• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسينن کي هر روز تحفا ... استاد بخاري

مظهر شاه

سينيئر رڪن
،
حسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا،
جي نغما نه آهن ته سڏڪا ڏيون ٿا
اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا
سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا
چري دل کي تنهنجي چپن جو قسم آ
دلاسا نه هوندا ته دڙڪا ڏيون ٿا
گهڙيون چار بازار جو چهچٽوآ
اسان کان وٺو پيار هوڪا ڏيون ٿا
ٻه ڳوڙها ٿڌي ساه ۾ يار ويڙهي
اٿڻ وقت استاد ڀيٽا ڏيون ٿا.

استاد بخاري


پاران مظهر شاه

.....................................

ادا دوست مٿان مرشد جو نالو اچي ويو آغلطي سان
 
Back
Top