دل مٿان تير جيان پئي گذري (جبار بوزدار)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
غزل

درد گھٽجي وڃي ته بهتر آ

وقت ڪٽجي وڃي ته بهتر آ

ــ

هوءَ جي همسفر نٿي ٿيئي

راھ مٽجي وڃي ته بهتر آ

ــ

دل مٿان تير جيان پئي گذري

ياد پٽجي وڃي ته بهتر آ

ــ

ساڻ تنهنجي ڪٿي وفائون هن

پيار لَٽجي وڃي ته بهتر آ

ــ

ڌار تو کان رهي جبار منهنجو

ساھ سَٽجي وڃي ته بهتر آ


281885_203029213082020_100001248279284_575071_2703675_n.jpg
 
جواب: دل مٿان تير جيان پئي گذري (جبار بوزدار)

جبار بوزدار جي شاعري پختي ۽ وڻندڙ هوندي آهي۔

سندس هي غزل به شاندار آهي ۽ ان سان گڏ عاشق جي ڊزائن به بهترين ۽ من کي موهيندڙ آهي۔
 
جواب: دل مٿان تير جيان پئي گذري (جبار بوزدار)

جبار بوزدار جي شاعري پختي ۽ وڻندڙ هوندي آهي۔

سندس هي غزل به شاندار آهي ۽ ان سان گڏ عاشق جي ڊزائن به بهترين ۽ من کي موهيندڙ آهي۔

محترم پسند ڪرڻ جي مھرباني۔۔۔۔ٿورا
 
Back
Top