ٻار زندگي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

غزل
شاعر:سيف سولنگي

ڪا جيتَ زندگي آ
ڪا هارَ زندگي آ

ڪنهنجي ته وئي گذري
بيڪار زندگي ا

سُهڻيءَ چيو ته منهنجي
هُن پار زندگي آ

هوندِي سدا ڏُکنِ جي
بازار زندگي آ

هر روز ڪو ٿو سوچي
ڏينهن چار زندگي آ

ڏي ”سيفَ“ چنڊُ لاهي
ٿي ٻار زندگي آ

موڪليندڙ: علي چوهاڻ کيبرائي
 
جواب: ٻار زندگي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

زندگيءَ جا رنگ هزار ” سيف منگي “ صاحب انهن رنگن مان ڪجهه رنگن جو سهڻو اظهار ڪيو آهي ۔۔۔ عجب آهي دنيا ۽ ان کان وڌيڪ عجب آهي انسان جي زندگي ۔۔۔ ڪٿي غم ته ڪٿي خوشي ۔۔۔ هڪ ئي وقت هڪ پاڙي جي گهر ۾ ماڻهن کي روئندي ڏسبو ته ان ئي گهڙيءَ پاڙي جي ٻي گهر ۾ ماڻهن کي ٽهڪ ڏيندي ڏسبو آهي ۔۔۔

هڪ ماڻهون منڊو ٽنڊو ٿي پيو رستن تي خيرات گهرندي ملندو ته ان ئي رستي تي صحتمند انسان وڏيءَ ڪار ۾ اچي ان منڊي ٽنڊي فقير جي هٿن تي چند سڪا اڇلائيندو آهي ۔۔۔ آهي نه عجب جهڙي دنيا ۔۔۔

صاحب جي صاحبي آهي ۔۔۔!!!!

لک ٿورا
 
جواب: ٻار زندگي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا شاعر سيف سولنگي آ جيڪو اڏيرو لعل اسٽيشن جو رهاڪو آهي منهنجو پيارو دوست اهي۽سيف منگي ناهي ادا توهانجا لک قرب علي چوهاڻ کيبرائي
 
جواب: ٻار زندگي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هر روز ڪو ٿو سوچي
ڏينهن چار زندگي آ

ڏي ”سيفَ“ چنڊُ لاهي
ٿي ٻار زندگي آ

سٺي شاعري
 
Back
Top