاريخ جو هڪ بلاڪ رکيو ويو آهي ۔۔۔ ڪوشش ڪري ان ۾ هجري تاريخ به شامل ڪئي وئي آهي پر جيئن ته هي تاريخ ڪنهن عرب سائيٽ تان ورتي وئي آهي ان ڪري پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيڻ وقت هجري سن جي اها تاريخ سعودي عرب ملڪ جي ڏيکاري وڃي ٿي۔۔۔ ڪوشش جاري آهي ته ان کي فڪس ڪيو وڃي۔۔۔ جڏهن ته عيسوي سن ۽ تاريخ توهان جي ڪمپيوٽر جي سيٽنگ مطابق رکيل آهي۔۔۔
ان ڪري جيڪڏهن توهانکي تاريخ غلط ڏسڻ ۾ اچي ته پنهنجي ڪمپيوٽر جي تاريخ ۽ وقت درس ڪرڻ سان نظارو درست نظر ايندو۔۔
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

ها يار رشيد ، ڪم ڀلو ٿيو ۔۔۔ هاڻ سنڌ سلامت گهمندي ،،، وقت سان گڏ تاريخ ۽ ڏينهن جي ڄاڻ پڻ ملندي ۔۔۔ لک ٿورا قرب
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

ماشاءَ الله واقعي به هي ڪم بهترين ٿي ويو، لک لائق انتظاميه جا ۽ مشورو ڏيندڙ دوست جا، هي ڪم اوهان جي ثواب ۾ اضافي جو ڪارڻ آهي ان شاءَ الله۔
 
جواب: هڪ ننڍڙي گذارش ۽ مشورو آهي ؟

مان توهان سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان ته منهنجي مشوري تي عمل ڪري توهان هڪ بهترين ونڊ تي عمل پيرا ڪري شڪر گذاري جو ثبوت ڏنو آهي
 
Back
Top