هڪ جرئتمند صحافي فقير محمد لاشاري
سسئي پليجو
مون کي اڄ به اها شڪاگو جي دل ڏکوئيندڙ رات ياد آهي، جڏهن اسحاق تنيي جي گهر ڊاڪٽر ايوب شيخ فون تي اسان کي اها غمناڪ خبر ٻڌائي ته پ پ جي لانگ مارچ جي ڪال تي لاهور کان اسلام آباد ايندي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، جنهن ۾ فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اڍيجو ته ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن، باقي غلام قادر پليجو (بابا) ۽ جڳديش ملاڻي سخت زخمي آهن، (پوءِ جڳديش ملاڻي به لاڏاڻو ڪري ويو.) مون کي ته يقين ئي ڪونه پئي آيو ته اهو چاچا فقير محمد، جنهن مس ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مون کي آمريڪا فون ڪري چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ آئون ۽ غلام قادر به اوهان سان گڏ هونداسين، اهو ايترو جلدي ۽ اوچتو موت جي منهن ۾ هليو ويندو! مون ته اڃا انهن جو انتظار پئي ڪيو. آمريڪا ۾ به جيڪي سنڌي آهن، جنهن جنهن اها دل ڏاريندڙ خبر ٻڌي، سڀني کي ڏک ٿيو. وري ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي، نورالدين سرڪي، ادا رحمان سومرو، ادي نرگس ۽ ٻين تعزيتي ميڙاڪو رکيو.
منهنجي زندگي تي وڌ ۾ وڌ اثر انداز ٿيڻ وارن ڪجهه ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو فقير محمد لاشاري رهيو آهي. پهريون دفعو فقير محمد لاشاري کي تڏهن ڏٺم، جڏهن هو راهوڪي ۾ فاضل راهو شهيد جي پهرين ورسي ۾ شريڪ ٿيو. ملڪ جا ناليوارا سياستدان اچي گڏ ٿيا هئا، تمام جذباتي انداز ۾ تقريرون ڪري پنهنجي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيائون، جو موقعو ئي اهڙو هو پر جڏهن فقير محمد لاشاري کي سڏيو ٿيو ۽ هن اسٽيج تي اچي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته تعجب ٿيو. هو ٻين کان ڪافي مختلف لڳو. آئون ته منجهي پيس، پنجين ڇهين درجي ۾ پڙهندي هيس، سو لفظن کان وڌيڪ ايڪسپريشن کي ڏسي ڳالهه جي مقصد ۽ وزن جو اندازو لڳائيندا هئاسين پر هتي لهجو ايترو ته ڌيمو ۽ نرم هو، جو خبر ڪونه پئي ته هي ماڻهو ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري، سندس سڀ فلسفياڻيون ۽ منطق ڀريون ڳالهيون دماغ ۾ ويهڻ بدران مٿان گذري ويون، پر جڏهن ڏٺم ته اتي ويٺل تقريبن لک کن ماڻهو جڏهن خاموش ۽ توجهه سان فقير محمد جون ڳالهيون پيا ٻڌن ته سمجهيم ته پڪ ڪم جي ڳالهه هوندي. ان پهرين ملاقات يا سڃاڻپ بعد ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن کيس پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي ڏٺم ته آئون ڪافي متاثر ٿيس. فقير محمد جي بيباڪ ۽ تکين لکڻين اسان کي لاشاري جي بنهه ويجهو ڪري وڌو. فقير محمد لاشاري هڪڙو بنهه منطقي سوچ رکندڙ ۽ حقيقت پسند ليکڪ هو، پر اصل ۾ هن ذهن ۽ دل ۾، جسم ۽ روح ۾ رومانيت ڀريل هئي. هن پنهنجي ڌرتي، قوم، قلم ۽ فرض سان اهو رومانس آخري توڙ تائين نڀايو. هن جا اڃا ڪيئي خواب، آدرش، ڪم ۽ مقصد هوندا، جيڪي سندس وقت کان اڳ نوجواني واري موت پورا ٿيڻ نه ڏنا. هو هڪ اهڙو صحافي ۽ ليکڪ، جيڪو سدائين پنهنجي نظرئي ۽ نظرياتي اصولن تي قائم رهيو هو. پنهنجي وقت جي ٻرندڙ حالتن ۽ ٻرندڙ دلين جو پرجوش آواز ۽ سڄاڻ ترجمان هو.
ليکڪ ٿيڻ ايڏي وڏي ڳالهه آهي، جيتري وڏي ڳالهه ان لکڻي لاءِ منفرد اسٽائيل تخليق ڪرڻ، ڳالهين کي ۽ مسئلن کي بيان ڪرڻ ۾ فقير محمد جو نمايان انداز رهيو آهي، جيڪو لاشاري صاحب جي سڃاڻپ بڻيو. فقير محمد جي وڏي خوبي اها هئي ته هر روز ۽ هر ڀيري سندس قلم پراثر تخليق جي لاءِ حرڪت ۾ ايندو هو. هو ماڻهو کي جذباتي بنائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندو هو پر سندس ليک ماڻهوءَ کي جاڳائڻ لاءِ ضرور هوندا هئا. هن ڪڏهن به بي مقصد ۽ بي وقتي ڳالهين سان لفظن جو سونهري ڄار اڻي ماڻهن کي فئنٽسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
صحافت جي دنيا ۾ گهڻا ماڻهو سٺو لکندا رهيا آهن پر چهڪ وجهندڙ سچاين ۾ حقيقتن جا اهڙا ڇرڪ فقط فقير محمد ئي ڀرائي سگهيو. هن ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ سان گڏوگڏ پنهنجي حصي ۾ آيل انصاف جون به تقاضائون پوريون ڪيون. هن ڪڏهن به درٻاري ليکڪ جو تاثر نه ڏنو. چاپلوسي واري ماحول جو حصو هوندي به ان کان ڪڏهن متاثر نه رهيو. هي اهڙو ماڻهو هو، جنهن لاءِ ڌرتي پهرين ترجيح هئي ۽ عملي زندگي ۾ هن هر محاذ تان پنهنجي قوم ۽ ڌرتي لاءِ وڙهي اهو ثابت به ڪيو. ڪنهن کي للڪارڻ اهو به ايتري ٻولي ۽ بي باڪ نموني ۽ اهو به تڏهن جڏهن خبر هجي ته سامهون وارو چاهي ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. ڄام صادق ۽ مظفر شاهه جا نالا کڻي جنهن نموني همت ۽ بهادري سان هن سندن خلاف لکيو. جنهن جرئت جو مظاهرو ڪيو، اهڙو قلم اهڙا اکر، اهڙي جرئت فقير محمد لاشاري جي ئي ٿي سگهي ٿي.
ناڻي ۽ پاڻي واري ٺاهه جي خلاف ڄام صادق علي ۽ مظفر شاهه لاءِ سندس طنز ڀريل ايڊيٽوريل لکڻ تي ڪڏهن ڄام صادق علي کيس خريد ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته ڪڏهن کيس ڌمڪايو پر هو پنهنجي موقف تان نه هٽيو. لساني دهشتگردي خلاف جيترو لاشاري لکيو ۽ جهڙو بيباڪي سان لکيو، ان دور ۾ اهو ڪنهن رسڪ کڻڻ کان گهٽ ڪونه هو، جڏهن ته لالو کيت ۾ رهندي ائين ڪرڻ اڃا وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه هئي. ڪافي ڀيرا کيس فون ۽ چٺين رستي ڌمڪايو ويو پر هن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، ڇو جو هي اهو ماڻهو هو، جيڪو مارشل لا واري دور ۾ وڏيرن، ضياءَ ۽ سندس هم خيال سياستدانن جي خيالن ۽ نظرين کي للڪاري چڪو هو. ڏٺو وڃي ته سندس هر ايڊيٽوريل پنهنجي قوم پاران ڏک ۽ درد جي دانهن بلڪه انهن جي گونگي زبان جو آواز هو. هن جا ايڊيٽوريل ڪڏهن قوم لاءِ صلاحڪار ته ڪڏهن وري سندس ماڻهن جا نمائندا ٿي بڻيا، ان لاءِ سندس هڪ مخصوص اسٽائيل هو، بلڪه ائين چوڻ کپي ته ايڊيٽوريل جي دنيا ۾ فقير محمد نئون طرف اختيار ڪيو، ان لحاظ کان هو صحافت جي ميدان ۾ هڪ ٽرينڊ سيٽر صحافي يا ايڊيٽر ٿي رهيو. پنهنجي معلوماتي ۽ حقيقت تي ٻڌل انگن، اکرن ۽ دلچسپ تبصرن ۽ جملن ڪري هن عوام کي مجبور ڪيو ته هو پهرين ايڊيٽوريل پڙهن. هن توريل تڪيل لفظن واري پراڻي ۽ روايتي انداز کي رد ڪري اهڙي ٻولي ۾ اظهار ڪيو، ڄڻ هو ڳالهائيندو هجي، پاڻ مخاطب هجي، جڏهن هو انسان دشمن، سنڌ دشمن، مفاد پرستن ۽ دهشتگردن جي سرپرستن تي ڇوهه ڇنڊيندو هو ته هر لفظ مان ائين ٿي لڳو ڄڻ هو انهن سان نفرت ڪندو هجي ۽ هر لفظ هڪ قسم جي جنگ پئي جوٽي، جنهن مان طنز خار ۽ ڏک نمايان هو. ائين هر دفعي سندس خيال لفظن جو روپ وٺي ناانصافي، ظلم ۽ بربريت خلاف ويڙهه ٿي ڪئي.
اهو سچ آهي ته لاشاري صاحب واريءَ جنريشن کي اهڙو ماحول مليو جو هو مزاحمت جي ميدان ۾ پنهنجي پاڻ کي اڳڀرو ڪري سگهيا، جو ان وقت احتجاج ۽ بغاوت ان مهل جي گهرج هئي، پر اها به حقيقت آهي ته صحافت ۽ ادب واري مزاحمت ۾ جيڪي لاڙا اڳ ۾ پيدا ڪيل هئا، انهن کي آڱر کان جهلي پير پير کڻائي، انهن جو جديد نموني انقلابي طرز تي نيپاج ۽ پوءِ انهن کي عوامي سطح تي سگهارو ڪري متعارف ڪرائڻ ۾ فقير محمد جهڙن صحافين ۽ ليکڪن جو وڏو ۽ تمام وڏو ڪردار رهيو آهي.
هڪ ننڍي ڄمار وارو صحافي، جنهن جي عمر جو ايترو تجربو ته ڪونه هو پر سندس دور انديشي، ڄاڻ، تجزيه نگاري ايتري ته پختي هئي، جو سندس ڀيٽ ۾ ڪنهن به وڏي عمر جي نهايت تجربيڪار دانشور ۽ صحافي سان ڪري سگهجي ٿي. فقير محمد لاشاري ان دور ۾ رسڪ کنيو، جڏهن ذهني ويڙهه، ادبي بغاوت ۽ راءِ جي خودمختياري جا انعام سرعام ڪوڙا ۽ ڦٽڪا ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙي هئي. هو ان ڳالهه جو قائل هو ته ماڻهو جي سڃاڻپ سندس آدرش ئي آهن. بقول سندس جڏهن ڪابه من پسند راهه نه بچي هجي، سڀئي آپشنز ايترا وڻندڙ نه هجن ته ان صورت ۾ ليکڪ جو لاڙو اهڙين قوتن ڏانهن هئڻ کپي، جيڪي سندس آدرشن کي وڌيڪ ويجهو هجن، پوءِ ڀلي اهي کيس مڃتا ڏين يا نه. آئون سمجهان ٿي ته اڄ ڪلهه جي انا پرستي، پاڻ پڏائڻ ۽ خود پسندي واري دور ۾ ڪو ماڻهو بنا مڃتا جي ويٺو لکي ته ڪا گهٽ ڳالهه ڪونهي پر ڪو وقت اهڙو به آيو، جڏهن فقير محمد لاشاري ائين به ڪيو. اهو فقير محمد، جيڪو ڪڏهن ڪنهن جي آڏو نه جهڪيو ۽ نه ئي ڪنهن کان ڊنو، جنهن جي قلم به آخر تائين پنهنجي جرئت نڀائي، جنهن وقت جي آمرن کي فقط چئلينج ڪونه ڪيو پر خود انهن لاءِ چئلينج بڻجي ويو. ان فقير محمد لاشاري پنهنجي ٿوري عرصي واري سهي، پر وزنائتي موجودگي سان جنهن نموني اسان جي هن بي رحم ۽ ظالم سامراج خلاف ويڙهه کي تيزي ڏني، ان لاءِ اسان جي نسل پاران کيس سلام آهي. هو ڀلي اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي پر هن پنهنجي لکڻين وسيلي اسان ماڻهن لاءِ جيڪو اثاثو ڇڏيو آهي، اسين ان لاءِ فقير محمد لاشاري جا تاحيات شڪر گذار رهنداسين. اسين واقعي سندس ٿورائتا آهيون ته هن اسان کي نسبتن گهٽ عرصي ۾ ذهن کي جهنجهوڙيندڙ شعور جا اهي گس ڏيکاريا، جتان خبر پئي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي؟ ظالم ڪير ۽ مظلوم ڪير؟ مون کي خوشي آهي ته ههڙي غير معمولي ۽ ذهين ماڻهو سان منهنجي ذاتي سڃاڻپ ٿي ۽ مون کي کانئس ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو. ڪڏهن ڪڏهن سندس ڌيءَ نصرت کان ورتل انهن جي لائبريري جو ڪتاب پڙهندي ان تي فقير محمد جا هٿ اکر ڏسندي آهيان يا سندس قلم سان انڊر لائين ڪيل لفظن تي نظر پوندي آهي ته وڌيڪ سرهائي ٿيندي اٿم.
sassui@hotmail.com

روزانه ڪاوش 16 جولاء 2011